رامُ جي سنڌي معنيٰ
هندو ڌرم ۾ وڏو اوتار. ايوڌيا جي راجا ”دسترت“ جو وڏو پٽ ”شري رامچندر“.
ذريعو:ڀٽائي پيڊيا
English Meaning
A name of the deity Hindu.
رامُ جا بيتن ۾ حوالا
اَٺين ڏِينھِن اُڀِي وِئا، جوڳِي جاءِ بَجاءِ ،
سا پَر سامِي سِکِئا، جا پَرِ جوڳَ جُڳاءِ،
ويروتارِ وُجُودَ ۾، اُنِ کي رامُ رَھيو ئِي آھِ،
ڪَنھِن ڪَمائِيءَ لاءِ، لِڪا ڀُوڻَنِ لوڪَ ۾.
[ سُر رامڪلي، ڏھاڙي وارتا، 8 ]
سا پَر سامِي سِکِئا، جا پَرِ جوڳَ جُڳاءِ،
ويروتارِ وُجُودَ ۾، اُنِ کي رامُ رَھيو ئِي آھِ،
ڪَنھِن ڪَمائِيءَ لاءِ، لِڪا ڀُوڻَنِ لوڪَ ۾.
[ سُر رامڪلي، ڏھاڙي وارتا، 8 ]
رَھِئو ڪَھُ ويٺِي رامُ، رَھَندا ڪِينَ رَضا پَئي،
لَڳِي لَنئُن لَطِيفُ چئَي، اَچي نَہ آرامُ،
ماتا مُنھِنجو نامُ، ڪوٺِج ڪِنِ ٻِئَنِ کي.
[ سُر رامڪلي، جوڳي، سامي ۽ ڪن ڪپڻ، 4 ]
لَڳِي لَنئُن لَطِيفُ چئَي، اَچي نَہ آرامُ،
ماتا مُنھِنجو نامُ، ڪوٺِج ڪِنِ ٻِئَنِ کي.
[ سُر رامڪلي، جوڳي، سامي ۽ ڪن ڪپڻ، 4 ]
جِندا ھو مَ جوڳَ ريءَ، جِندا جوڳُ مَ پاءِ،
ڪُوڙِي ڪِجِ مَ ڪَڏِھِين، سَچِي ڪا مَ سَلاءِ،
پَھڄَڻُ پارِينداءِ، مَتان رامُ رُسائِيين.
[ سُر رامڪلي، جوڳي، سامي ۽ ڪن ڪپڻ، 20 ]
ڪُوڙِي ڪِجِ مَ ڪَڏِھِين، سَچِي ڪا مَ سَلاءِ،
پَھڄَڻُ پارِينداءِ، مَتان رامُ رُسائِيين.
[ سُر رامڪلي، جوڳي، سامي ۽ ڪن ڪپڻ، 20 ]
ڪَنَ ڪورائيين ڪاپَڙِي، اِي زَنانو جوڳُ،
سامِي سُڃاڻَڻُ پِئو، ايڪُ دُوئِي ٻِئو دَوڳُ،
جَنھِن وَڻُ ڀانيو ڦوڳُ، رامُ تَنھِين کي ريبئو.
[ سُر رامڪلي، جوڳي، سامي ۽ ڪن ڪپڻ، 23 ]
سامِي سُڃاڻَڻُ پِئو، ايڪُ دُوئِي ٻِئو دَوڳُ،
جَنھِن وَڻُ ڀانيو ڦوڳُ، رامُ تَنھِين کي ريبئو.
[ سُر رامڪلي، جوڳي، سامي ۽ ڪن ڪپڻ، 23 ]
پَرينديئي پَنڌِ ٿِئا، گَنجو ڇَڏي گامُ،
تَنِ ويھِي ڪِئو نَہ وِچَ ۾، آديسِيَنِ آرامُ،
گُرُوءَ سَندي گَسَ ۾، ڪِئائُون تَنَ تَمامُ،
راھَ ۾ گَڏِيُنِ رامُ، پَنڌان ڇُٽا ڪاپَڙِي.
