مَينڌَرا جي سنڌي معنيٰ
مينڌرا ذات جو هڪ ماڻهو. (ڪناية) مومل جي عاشق راڻي جو (سندس ذات وارو) نالو. (ڇاڪاڻ تہ راڻو ذات جو مينڌرو هو).
ذريعو:جامع سنڌي لغات
English Meaning
Mendhara (A surname of Sindhi tribe)
مَينڌَرا جا بيتن ۾ حوالا
مِيان مَينڌَرا تو جيھا ھُئا، مُون سين پُرسَنِ پَنجَ ھَزارَ،
ھِڪِيُون کاڻِيُون خَزانَنِ جُون، ٻِئا موتِي مَڻِيارَ،
قِصو ڪَھَندا وَڃَنِ ڪاڪِ جو، ٻِي پُرِسَنِ ناھِ پَچارَ،
سَڀَ مارايو يارَ، موٽِئو وَڃان مَينڌَرا.
[ سُر راڻو، ڪاڪ قاصد ۽ آسڻ، 5 ]
ھِڪِيُون کاڻِيُون خَزانَنِ جُون، ٻِئا موتِي مَڻِيارَ،
قِصو ڪَھَندا وَڃَنِ ڪاڪِ جو، ٻِي پُرِسَنِ ناھِ پَچارَ،
سَڀَ مارايو يارَ، موٽِئو وَڃان مَينڌَرا.
[ سُر راڻو، ڪاڪ قاصد ۽ آسڻ، 5 ]
شَمعَ ٻارِيندي شَبَ، پِرھَ باکُون کوڙِيُون،
موٽُ مَران ٿِي مَينڌَرا، راڻا ڪارَڻِ رَبَ،
تُنھِنجِيءَ تاتِ طَلَبَ، ڪانگَ اُڏايَمِ ڪاڪِ جا.
[ سُر راڻو، ڏِيئا، تيل ۽ مھمان، 1 ]
موٽُ مَران ٿِي مَينڌَرا، راڻا ڪارَڻِ رَبَ،
تُنھِنجِيءَ تاتِ طَلَبَ، ڪانگَ اُڏايَمِ ڪاڪِ جا.
[ سُر راڻو، ڏِيئا، تيل ۽ مھمان، 1 ]
راڻا تُنھِنجِيءَ راھَ تي، ويٺِي رُئان رَوَ،
دوسَ دِلِاسو جَي ڏيِين، مُون کي جيڏو جَوَ،
جَي سوڍَنِ مِڙَنِ سَوَ، تَہ تُنھِنجو مَٽُ نَہ مَينڌَرا.
[ سُر راڻو، ڏِيئا، تيل ۽ مھمان، 15 ]
دوسَ دِلِاسو جَي ڏيِين، مُون کي جيڏو جَوَ،
جَي سوڍَنِ مِڙَنِ سَوَ، تَہ تُنھِنجو مَٽُ نَہ مَينڌَرا.
[ سُر راڻو، ڏِيئا، تيل ۽ مھمان، 15 ]
حالُ قُربانُ مالُ قُربانُ، جانِ قُربانُ، گهورِئان لُڊاڻو،
فِدا ٿِيءَ فَقِيرِ سين، رُسي مَ راڻو،
مُيِنِ سين ماڻو، مُناسِبُ نَہ مَينڌَرا.
[ سُر راڻو، ڏِيئا، تيل ۽ مھمان، 29 ]
فِدا ٿِيءَ فَقِيرِ سين، رُسي مَ راڻو،
مُيِنِ سين ماڻو، مُناسِبُ نَہ مَينڌَرا.
[ سُر راڻو، ڏِيئا، تيل ۽ مھمان، 29 ]
لوڊِي لَکَ اَچَنِ، رُوءِ راڻي جي ناھِ ڪو،
ھِڪُ اَکِيُون ٻِئا اَڱڙا، پَرِ ۾ ٿا پَچَنِ،
سي ڪِيئَن مَينڌَرا مَچَنِ، جي تو سوڍا سُورِيءَ چاڙھِيُون.
