قَدُرُ جي سنڌي معنيٰ
طاقت، توانائي، ڪنھن شيءِ جو وزن، انداز، مقدار. مُلهہ، قيمت، بھا، ناڻو، ڀاءُ. لياقت، گڻ، لائقي. کَل، جوهر، خوبي. درجو، رتبو. مان، عزت، آبرو. لحاظ، خيال.
ذريعو:ڀٽائي پيڊيا
English Meaning
Worth, value, respect, the recognizing another’s worth or acknowledging their good deeds, gratitude.
قَدُرُ جا بيتن ۾ حوالا
وَٽَ وَٽَ وَٽِيءَ ۾، مَٽَ مَٽَ مَندُ ٻِئو،
قَدُرُ ڪيفَ ڪَمالَ جو، پِياڪَنِ پِئو،
اَچَنِ دُرُستُ دُڪانَ تي، ڪَنڌَ قَبُولُ ڪِئو،
سُرَھا سِرَ ڏِئو، چَکَنِ سُرڪَ سَيِّدُ چئَي.
[ سُر يمن ڪلياڻ، سري پيالو ۽ موکي متارا، 21 ]
قَدُرُ ڪيفَ ڪَمالَ جو، پِياڪَنِ پِئو،
اَچَنِ دُرُستُ دُڪانَ تي، ڪَنڌَ قَبُولُ ڪِئو،
سُرَھا سِرَ ڏِئو، چَکَنِ سُرڪَ سَيِّدُ چئَي.
[ سُر يمن ڪلياڻ، سري پيالو ۽ موکي متارا، 21 ]
تَہ تُون لَڏِجِ سونَ، جُھ صَرافَنِ لَڏِئو،
قَدُرُ لَھَندَءِ ڪو نَہ، نيئِي گَڏيِندَءَ گَڏُونءَ سين.
[ سُر سريراڳ، صراف ۽ جوھري، 14 ]
قَدُرُ لَھَندَءِ ڪو نَہ، نيئِي گَڏيِندَءَ گَڏُونءَ سين.
[ سُر سريراڳ، صراف ۽ جوھري، 14 ]
وَڃَنِ مَ وِينجهارَ، پاڻِيَٺُ جٖي پَرِکِڻا،
ايھَرُ پائي اَکِيين، لَھَنِ سَڀَ ڪَنھِن سارَ،
موتِيءَ جي مِزاجَ جو، قَدُرُ مَنجِهہ ڪِنار،
صَرافَنِئُون ڌارَ، ماڻِڪَ مُلاحِظو ٿِئي.
[ سُر سريراڳ، صراف ۽ جوھري، 18 ]
ايھَرُ پائي اَکِيين، لَھَنِ سَڀَ ڪَنھِن سارَ،
موتِيءَ جي مِزاجَ جو، قَدُرُ مَنجِهہ ڪِنار،
صَرافَنِئُون ڌارَ، ماڻِڪَ مُلاحِظو ٿِئي.
[ سُر سريراڳ، صراف ۽ جوھري، 18 ]
ٿا صَرافَ سُڄَنِ، پاڻُ ڪوٺائِين جَوھَرِي،
ماڻِڪُ ڪَري مُٺِ ۾، وانءُ وَٺِي وَٽِ تَنِ،
تَہ سَندُسِ سَيِّدُ چئَي، ڪِھَڙو قَدُرُ ڪَنِ،
ڪِ پاڻِيَٺُ ئِي پَرِکَن، ڪِ ڪَئِنچَلُ گَڏُيِنِ ڪَچَ سين.
[ سُر سريراڳ، صراف ۽ جوھري، 19 ]
ماڻِڪُ ڪَري مُٺِ ۾، وانءُ وَٺِي وَٽِ تَنِ،
تَہ سَندُسِ سَيِّدُ چئَي، ڪِھَڙو قَدُرُ ڪَنِ،
ڪِ پاڻِيَٺُ ئِي پَرِکَن، ڪِ ڪَئِنچَلُ گَڏُيِنِ ڪَچَ سين.
[ سُر سريراڳ، صراف ۽ جوھري، 19 ]
ڏُونگَرَ ڏوراپو، پھرِين چُندِيَسِ پِرِينءَ کي،
پَھَڻَنِ پيرَ ڏُکويا، تَرِيُون ڇِنِيُون تو،
رَحمُ نَہ پِيُئِي رُوحَ ۾، قَدُرُ مُنھِنجو ڪو،
جَبَلُ ٿو جاڙوُن ڪَري، واڪو ڪَندِيَسِ وو،
لَٿو لاڳاپو، ڇِنو سَڱُ ڀَنڀورَ سين.
[ سُر ڪوھياري، ڪوھ سان ڪچھري، 6 ]
پَھَڻَنِ پيرَ ڏُکويا، تَرِيُون ڇِنِيُون تو،
رَحمُ نَہ پِيُئِي رُوحَ ۾، قَدُرُ مُنھِنجو ڪو،
جَبَلُ ٿو جاڙوُن ڪَري، واڪو ڪَندِيَسِ وو،
لَٿو لاڳاپو، ڇِنو سَڱُ ڀَنڀورَ سين.
[ سُر ڪوھياري، ڪوھ سان ڪچھري، 6 ]
ڇَپَرِ ڇُلِي جَي، مَرين مُنڌَ مارَڳَ ۾،
قَدُرُ ڪيچِيَنِ کي، پَئي تُنھِنجي پَنڌَ جو.
[ سُر حسيني، لَڪ لَڪيُون ۽ ڪُٺل، 35 ]

سَڄَڻُ ڏِٺو جَنِ، تَنِ ڳِچِيءَ سِرِ ڳَھُ ٿِئو،
ٻِيُون ڪوھُ ٻُجَهنِ، قَدُرُ ڪيچَ ڌَڻِيَنِ جو.
[ سُر حسيني، سؤُ سُک ۽ طالب، تات، 18 ]
ٻِيُون ڪوھُ ٻُجَهنِ، قَدُرُ ڪيچَ ڌَڻِيَنِ جو.
[ سُر حسيني، سؤُ سُک ۽ طالب، تات، 18 ]
سُھاڳُ پُڻ سَنبران، ڏُھاڳُ پُڻ ڏِٺومِ،
ھَي اَڀاڳي حالَ کي، ھَٿين ھارُ ڇُتومِ،
تِھان پوءِ ٿِئومِ، قَدُرُ ڪاڻِيارِنِ جو.
[ سُر ليلا، مڻيو چنيسر، ليلا سھاڳڻ، 18 ]
ھَي اَڀاڳي حالَ کي، ھَٿين ھارُ ڇُتومِ،
تِھان پوءِ ٿِئومِ، قَدُرُ ڪاڻِيارِنِ جو.
[ سُر ليلا، مڻيو چنيسر، ليلا سھاڳڻ، 18 ]
مُون اُڌارِئا مَڇَڙا، اللهَ گهاتُو آڻِ،
مِيان مُدارَنِ سين، مُون کي قادِرَ وِجُهہ مَ ڪاڻِ،
ھَٺَ مُنھِنجي ھاڻِ، پِئو قَدُرُ جَنِ ري.
[ سُر گهاتو، ڪو جو قھر ڪلاچ ۾، 13 ]