[ سُر رامڪلي، آديسي ۽ مونا طور سينا، 19 ]
تَنِ ويھِي ڪِئو نَہ وِچَ ۾، آديسِيَنِ آرامُ،
گُرُوءَ سَندي گَسَ ۾، ڪِئائُون تَنَ تَمامُ،
راھَ ۾ گَڏِيُنِ رامُ، پَنڌان ڇُٽا ڪاپَڙِي.
[ سُر رامڪلي، آديسي ۽ مونا طور سينا، 19 ]
رُوحَ ۾ رَھِيُنِ رامُ، ٻَھَرِ ٻولِينِ ڪِي ٻِئو،
پِيالا پُرِ ڪَري، جوپَ پِيتائُون جامُ،
تِھان پوءِ تَمامُ، تَنِ تَڪِيا تاڪي ڇَڏِئا.
[ سُر رامڪلي، بازار، ناٿ، گرو ۽ ھرنام، 2 ]
پِيالا پُرِ ڪَري، جوپَ پِيتائُون جامُ،
تِھان پوءِ تَمامُ، تَنِ تَڪِيا تاڪي ڇَڏِئا.
[ سُر رامڪلي، بازار، ناٿ، گرو ۽ ھرنام، 2 ]
رامُ رَھِيُنِ ۾ رُوحَ، ٻَھَرِ ٻولِينِ ڪِي ٻِئو،
سَدائِين سَفَرَ ۾، مَٿا ٿِئَڙَنِ مُوھَ،
سامِيَنِ جا صُبوحَ، سارِيان گهَڻو سَيِّدُ چئَي.
[ سُر رامڪلي، بازار، ناٿ، گرو ۽ ھرنام، 3 ]
سَدائِين سَفَرَ ۾، مَٿا ٿِئَڙَنِ مُوھَ،
سامِيَنِ جا صُبوحَ، سارِيان گهَڻو سَيِّدُ چئَي.
[ سُر رامڪلي، بازار، ناٿ، گرو ۽ ھرنام، 3 ]
ھَر ھَر ڪَنِ ھَرنامُ، ڌُوَنِ ڏِھاڙِي ڌوتِيا،
جَنِ نَہ ريجهايو رامُ، ناٿُ نَہ نَمي تَنِ کي.
[ سُر رامڪلي، بازار، ناٿ، گرو ۽ ھرنام، 13 ]
جَنِ نَہ ريجهايو رامُ، ناٿُ نَہ نَمي تَنِ کي.
[ سُر رامڪلي، بازار، ناٿ، گرو ۽ ھرنام، 13 ]
ڪَسي ساڻُ ڪَسي، ڏِيلَ ڪِئائُون ڏُٻِرا،
پيٽَ نَہ ھيرِئائُون پانھنجا، چوري ساڻُ چَسي،
واراڳِيَنِ وَسي، رامُ سَدائِين رُوحَ ۾.
[ سُر رامڪلي، قوت ڪڙايا ۽ پوڄا ڪار، 10 ]
پيٽَ نَہ ھيرِئائُون پانھنجا، چوري ساڻُ چَسي،
واراڳِيَنِ وَسي، رامُ سَدائِين رُوحَ ۾.
[ سُر رامڪلي، قوت ڪڙايا ۽ پوڄا ڪار، 10 ]
جِياسُون جوڙَ ٿِي، ڏِٺُم تارِ تَرَڪُ،
ھاڻي تَنِي ھَٿِ ڪِئو، ھو جَني جو حَقُ،
رامُ اُنَهَنِ روئيو، سامِي آڻِ مَ شَڪُ،
سَندو نَهِيءَ نَڪُ، اُنِ اَمرَ ساڻُ اُتارِئو.
[ سُر رامڪلي، اڄ نہ اوطاقن ۽ جياسُون، 22 ]