وَطَنُ جي سنڌي معنيٰ
ڏيھُ، ديس، ملڪ، ديش، اصلي ڳوٺ، ڄمڻ جو هنڌ، جنم ڀومي. (اصل شُڌ سنڌي ٻول وٿاڻ، جتان عربيءَ ۾ وطن لفظ ٿيو)
ذريعو:ڀٽائي پيڊيا
English Meaning
Native country, abode, home, native land.
وَطَنُ جا بيتن ۾ حوالا
سارَنگَ سارَ لَھيجِ، اللهَ لَڳِ اُڃِيَنِ جي،
پاڻِي پوڄَ پَٽَنِ ۾، اَرِزان اَنُ ڪَريجِ،
وَطَنُ وَسائِيجِ، تَہ سَنگهارَنِ سُکُ ٿِئي.
[ سُر سارنگ، بادل نيڻ ۽ مينھن، 6 ]
پاڻِي پوڄَ پَٽَنِ ۾، اَرِزان اَنُ ڪَريجِ،
وَطَنُ وَسائِيجِ، تَہ سَنگهارَنِ سُکُ ٿِئي.
[ سُر سارنگ، بادل نيڻ ۽ مينھن، 6 ]
قِسمَتَ آندِيُون ڪُونجڙَيُون، وَطَنُ سَندُنِ روھُ،
ڪَنھِن جو ڪونِهي ڏوھُ، رِزقُ رازِقَ ھَٿَ ۾.
[ سُر ڏھر، وڳرين ڪُونجون، 10 ]
ڪَنھِن جو ڪونِهي ڏوھُ، رِزقُ رازِقَ ھَٿَ ۾.
[ سُر ڏھر، وڳرين ڪُونجون، 10 ]
وَطَنُ مُون مَلِيرُ، قَضا آندِيَسِ ڪوٽَ ۾،
اَصلِ مُنھِنجي اَنگَ ۾، جُڙِئو ھو زَنجِيرُ،
چانڪ پِيئَندِيَسِ پِرِينءَ سين، پائُرَ جو پَنِيرُ،
ھاڃا ڪِئو حَمِيرُ، باللہ ني ٿو بَندَ ۾.
[ سُر مارئي، مارُن جو حال، 2 ]
اَصلِ مُنھِنجي اَنگَ ۾، جُڙِئو ھو زَنجِيرُ،
چانڪ پِيئَندِيَسِ پِرِينءَ سين، پائُرَ جو پَنِيرُ،
ھاڃا ڪِئو حَمِيرُ، باللہ ني ٿو بَندَ ۾.
[ سُر مارئي، مارُن جو حال، 2 ]
مارُنِ پاسي مِينھَن اُٺا، لَڏي ويندَڙي لوءِ،
اللهَ ڪو ھِتِ آڻِيين، پانڌِي پائُرَ جو،
ڪانَہ ٻُڌِيسُون ڪَڏِھِين، زَنجِيرَنِ ۾ جوءِ،
وَطَنُ جَنِ وِسارِئو، حَيفُ تَنِي کي ھوءِ،
اُتي عَبدِالْلَطِيفُ چئَي، سَدا ساوَڻُ ھوءِ.
[ سُر مارئي، وايون، 6 ]
اللهَ ڪو ھِتِ آڻِيين، پانڌِي پائُرَ جو،
ڪانَہ ٻُڌِيسُون ڪَڏِھِين، زَنجِيرَنِ ۾ جوءِ،
وَطَنُ جَنِ وِسارِئو، حَيفُ تَنِي کي ھوءِ،
اُتي عَبدِالْلَطِيفُ چئَي، سَدا ساوَڻُ ھوءِ.
[ سُر مارئي، وايون، 6 ]
جِتي مارُو تِتي پانڌِي اَلو! عُمَرَ او اِيندو،
پُڇان ڪوءِ عُمَرَ مِيان ويندو پُڇان لوءِ،
پَنڌان کارِئو پَھِيڙا، ڪِي جو اُڀَڙِي چوءِ،
مَٿي ماڙِيءَ مارُئِي، رُئاڙي ۽ روءِ،
راڄُ پَرَتو رَبَ کي، سُومَرا سَندوءِ،
مِلڪَ مارُوءَ جِي آھِيان، جورِ نَہ ٿِيان جوءِ،
سَھڄُ سُورِي ڀانيان، سُومَرا سَندوءِ،
ڪَڏِھِين سَئِيسُون ڪانَہ ڪا، زَنجِيرَنِ ۾ جوءِ،
پانڌِي پَنوَھارَنِ جو، ڪالَهہ نَہ آيو ڪوءِ،
سارِئو سانبِيَڙَنِ کي، رُوحُ مُنھِنجو روءِ،
وَطَنُ جَنِ وِسارِئو، حَيفُ تَنِي کي ھوءِ.
[ سُر مارئي، وايون، 8 ]

ماندِي ٿِيءُ نَہ مارُئِي، وَطَنُ ڪِيمَ وِسارِ،
پاهُون وَرُ پَنوهارِ، مَ سَھُہ آرَ عُمَرَ جِي.
[ سُر مارئي، سيئي سارئان سومرا، 10 ]
پاهُون وَرُ پَنوهارِ، مَ سَھُہ آرَ عُمَرَ جِي.
[ سُر مارئي، سيئي سارئان سومرا، 10 ]
سي ٿاريلا ٿَرِ ٿِئا، جٖي مان گَهٽُ گُهري،
وَطَنُ، وَسَ، وَسندِيُون، هِينئَڙي نِتُ هُري،
اَندَرِ چِتَ چُري، مُون کي وِرھُ ويڙِهيچَنِ جو.
[ سُر مارئي، جھ سي لوڙائو ٿئا، 16 ]
وَطَنُ، وَسَ، وَسندِيُون، هِينئَڙي نِتُ هُري،
اَندَرِ چِتَ چُري، مُون کي وِرھُ ويڙِهيچَنِ جو.
[ سُر مارئي، جھ سي لوڙائو ٿئا، 16 ]
فاتِحَه بَقَرَة سُومَرا، وَطَنُ ويڙِهيچَنِ،
نَحل حِجرِ بَنِي اسِرائِيل، اِي پَنڌُ پَنوَهارَنِ،
سَجدَہ اَحزابِ سَبا، مَنجِهين رُوم رَهَنِ،
نيئِي اَڏِئا اَمُنَ ۾، پَکا پَنوَهارَنِ،
سَڳَرَ ساڻيھَ سَرَتِيين، ريلِنِ مَنجِهہ رَهَنِ،
مُون کي مَنجهان تَنِ، پِئا لوھَ لَطِيفُ چئَي.
[ سُر مارئي، زمر زخرف سومرا، 18 ]

وِئا مورَ مَرِي، ھَنجُ نَہ رَھِئو ھِڪِڙو،
وَطَنُ ٿِئو وَرِي، ڪُوڙَنِ ڪانيرَنِ جو.
[ سُر ڪارايل، پاڙون پاتار ۾، 8 ]
وَطَنُ ٿِئو وَرِي، ڪُوڙَنِ ڪانيرَنِ جو.
[ سُر ڪارايل، پاڙون پاتار ۾، 8 ]
English Meaning
Native country, abode, home, native land.