سَچَ جي سنڌي معنيٰ
حق، برحق، سچ پچ، راستي، صداقت. صحيح، سَتُ
ذريعو:ڀٽائي پيڊيا
English Meaning
Truth
سَچَ جا بيتن ۾ حوالا
ڪوڙيِين ڀالَ ڪَرِيمَ، ڪَرِ سَھِسين شُڪرانا،
فاذڪُرُونِي اَذڪرُڪُم، ڪَھي قُرآنا،
واشڪُرُو الِي وَلا تَڪفُرُونِ، ڪَڍُ تُون ڪُفراَنا،
حَمدُ چؤُ حَڪِيمَ کي، جورُ ھَڻِي جانِئا،
تَہ تُسِي تو سين توھُ ڪَري، آگو اِحسانا،
جَفا ڏيئِي جانِ کي، ٿِيءُ فِڪرَ مَنجِهہ فَنا،
تَہ تو ڏيکاري تو ڌَڻِي، باطِنَ جا بانا،
جٖي تسلِيمُ ٿِئا تَحقِيقَ سين، اُوءِ ڪِيئَن اَمانا،
جاڳِئا جٖي جَبارَ لَيءِ، سيئِي سَمانا،
سَڀَ سَنوَرِئا سُپِرِين، قَوالَ تو ڪَنا،
چَڱِي چَئِجِ چاھَ سين، مَدَحَ اِيءَ مَنا،
مَتان مَڙدَ وِسارِيين، صاحِبَ جو ثَنا،
دوسِتُ رَکِي دِلِ ۾، پَڙُه لالَڻُ لِسانا،
ڪَڍُ تُون دَغا دِلِ مان، ٻانَهپَ سين ٻانها،
صاحِبَ وَڻِين سَچَ سين، ٿِيءُ داناءُ ديوانا،
تائِبَ ٿِئو تَڪِڙا، جوشَئُون جَوانا،
لَھين تُون لَطِيفَ کان، اَمُنُ اَمانا.
[ سُر سريراڳ، وايون، 1 ]

پَتَنگَنِ پَھُ ڪِئو، مِڙِئا مَٿي مَچَ،
پَسِي لَھَسَ نَہ لِچِئا، سَڙِئا مَٿي سَچَ،
سَندا ڳِچِنِ ڳَچَ، ويچارَنِ وِڃائِيا.
[ سُر يمن ڪلياڻ، پتنگ ۽ باھ، 5 ]
پَسِي لَھَسَ نَہ لِچِئا، سَڙِئا مَٿي سَچَ،
سَندا ڳِچِنِ ڳَچَ، ويچارَنِ وِڃائِيا.
[ سُر يمن ڪلياڻ، پتنگ ۽ باھ، 5 ]
مانَ پُڇَنَئِي سُپِرِين، چِتَ ۾ چيتاريجِ،
ڇَڏِجِ ڪائي ڪَچَ کي، ڪُوڙُ مَ ڪَمائيجِ،
وَکَرُ وِھائيجِ، سَڀَ سوداگَرَ سَچَ جو.
[ سُر سريراڳ، تياري ۽ ساٺ، 6 ]
ڇَڏِجِ ڪائي ڪَچَ کي، ڪُوڙُ مَ ڪَمائيجِ،
وَکَرُ وِھائيجِ، سَڀَ سوداگَرَ سَچَ جو.
[ سُر سريراڳ، تياري ۽ ساٺ، 6 ]
جَنِي سودي سَچَ سين، وَکَرُ وِھايو،
بَخِرو لَهُمُ الْبُشْریٰ جو، اُنِهين لاءِ آيو،
تَنِ کي لالَڻَ لَنگهايو ساندارو سَمُنڊَ جو.
[ سُر سريراڳ، سيوا ۽ سار، 12 ]
بَخِرو لَهُمُ الْبُشْریٰ جو، اُنِهين لاءِ آيو،
تَنِ کي لالَڻَ لَنگهايو ساندارو سَمُنڊَ جو.
