قَدرَ جي سنڌي معنيٰ
طاقت، توانائي، ڪنھن شيءِ جو وزن، انداز، مقدار. مُلهہ، قيمت، بھا، ناڻو، ڀاءُ. لياقت، گڻ، لائقي. کَل، جوھر، خوبي. درجو، رتبو. مان، عزت، آبرو. لحاظ، خيال. ڀاڱو، ناس، ٽُڪر. حصو، بُخرو.
ذريعو:ڀٽائي پيڊيا
English Meaning
Worth, value, respect, the recognizing another’s worth or acknowledging their good deeds, gratitude.
قَدرَ جا بيتن ۾ حوالا
سِرَ وَٽِ سَرو ساھَنگو، وَٺين ڇو نَہ وَرِي،
قَدرَ ڪيفَ ڪَمالَ جِي، خَبَرَ اِيءَ کَرِي،
سُرِڪِي جَنِ سَرِي، تَنِ جُون بَٺِنِ پاسِ بُٺِيُون.
[ سُر ڪلياڻ، سُوري، ڪاتي ۽ زھر، 22 ]
قَدرَ ڪيفَ ڪَمالَ جِي، خَبَرَ اِيءَ کَرِي،
سُرِڪِي جَنِ سَرِي، تَنِ جُون بَٺِنِ پاسِ بُٺِيُون.
[ سُر ڪلياڻ، سُوري، ڪاتي ۽ زھر، 22 ]
اَلَستُ اَرِواحَنِ کي، جَڏھِن جاڳايو جَلِيلَ،
سَنئِين راھَ سَيِّدُ چئَي، سوٺائُون سَبِيلَ،
وَحدَتَ جي وادِيءَ ۾، ڪِي قَدرَ قَلِيلَ،
دَرياھَ جي دَلِيلَ، لَکين لَهوارا ڪِئا.
[ سُر سھڻي، الست ارواح، کامڻ پچڻ، 10 ]