عَلِيءَ جي سنڌي معنيٰ
حضرت امام علي عليہ السلام جي.
ذريعو:ڀٽائي پيڊيا
English Meaning
Of the Imam Ali (a.a)
عَلِيءَ جا بيتن ۾ حوالا
سَختِي سِيادَتَ جِي، سُڻُ شادِيءَ جو ڏِينھُن،
ذَرو ناھِ يَزِيدَ جو، نِسورو ئِي نيِنھُن،
مَرَگِ اُٺو مِينھُن، عَلِيءَ جي اولادَ کي.
[ سُر ڪيڏارو، ڏٺو محرم ماھ، 11 ]
ذَرو ناھِ يَزِيدَ جو، نِسورو ئِي نيِنھُن،
مَرَگِ اُٺو مِينھُن، عَلِيءَ جي اولادَ کي.
[ سُر ڪيڏارو، ڏٺو محرم ماھ، 11 ]
جهيڙو لاھِ يَزِيدَ، عَلِيءَ جي اولادَ سين،
ڪانَہ پَسندين عِيدَ، حَسَنَ مِيرَ حُسينَ ري.
[ سُر ڪيڏارو، عليءَ جو اولاد، 1 ]
ڪانَہ پَسندين عِيدَ، حَسَنَ مِيرَ حُسينَ ري.
[ سُر ڪيڏارو، عليءَ جو اولاد، 1 ]
جَنِي جهيڙئو ڪالَهہ، عَلِيءَ جي اولادَ سين،
ھاءِ تَنِي جي حالَ، جي جَماعِتِي يَزِيدَ جا.
[ سُر ڪيڏارو، عليءَ جو اولاد، 2 ]
ھاءِ تَنِي جي حالَ، جي جَماعِتِي يَزِيدَ جا.
[ سُر ڪيڏارو، عليءَ جو اولاد، 2 ]
جَنِي جهيڙئو اَڄُ، عَلِيءَ جي اولادَ سين،
ڀاءَ تنِي کان ڀَڄُ، جي جَماعِتِي يَزِيدَ جا.
[ سُر ڪيڏارو، عليءَ جو اولاد، 3 ]
ڀاءَ تنِي کان ڀَڄُ، جي جَماعِتِي يَزِيدَ جا.
[ سُر ڪيڏارو، عليءَ جو اولاد، 3 ]
جَنِي جهيڙِئو ھاڻِ، عَلِيءَ جي اولادَ سين،
مَهِندان پييَنِ ڪاڻِ، ٿِئا جَماعِتِي يَزيدَ جا.
[ سُر ڪيڏارو، عليءَ جو اولاد، 4 ]
مَهِندان پييَنِ ڪاڻِ، ٿِئا جَماعِتِي يَزيدَ جا.
[ سُر ڪيڏارو، عليءَ جو اولاد، 4 ]
ڪُوفِي ڪَربَلا ۾، پاڻِي نَہ پِيارِينِ،
اُتي عَلِيءَ شاھَ کي، شھزادا سارِينِ،
نِڪِرِئو نِھارِينِ، چَڙُھ مِيرَ مُحَّمَدَ عَرَبِي.
[ سُر ڪيڏارو، ڪربلا ۽ ڪارا ڪڪر، 6 ]
اُتي عَلِيءَ شاھَ کي، شھزادا سارِينِ،
نِڪِرِئو نِھارِينِ، چَڙُھ مِيرَ مُحَّمَدَ عَرَبِي.
[ سُر ڪيڏارو، ڪربلا ۽ ڪارا ڪڪر، 6 ]
ڪا جَا ڍَرِي ڍُنگَرِي، ڪو جو وَرِئو واءُ،
اَڀَنِ ۾ اوسُ پِئو، ڇَپَر چَڙِھئو شاھُ،
عَلِيءَ شيرَ وِياءَ، رِڻُ ۾، پييَنِ راتِڙِي.
[ سُر ڪيڏارو، ڪربلا ۽ ڪارا ڪڪر، 7 ]
اَڀَنِ ۾ اوسُ پِئو، ڇَپَر چَڙِھئو شاھُ،
عَلِيءَ شيرَ وِياءَ، رِڻُ ۾، پييَنِ راتِڙِي.
[ سُر ڪيڏارو، ڪربلا ۽ ڪارا ڪڪر، 7 ]
ڏاڙِهي رَتَ رَتِياسِ، ڏَندَ تَہ موتِيُنِ ڳُتِيا،
چوڏَھِينءَ ماھَ چَنڊَ جِيئَن، پِڙَ ۾ پيشانِياسِ،
سِيمَاهُمْ فِي وُجُوهِهِم ، مُنھَن ۾ مَڻِ ڳُتياسِ،
اَللّٰهُ نُوْرُ السَّمٰوٰتِ وَ الْاَرْضِ جَلوو زَمِيناسِ،
ڪَڪِرا ڪَربَلا جا، مادَرِ ٿي ميڙِياسِ،
ڦَٽَنِ تان رَتَ ڦُڙا، عَلِيءَ ٿي اُگهٽِياسِ،
اُمَتَ تي اِحسانَ سين، ٿيندِي شَفاعَتَ سَندِياسِ،
مِڙَئِي مَعافُ ڪِئاسِ، خالِقَ بَدِلي خُونَ جي.
[ سُر ڪيڏارو، پرھ پکي آيو، 1 ]

چَنڊَ وِھاڻَيءَ چَڙِهئا، مَلَ مَدِينا مِيرَ،
تَنِ سين طَبَلَ بازَ تَبَرُون، ڪُندَ ڪَٽارا ڪِيرَ،
عَلِيءَ پُٽَ اَمِيرَ، ڪَندا راڙو رُڪَ جو.
[ سُر ڪيڏارو، ڳجهُون ۽ چنڊ، 11 ]
تَنِ سين طَبَلَ بازَ تَبَرُون، ڪُندَ ڪَٽارا ڪِيرَ،
عَلِيءَ پُٽَ اَمِيرَ، ڪَندا راڙو رُڪَ جو.
[ سُر ڪيڏارو، ڳجهُون ۽ چنڊ، 11 ]
چَنڊَ وِھاڻِيءَ چَڙِهئا، مَلَ مَدِينا گهوٽَ،
تَنِ سين طَبَلَ بازَ تَبَرُون، ڪُندَ ڪَٽارا ڪوٽَ،
عَلِيءَ پُٽَ اَموٽَ، ڪَندا راڙو رُڪَ سين.
[ سُر ڪيڏارو، ڳجهُون ۽ چنڊ، 12 ]
تَنِ سين طَبَلَ بازَ تَبَرُون، ڪُندَ ڪَٽارا ڪوٽَ،
عَلِيءَ پُٽَ اَموٽَ، ڪَندا راڙو رُڪَ سين.
[ سُر ڪيڏارو، ڳجهُون ۽ چنڊ، 12 ]
English Meaning
Of the Imam Ali (a.a)