[ سُر راڻو، چندن، لوڊي، ڪاڪ ڇڏڻ، 10 ]
ھِڪُ اَکِيُون ٻِئا اَڱڙا، پَرِ ۾ ٿا پَچَنِ،
سي ڪِيئَن مَينڌَرا مَچَنِ، جي تو سوڍا سُورِيءَ چاڙھِيُون.
[ سُر راڻو، چندن، لوڊي، ڪاڪ ڇڏڻ، 10 ]
ڪَرَ موڙِيندي ڪاڪِ تَرِ، مُومَلَ ڏِٺِي مُون،
اُٿِلِيُسِ آھُون ڪَري، ڀِرِي مَٿي ڀُون،
سا جي ڏِسين تُون، تَہ موٽين ڪِينَ مَينڌَرا.
[ سُر راڻو، خابرو ڪاپڙي ۽ گُجر، 16 ]
اُٿِلِيُسِ آھُون ڪَري، ڀِرِي مَٿي ڀُون،
سا جي ڏِسين تُون، تَہ موٽين ڪِينَ مَينڌَرا.
[ سُر راڻو، خابرو ڪاپڙي ۽ گُجر، 16 ]
ڏِجاھُ ڍَاٽِيءَ ڍولَ کي، سَنِيھو ساري،
مُون کي ڦَٽُ فِراقَ جو، مَينڌَرا ماري،
اَچين نَہ واري، ڪَرَھو ڪَمِيڻِيءَ تي.
[ سُر راڻو، رُس مَ رُسڻ گهورئو، 2 ]
مُون کي ڦَٽُ فِراقَ جو، مَينڌَرا ماري،
اَچين نَہ واري، ڪَرَھو ڪَمِيڻِيءَ تي.
[ سُر راڻو، رُس مَ رُسڻ گهورئو، 2 ]
سوڍا سُورَ سُڪايُون، اَکِيُون آبُ نَہ ڪَنِ،
راڻي جِيءَ رِھاڻِ کي، وِڏُوڻِيُون وَتَنِ،
سي ڪِيئَن مَينڌَرا مَچَنِ، جٖي تو سوڍا سُورِيءَ چاڙِھيُون.
[ سُر راڻو، رُس مَ رُسڻ گهورئو، 8 ]
راڻي جِيءَ رِھاڻِ کي، وِڏُوڻِيُون وَتَنِ،
سي ڪِيئَن مَينڌَرا مَچَنِ، جٖي تو سوڍا سُورِيءَ چاڙِھيُون.
[ سُر راڻو، رُس مَ رُسڻ گهورئو، 8 ]
رُسُ مَ رُسَڻُ گهورِئو، ڇَڏِ راڻا ريڏائِي،
لَپيٽِجِ لَطِيفُ چئَي، ڪامِلَ ڪَچائِي،
مُنھِنجِي ميٽِ مَينڌَرا، عاقِلَ اَگَلائِي،
ڪَرِ مَعافِي مَدائِي، تَہ سوڍا سُکِياڻِي ٿِيان.
[ سُر راڻو، رُس مَ رُسڻ گهورئو، 12 ]
لَپيٽِجِ لَطِيفُ چئَي، ڪامِلَ ڪَچائِي،
مُنھِنجِي ميٽِ مَينڌَرا، عاقِلَ اَگَلائِي،
ڪَرِ مَعافِي مَدائِي، تَہ سوڍا سُکِياڻِي ٿِيان.
[ سُر راڻو، رُس مَ رُسڻ گهورئو، 12 ]
خاموشِي خَبَرَ جِي، مُومَلَ ٿِي مَتِ،
صَبُرُ ٿِئو سُپَتِ، مُنھِنجي حَقِ مَينڌَرا.
[ سُر راڻو، سوڍي صبر ۽ ڍولي ڍَڪِي، 4 ]
صَبُرُ ٿِئو سُپَتِ، مُنھِنجي حَقِ مَينڌَرا.
[ سُر راڻو، سوڍي صبر ۽ ڍولي ڍَڪِي، 4 ]
English Meaning
Mendhara (A surname of Sindhi tribe)