چُورِما جي سنڌي معنيٰ
چُورڻيون ڪُٽِيون گيھ ۽ کنڊ ۾ ڳوهِيَل ماني، چُورِي، مَلِيدا. لذيذ کاڌا. سَڻڀا طعام.
ذريعو:ڀٽائي پيڊيا
English Meaning
Kind of dishes made of sugar, crumbled bread.
چُورِما جا بيتن ۾ حوالا
سَرَتِنِ سَختَ سَنِيھَڙا، ڏيئِي مُڪا ڏُونھِن مَلِيرَ،
آھِينِ عُمَرَڪوٽَ ۾، کَنڊُ مِٺايُون کِيرَ،
چَسا کائِي چُورِما، ھِرِيئَن ساڻُ حَمِيرَ،
ڪَنڊا قُوتُ ڪَرِيڙَ، ڪِ تو وِئَڙا وِسَرِي.
[ سُر مارئي، آڻين چاڙهين، سون برابر سڳڙا، 15 ]

چَشا چائُرَ چُورِما، قِيمو قَليو اَنُ،
جيڪِي آڇي سُومَرو، سو مُورِ نَہ باسي مَنُ،
پوئِينءَ راتِ پِڙِ پَئي، جَي مُون مانِيءَ ڪَنُ،
تازو ڀانيان تَنُ، سَؤُ ڀيرا ساڻيھَ ۾.
[ سُر مارئي، آڻين چاڙهين، سون برابر سڳڙا، 16 ]