چورَ جي سنڌي معنيٰ
چوري ڪندڙ، پرائي شيءِ لِڪِي ڇُپِي کڻي وڃڻ وارو. دُزد، چوراٽيو. ڪاٽِڪُو ، ڳُجَهہ ڳوھَ ۾ پرائي شيءِ کڻي وڃڻ وارو. ڦورو
ذريعو:ڀٽائي پيڊيا
English Meaning
Thief, robber, burglar, stealer
چورَ جا بيتن ۾ حوالا
ڪِھَڙي مَنجِهہ حِسابَ، ھُوئَڻُ مُنھِنجو ھوتَ ري،
گولِي ڀَڄُ گُناھَ کان، ڪونِهي سُودُ ثَوابَ،
نَڪِي تَقاوَتَ ۾، نَڪِي مَنجِهہ رَبابَ،
خُدِيائِي خُوبُ ٿِيين، لائِيين جَي لُعابَ،
پَلِيتو ئِي پاڪُ ٿِيين، جُنُبِئو مَنجِهہ جُنابَ،
ھادِيءَ سين ھُنَ پارَ ڏَي، ريڙِيين ساڻُ رِڪابَ،
چَنبو وِجِهي چورَ جِيئَن، آئُون ڇَڙِ عُقابَ،
دِيدُ وِڃايُمِ دوسِتَ جو، ھَلِي مَنجِهہ حِجابَ،
ڪَسرَتَ آھي قُرِبَ ۾، اِدغا ۾ اِعرابَ،
سو نَہ ڪَنھِن شَيءِ ۾، جيڪِي مَنجِهہ تُرابَ،
جٖي جَهرَڪِئا جَرَ تي، اِيءَ تانْ سَڀَ حُبابَ،
فَنا وِجَهندَءِ فَمَ ۾، ڪارَڻِ ٿِيءُ ڪَبابَ،
ڏي طَھُورا تَنِ کي، جٖي سِڪَنِ لَئي شَرابَ،
مُٺِيءَ ڪِئا مَرضَ ۾، ياوَھ سَڀَ جَوابَ.
[ سُر سھڻي، وايون، 1 ]

دَنگِي مَنجِهہ دَرياھَ، ڪِي ٻُڏي ڪِي اُپِڙي،
ھُو جٖي واڍي واڻِئا، سُونھَڻَ سَڀَ سَڙِئا،
مُعلِمَ ماڳِ نَہ اڳِيين، فِرَنگِي مَنجِهہ ڦِرئا،
مَلاحَ تُنھِنجِيءَ مَڪُڙِيءَ، اَچِي چورَ چَڙِهئا،
جِتي ڍِينگَ ڍَرِئا، تِتي تارِي تُنھِنجِي.
[ سُر سريراڳ، املهہ وکر، 14 ]

نَڪِي آھِيُون چُوھَڙا، نَڪِي آھِيُون چورَ،
ھاگاما ۽ ھورَ، ڪُتا ڪَرِيين ڪَنِ تي.
[ سُر معذوري، ڪتا ۽ ڪوھ، 7 ]
ھاگاما ۽ ھورَ، ڪُتا ڪَرِيين ڪَنِ تي.
[ سُر معذوري، ڪتا ۽ ڪوھ، 7 ]
اَڌَرَ نِڌَرَ اَڀَرِي، اَسُونھِين آئُون،
چِيٽا چورَ چُنجِهنِ ۾، بَرَ ۾ بَلائُون،
موٽِجِ پُنهون پاھُون، مَڇُڻ مُحِبَ مَرِي رَھان.
[ سُر معذوري، اڌر نڌر ۽ ھيڪلي، 3 ]
چِيٽا چورَ چُنجِهنِ ۾، بَرَ ۾ بَلائُون،
موٽِجِ پُنهون پاھُون، مَڇُڻ مُحِبَ مَرِي رَھان.
[ سُر معذوري، اڌر نڌر ۽ ھيڪلي، 3 ]
چِيٽا چورَ چُنجِهنِ ۾، جِتِ سيڙِھِيُون شِينھَن سُڄَنِ،
اُتي عَبدالَطِيفُ چئَي، ڪي ھيڪَلِيُون ھَلَنِ،
سِڪَ رَساڻي تَنِ، مَرَڻُ جَنِ موجُودُ ٿِئو.
[ سُر معذوري، سُڻڻ، ٻُڌڻ ۽ مڃڻ، 8 ]
اُتي عَبدالَطِيفُ چئَي، ڪي ھيڪَلِيُون ھَلَنِ،
سِڪَ رَساڻي تَنِ، مَرَڻُ جَنِ موجُودُ ٿِئو.
[ سُر معذوري، سُڻڻ، ٻُڌڻ ۽ مڃڻ، 8 ]
English Meaning
Thief, robber, burglar, stealer