سَرِي جي سنڌي معنيٰ
ملي، حاصل ٿي، پاتي
ذريعو:ڀٽائي پيڊيا - ڀٽائي پيڊيا
English Meaning
Got, achieved
سَرِي جا بيتن ۾ حوالا
مُون تي وَھرَ وَرِي، وَرَ وَرِي، وارو ڏِيندُومِ وَلَهو،
توکي سارِئو سُپِرِين، پُوندِيَسِ ماڳِ مَرِي،
اَسان تو ري ناھِ ڪا، ٻِي ڳُجهاندَرِ ڳَرِي،
توکي سَرِي سُپِرِين، اَسان تان نَہ سَرِي.
[ سُر ليلا، وايون، 2 ]
توکي سارِئو سُپِرِين، پُوندِيَسِ ماڳِ مَرِي،
اَسان تو ري ناھِ ڪا، ٻِي ڳُجهاندَرِ ڳَرِي،
توکي سَرِي سُپِرِين، اَسان تان نَہ سَرِي.
[ سُر ليلا، وايون، 2 ]
عاشِقَ مَعشُوقَنِ جِي، وَٺِي ويھُ ڳَرِي،
جِمَ وِرِچِي ڇَڏِيين، سَندِي دوسِتَ دَرِي،
ٻُڪِي ڏيِندَءِ ٻاجَهہ جِي، ويندَءِ ٺَپَ ٺَرِي،
اَسان تان نَہ سَرِي، تو ڪِيئَن سَرِي سُپِرِين.
[ سُر يمن ڪلياڻ، سِڪ ۽ عاشقي، 18 ]
جِمَ وِرِچِي ڇَڏِيين، سَندِي دوسِتَ دَرِي،
ٻُڪِي ڏيِندَءِ ٻاجَهہ جِي، ويندَءِ ٺَپَ ٺَرِي،
اَسان تان نَہ سَرِي، تو ڪِيئَن سَرِي سُپِرِين.
[ سُر يمن ڪلياڻ، سِڪ ۽ عاشقي، 18 ]
سِرَ وَٽِ سَرو ساھَنگو، وَٺين ڇو نَہ وَرِي،
قَدرَ ڪيفَ ڪَمالَ جِي، خَبَرَ اِيءَ کَرِي،
سُرِڪِي جَنِ سَرِي، تَنِ جُون بَٺِنِ پاسِ بُٺِيُون.
[ سُر ڪلياڻ، سُوري، ڪاتي ۽ زھر، 22 ]
قَدرَ ڪيفَ ڪَمالَ جِي، خَبَرَ اِيءَ کَرِي،
سُرِڪِي جَنِ سَرِي، تَنِ جُون بَٺِنِ پاسِ بُٺِيُون.
[ سُر ڪلياڻ، سُوري، ڪاتي ۽ زھر، 22 ]
سُورُ جَنِي سَرِئو، سَرِي تَنِ صِحَتَ،
مِٺِي مُصيبَتَ، آھي عاشِقَنِ کي.
[ سُر يمن ڪلياڻ، پريم پاٺ، 3 ]
مِٺِي مُصيبَتَ، آھي عاشِقَنِ کي.
[ سُر يمن ڪلياڻ، پريم پاٺ، 3 ]
جان ڪِي رُٺاسُون، تَہ رُٺي سَرِي نَہ سُپِرِين،
اِجهي آياسُون، ڏِسُ نِرجائِي نِينھَن جِي.
[ سُر بروو سنڌي، دل جو دلبر، 19 ]
اِجهي آياسُون، ڏِسُ نِرجائِي نِينھَن جِي.
[ سُر بروو سنڌي، دل جو دلبر، 19 ]
ڪالَهہ گَڏِيوسُون ڪاپَڙِي، بابُو پاڻُ بَرِي،
سائِي شالَ ڪُلَهنِ ۾، سامِيءَ سونَ سَرِي،
خَبَرَ ڏيھُون کَرِي، ڪا مُومَلَ جي مَجازَ جِي.
[ سُر راڻو، خابرو ڪاپڙي ۽ گُجر، 6 ]
سائِي شالَ ڪُلَهنِ ۾، سامِيءَ سونَ سَرِي،
خَبَرَ ڏيھُون کَرِي، ڪا مُومَلَ جي مَجازَ جِي.
[ سُر راڻو، خابرو ڪاپڙي ۽ گُجر، 6 ]
ويھُ مَ ويسَلِي، تُون ھَڏِ وَتُ مَ ويسَلِي،
تان ڪي جاڳِي اورِ اللهَ سين،
مَحَبتَ جي مَيدانَ جِي، سُڄي ڳالِهہ ڳَرِي،
سي پُڻ رُوَندا رَتُ وِئا، مِڙِئا جٖي مَرِي،
سُتي سَڄَڻُ نَہ مِڙي، آھي اِيءَ ڳَري،
ٻِيُون اِنَ اوسِيڙي آڌِيءَ اُٿِيَنِ، تُون ڍاڳي ڍَرِي،
آڌِيءَ عَبدِالْلَطِيفُ چئَي، وَرَ ڏي دِلِ وَري،
ويئِي ميرائِي مَنَ مان، سَڀَڪا ڳالِهہ سَرِي.
[ سُر رامڪلي، وايون، 6 ]