چُورُ جي سنڌي معنيٰ
چُورڻَ پِيٺل، چورو ٿيل. ذرا ذرا ٿيل، ڀَڳَل، ٽُٽَل، چِڪنا چُور، ٿَڪل، کُهيَل، هَڄِيَل، هِيسيَل، مدهوش، مَتوالو، ورتَلُ نشي ۾. غرق، ٻُڏَل خيالن ۾.
ذريعو:جامع سنڌي لغات
English Meaning
Broken or reduced to atoms by pounding. pulverized. Fatigued, tired.
چُورُ جا بيتن ۾ حوالا
جيڏِيُون ھِيءُ ضَرُورُ، آيَلِ ڪِيئَن رَھَندو پِرِينءَ ري،
سَگهو ساٿَ نَہ جِندَڙو، چارَئِي پَھَرَ چُورُ،
مَنَ ۾ مُشتاقَنِ جي، ساجَنَ تُنھِنجو سُورُ،
پيرين آئُون نَہ پُڄِڻي، ڏيھُ پِريان جو ڏُورِ،
وَڃي ويلَ سَڀَ ڪَنھِن، ھِينئَڙو پِرِينءَ حُضورُ.
[ سُر کنڀات، وايون، 7 ]

ڪَچُ ڪَمايُمِ ڪُوڙُ، ڀَڳَمِ عَھَدَ اللهَ جا،
پِڃِرو جو پاپَنِ جو، چوٽِيءَ تائِين چُورُ،
مَعلُومُ اَٿيئِي مُورُ ڳُوڙھا اِنَهِيءَ ڳالِهہ جو.
[ سُر سريراڳ، تياري ۽ ساٺ، 7 ]

گهَڙو ڀَڳو تَہ گهورِئو، مَرُ چُورُ ٿِئي چُوڙو،
طالِبُ المولىٰ مُذَڪِرُ، اِيءُ ٻُڏَندَنِ ٻُوڙو،
گهورِئو ڏَمُ ڪُوڙو، مُون ميھارُ ئِي مَنَ ۾.
[ سُر سھڻي، پاڻ م کڻ، گهڙو ڀڳو گهورئو، 21 ]