پَٽِيين جي سنڌي معنيٰ
پٽن، ميدانن يا ڌرتيءَ تي.
ذريعو:ڀٽائي پيڊيا
English Meaning
On lands, on grounds, on earth.
پَٽِيين جا بيتن ۾ حوالا
ڪا جَا ڳالِهہ ھُئِي، ٻاروچي جي مَنَ ۾،
سِرُ سَنگهَرِ پُرِ پَٽِيين، تُون جا لوڪَ سُئِي،
سَسُئِي سَنگهَرَ پَٽِيين، ڪيرُ چُوندو مُئِي،
پَنڌُ ڪَرِيندي پِرِينءَ ڏي، ڪَڏِھِين ڪا نَہ کُھِي،
آن ڪا ڏِنِي اوٺِيا کيرِنِ پاسِ کُھِي.
[ سُر آبڙي، وايون، 18 ]

جيڏِيُون جاجَڙَ لائِي، جِيءَ جَتَنِ سين،
سا سَرَتِيُون سِيباڻِئامِ، تَنھِن جِيئَڻُ جالَ ڪِئومِ،
مَھَرَ جا مَيَنَ جِي، سَنجهي ھَٿِ ھُيامِ،
صُبحِ سُتي سُکَ ۾، ويسَلي وِئامِ،
ڪِيھُون ڪوھَنِ پَٽِيين، ڪُوڪُون جَمازانِ،
ھوتاڻِي ھَٿُ کَڻي مَنَ پُنهون پِيادِيانِ،
ھَڪَل ھوتَ پُنهونءَ جِي، سَڳَرَ ۾ سُيامِ،
ڏورِيندي ۾ ڏُونگَرين، ٿاھَرَ ٿوڀَ ٿِئام،
ڪوڙيِين ڀالَ پُنهونءَ جا، گَنجي مَنجِهہ گُهرِيامِ،
سُتي سَنگهَر پَٽِيين، جَنھِن سِگهَڙِي سارَ لَڌِيام،
وِلِهُون ويلا ڇَپَرين، ڪارَڻِ جَنِ ڪِئامِ،
موٽِي ماءُ ڀَنڀورَ ۾ اَڱَڻِ سي آيامِ.
[ سُر معذوري، وايون، 3 ]

اوڏِي آيَس جانۡ پِريان جي پيچِري، ويجهِي وِندُرَ جَنِ وَرَنِ،
مَدِي نَہ ھُيَنِ مَنَ ۾، ڪيچان ڪوھُ اَچَنِ،
جٖي تو اوڏا ڀانيا، ڏُونگَرَ ڏُورِ ڏِسَنِ،
آڻي ٻَڌا اوٺِيين، موتِي کي مَيَن،
آڻي لاٿِيُون اوٺِيين، لَڏوُن ڀَر لَڪَنِ،
وِندُرِ وائِي جا وَھي، مُون کي سا نَہ سَلَنِ،
سُونھَنِ سَنگهَر پَٽِيين، مَنَھَن مَعذُورِيَنِ،
مَرَڻَ مُنھِنجي کي ڪِئو، ھِيءُ پَھُ ٻاروچَنِ.
[ سُر آبڙي، وايون، 9 ]

ڏُکِي ڏِکَ وِسارِ، سيڄَ ڦِٽِي ڪَرِ سَسُئِي،
پَٽِيين پيرُ نِھارِ، تَہ آرِياڻِي اُتان لَھين.
[ سُر معذوري، ڏُکِيءَ ڏک، 6 ]

ھِينئَڙو ٿو ھُنَ ساري مُنھِنجو ساھُ سَيِّدَ کي ٿو ساري،
جيڏِيُون آئُون ھَلَندِي ويندِي ھوتَ ڏي،
جيرو اَندَرِ جِندَڙي، وِئو ٻاروچو ٻاري،
سَچو سُخُنُ سُپِرِين، قَولُ پُنَهلُ پَنھِنجو پاري،
پَنڌَ اَڙانگا پَٽِيين، مُون کي ڪوھِيارو ٿو ڪاري،
ھوتَنِ ھَلَڻُ مَنَ ۾، ڪيرَ گهَڙِي ھِتِ گهاري،
آسَرَ ڀَري آھِيان، واحِدُ آڻينِ واري،
وِڌا ڪَمَ ڪَرِيمَ تي ھِنَ ويچارِيءَ واري.
[ سُر ديسي، وايون، 3 ]

جِيئَن سي ھَرَڻُ ھُماءُ، سَرگَردان سَنسارَ ۾،
ھُو پَڳُ نَہ ڌَري پَٽِيين، ھِيءُ ڌَرۡ سِر ڌَري نَہ ساھُ،
جيڪُسِ تَنِ مُلا، سَسُئِيءَ سُورُ پِرايو.
[ سُر ديسي، واٽُون ۽ سُور، 1 ]

ڪِيچِيَنِ ڪَرَھَ پَلاڻِئا، جا تِيرا جَتَنِ،
ڪاجاوا ڪَرَھَنِ تي، جَڙِئا جالَ جَتَنِ،
گورِبَندَ گُنگَنِ کي، ٽَلِيُون سين ٽَؤُنرَنِ،
ٻَڌا ڏورِيءَ وَڃَنِ چورِيءَ، اُنِ جا کُرَ نَہ کُڙِڪو ڪَنِ،
تَنِ جو پيرُ نَہ لَڳو پَٽِيين، توڻي ڪامُنِ سان ڪُٽِجَنِ،
ٽوري ٽَڪَرِ چاڙِھِئا، ساجُهرِ سَرواڻَنِ،
اَللہ اُٺَ اَچَنِ، جَنِ پُنهون نِيو پاڻ سين.
[ سُر ديسي، ڏيرن ناھي ڏوھ، 11 ]

ويٺِي پُوڄِي پِيرَ، سَسُئِي سَنگهَرَ پَٽِيين،
اُسَ مَ لَڳي اُوٺِيين، ھاڙِھي لَڳي نَہ ھِيرَ،
ڪارِيءَ راتِ قَندِيلَ ٻَرِيَمِ ٻاروچَن جا.
[ سُر ديسي، ڏيرن ناھي ڏوھ، 17 ]

نِڪِرُ ڏُکِي ڏيھَ مان، ھاڻي ڇَڏِ ھِيءُ ھَنڌُ،
ڪارَڻِ ھوتَ پُنهونءَ جي، راھَ پُڇائِجِ رَندُ،
سَفَرُ طَوِيلُ وَزادَھا قَلِيلُ، پَٽِيين اَڙانگو پَنڌُ،
ڪِيچِيَنِ ڪارَڻِ ڪَنڌُ، ڏيئِي مَرِجِ ڏُونگَرين.
[ سُر ديسي، ٻروچڪي ٻولي، 28 ]

ڪِئا ويچارِيءَ وَسَ، ڪارَڻِ ڪوھِيارِي گَهڻا،
گهَڻو پُڇيائِين ڏوٿِيين، سَندا ڏيرَنِ ڏَسَ،
لَمُو ڏوري لَسَ، سُتِي سَنگهَرَ پَٽِيين.
[ سُر حسيني، ڏورِڻ ۽ ڏسڻ، 8 ]