ساڻُ جي سنڌي معنيٰ
سان، گڏ، ساٿ، سين ڀيڙو، سَپاڙو. سميت، سوڌو. سھاءِ، ڳر، وٽ، گڏ، ٻِٽُ، ڀرسان. شامل.
ذريعو:ڀٽائي پيڊيا
English Meaning
With, along with, by means of, by, including, to.
ساڻُ جا بيتن ۾ حوالا
ڪَرَھي کي ڪَئِين، جان وِڌَمِ پَيندَ پَلَڻَ جا،
ليڙو لاڻِيءَ کي چَري، نِيَرَ ساڻُ نَئِي،
چانگي سَندي چِتَ ۾، ڪا صاحِبَ وِجُهہ سَنئيِن،
اوباھِيوسِ آھين، لُطِفَ ساڻُ لَطِيفُ چئَي.
[ سُر کنڀات، ڪرھو، چانگو، اٺ، 25 ]

چَڱَنِ ساڻُ چَڱايُون، اِيئَن سَڀَڪو ھوءِ،
تو جِيئَن ڪَري نَہ ڪوءِ، بُڇَنِ ساڻُ ڀَلايُون.
[ سُر سريراڳ، صراف ۽ جوھري، 3 ]

اُونِهي ۾ اوھَرِي، ڪَھِي ڪَچي ساڻُ،
سُپَڪَ جو سَيِّدُ چئَي، پُڇي نَہ پَرياڻُ،
عِشقَ وارِيُون عَبدِالْلَطِيفُ چئَي، سَڌَ نَہ کَڻَنِ ساڻُ،
جَنِي پاسي پاڻُ، سي اَوتَڙان ئِي اُکَتِيُون.
[ سُر سھڻي، ترھو، ڪچو ۽ ڪنڀار، 8 ]

سَڀَيئِي سِينگارَ، مُنڌَ مَرَندي ڇَڏِئا،
ڳَچِيءَ وارِئو ٻانھَڙي، وَھي ساڻُ وَڇارَ،
لُطِفَ ساڻُ لَطِيفُ چئَي، سِگهو رَسُ سَھاڙَ،
عِشقَ جي آڌارَ، پارُ سُونھايُمِ پِرِينءَ جو.
[ سُر سھڻي، جيئري، ساھڙ ڌاران، 19 ]

ھوتَ ٻاروچي ساڻُ، جيڏِيُون جيڏِيُون مُنھِنجي جِيءَ جُون ڳالِهيُون،
چَڙِهي ڏُونگَرَ چوٽِيين، پُرزا ڪِندِيَسِ پاڻُ،
ڇُلِي پيٺِيَسِ ڇَپَرين، يارَ سَڱَ تُنھِنجي ساڻُ،
رُلِي ڇُلِي ڇَپَرين، يارَ وِڃايُمِ ڄاڻُ،
ھَٿان ھَڏِ نَہ ڇَڏِيانِ، سَندو نِينھَن نِڌاڻُ،
نَصِيبُ ڪَرِ نَہ سُئِيءَ کي، پُنهونءَ اُٺَ وَٿاڻُ.
[ سُر آبڙي، وايون، 14 ]

ڏاگهَنِ ڏيرَنِ ساڻُ، ڪَرَھَنِ ڪيچِيَنِ ساڻُ،
مَتان ڪا ڀُلِي لَنئُن لائي،
آئُون سُتِي ھُو ھَلِئا، وِيَڙا ڪَرَھَلَ ڪاھي،
آسَڻَ مَھِندان اُنِ جي، ٻَر ٻَر ڪِئو ٻاڏائي،
چَتُرُ ڏيئِي چِتَ کي، وِئَڙا ھوتَ ڇَپائي،
جيڪا ھُيَنِ مَنَ ۾، وِئَڙا پَنھِنجِي پُڄائي.
[ سُر ديسي، وايون، 11 ]

اللهَ واري آڻِ، ٻاروچا ڀَنڀورَ ۾،
نِھارِيندِيَسِ نِڪَڻِي، ڪوھِيارِي جي ڪاڻِ،
ڪَندِيَسِ ڪوھِيارَل سين، رائي مَنجِهہ رِھاڻِ،
رِڻُ جهاڳِندِيَسِ راتِ جو، ساٿِي کَڻَندِيَسِ ساڻُ،
اَدِيُون عَبدِالْلَطِيفُ چئَي، سَڄَڻُ گُهرِجي ساڻُ.
[ سُر حسيني، وايون، 23 ]

ڪَسي ساڻُ ڪَسَنِ، ڏِيلَ ڪِئائُون ڏُٻِرا،
پيٽَ نَہ ھيرِئائُون پانھِنجا، چوري ساڻُ چَسَنِ،
اِنهين راھِ رَسَنِ، ڪاپَڙِي ڪابُولَ کي.
[ سُر رامڪلي، قوت ڪڙايا ۽ پوڄا ڪار، 9 ]

ڪَسي ساڻُ ڪَسي، ڏِيلَ ڪِئائُون ڏُٻِرا،
پيٽَ نَہ ھيرِئائُون پانھنجا، چوري ساڻُ چَسي،
واراڳِيَنِ وَسي، رامُ سَدائِين رُوحَ ۾.
[ سُر رامڪلي، قوت ڪڙايا ۽ پوڄا ڪار، 10 ]

مَنَ مُنڊائُون پييُون، مُون کي سامِيَنِ ساڻُ،
نَہ ڪِي کَڻَنِ پاڻَ سين، نَڪو ساڻُنِ پاڻُ،
پُرِئا پُورَڀَ پَنڌَ ڏي، ڄاڻِي ڇَڏي ڄاڻُ،
کِدائُون ۽ گودَڙِيُون، سَدا سامِيَنِ ساڻُ،
آيَلِ آديسِيَنِ جا، اِھَڙائِي اُھڃاڻَ.
[ سُر پورب، وايون، 5 ]