[ سُر سريراڳ، سيوا ۽ سار، 12 ]
ساٿِيَنِ نَنڌا بارَ، تَنِ پانڌِيَنِ نَنڌا بارَ،
توکي آرَسُ اَکِيُنِ ۾،
پاتا پاڙي وارِيين پَڳَھَ ۾ پاتارَ،
پَتَڻُ ٿو پُورَ ڪَري، آئِي، تُنھِنجَڙِي وارَ،
سَڄِيُون راتِيُون سُمهين، کِيو مَنجِهہ خُمارَ،
ڪِ تو ڪَنين نَہ سُئِي، ڪَپَرَ جِي ڪُوڪارَ،
سائِينءَ مُڪين سَچَ کي، تُون ڪُوڙو مَنجِهہ قَطارَ،
ڪِ تو ڪَنين نَہ سُئِي، ھَلَڻَ جِي ھاڪارَ،
تائِبَ ٿِي تَڪِڙا، پَڙهو، اِيءَ پَچارَ،
نِنڊَ نَہ ڪِجي ايتِري، سُڻِجِ اَدا يارَ،
گِهڙان ٿِي ريءَ گهَڙِي، اللهَ توھارَ ،
ھِيءُ جو شَڪُ شارِڪَ جو، تِھان رَکُ سَتارَ،
ڪُلُّ نَفْسٍ ذَآئِقَةُ الْمَوْتِ ، سَچِي اِيءَ سَنڀارَ،
شِڪارُ تُون شَھبازَ جو، تُون تان مَنجِهہ شِڪارَ،
يَوْمَ يَفِرُّ ٱلْمَرْءُ مِنْ أَخِيهِ ، جِتِ ڀَڄندا ڀارَ،
تُرَھو ڇِنَم تارِ ۾، اَچِجِ جِيئَن اوسارَ،
لَکَ مِڙيئِي لُٽِئا، ھُونھِين وِئَڙا ھَزارَ،
ڏِنَئِي جَي اللهَ کي، تَہ ھُوندَ ٿِيين پَريين پارَ،
جُوٺَنِ مَٿان جُٽِڪي، دُڻِي تُنھِنجي دارَ،
جيفو آھِ حَدِيثَ ۾، اَنڌِيءَ اِي آچارَ،
وَٽِيُئِي ڪِينَ وِلَھَنِ سين، ڪَنبِي ڀَرِ قَھارَ،
سا ڪِيئَن ھَلي تو سين، جا ڀَڳي کان ڀَتارَ،
جِيئَڻُ جالَ نَہ نِبَھي، سُڻِجِ اِيءَ سَنڀارَ،
جِمَ وِسارِيين ويسَرا، ڀِتِيُنِ جِي ڀُلِڪارَ.
[ سُر سريراڳ، وايون، 5 ]

جٖي نَہ سُڃاڻَنِ سَچَ کي، وانءُ مَ تَنِي وَٽِ،
اَمُلَ کي اَڌَ ڪَري، پاڻا ھَڻَندا پَٽِ،
مُھِرَ تَنِي کان مَٽِ، جٖي پارَکُو پارِسَ جا.
[ سُر سريراڳ، صراف ۽ جوھري، 20 ]
اَمُلَ کي اَڌَ ڪَري، پاڻا ھَڻَندا پَٽِ،
مُھِرَ تَنِي کان مَٽِ، جٖي پارَکُو پارِسَ جا.
[ سُر سريراڳ، صراف ۽ جوھري، 20 ]
ڪَنَ ڪَٽَ ڪاپَٽَ ڪاپَڙِي، جَنِ جي ڪَنَنِ ۾ ڪَڙا،
سَچَ ٻَڌائُون سَندِرا، جوڳِيَنِ جِيءَ جَڙِئا،
پائي مُنھُن مَڙِهئان، ھَلو تَڪِيا پَسُون تَنِ جا.
[ سُر رامڪلي، ڪن ڪٽ ڪاپٽ ڪاپڙي، 12 ]
سَچَ ٻَڌائُون سَندِرا، جوڳِيَنِ جِيءَ جَڙِئا،
پائي مُنھُن مَڙِهئان، ھَلو تَڪِيا پَسُون تَنِ جا.
[ سُر رامڪلي، ڪن ڪٽ ڪاپٽ ڪاپڙي، 12 ]
English Meaning
Truth