اِيءُ جي سنڌي معنيٰ
ھيءُ، اھو ئي، بلڪل ھِي
ذريعو:ڀٽائي پيڊيا
English Meaning
This, it
اِيءُ جا بيتن ۾ حوالا
ھِڪِي ٻانِهي چِتَ ۾، ٻِي سَنواري صاحِبُ،
ڪَڍي اُونِهي ڪُنَ مان، اِيءُ آگي جو عَجَبُ،
اِيءُ سائِينءَ جو سَبَبُ، جِيئَن ٻُڏا ڪَڍي ٻارِ مان.
[ سُر سريراڳ، سيوا ۽ سار، 21 ]
ڪَڍي اُونِهي ڪُنَ مان، اِيءُ آگي جو عَجَبُ،
اِيءُ سائِينءَ جو سَبَبُ، جِيئَن ٻُڏا ڪَڍي ٻارِ مان.
[ سُر سريراڳ، سيوا ۽ سار، 21 ]
جَکِري جِھو جُوانُ، ڏِسان ڪونَہ ڏِسَنِ ۾،
مُھڙُ مِڙَنِي مُرسَلين، سَرسُ سَندُسِ شانُ،
خَبَرَ ڪاڻِ خَلِيلَ جي، قادِرَ مُڪو قُرآنُ،
فَڪَانَ قَابَ قَوْسَيْنِ أَوْ أَدْنَىٰ ، اِيءُ مُيسِرُ ٿِئُسِ مَڪانُ،
اِيءُ آگي جو اِحسانُ، جَنھِن ھادِي ميڙِئم ھِھَڙو.
[ سُر بلاول، جکرو جوان، 9 ]

پاڻِهين پَسي پاڻَ کي، پاڻِهين اِيءُ مَحبُوبُ،
پاڻِهين خَلَقي خُوبُ، پاڻِهين طالِبُ تَنِ جو.
[ سُر ڪلياڻ، يڪتائي، 19 ]
پاڻِهين خَلَقي خُوبُ، پاڻِهين طالِبُ تَنِ جو.
[ سُر ڪلياڻ، يڪتائي، 19 ]
وَحۡدَہٗ لا شَرِيڪَ لَهٗ ، اِيءُ وِھائِجِ وِيءُ،
کَٽين جَي ھارائين، ھَنڌُ تُنھِنجو ھِيءُ،
پاڻا چُوندَءِ پِيءُ، ڀَري جامُ جَنَتَ جو.
[ سُر ڪلياڻ، يڪتائي، 11 ]
کَٽين جَي ھارائين، ھَنڌُ تُنھِنجو ھِيءُ،
پاڻا چُوندَءِ پِيءُ، ڀَري جامُ جَنَتَ جو.
[ سُر ڪلياڻ، يڪتائي، 11 ]
وَحۡدَہٗ لا شَرِيڪَ لَهٗ، اِيءُ ھيڪِڙائِي حَقُ،
ٻِيائِيءَ کي ٻَکُ، جَنِ وِڌو سي وِرسِئا.
[ سُر ڪلياڻ، يڪتائي، 12 ]
ٻِيائِيءَ کي ٻَکُ، جَنِ وِڌو سي وِرسِئا.
[ سُر ڪلياڻ، يڪتائي، 12 ]
سِڪين ڪوھُ سَلامَ کي، ڪَرِيين ڪوھُ نَہ سَلامُ،
ٻِئا دَرَ تَنِ حَرامُ، اِيءُ دَرُ جَنِي ديکِئو.
[ سُر ڪلياڻ، عشق ۽ معشوق، 9 ]
ٻِئا دَرَ تَنِ حَرامُ، اِيءُ دَرُ جَنِي ديکِئو.
[ سُر ڪلياڻ، عشق ۽ معشوق، 9 ]
تُون حَبِيبُ تُون طَبِيبُ، تُونھِين ڊَٺنِ ڊَبُ،
تُون ڏيِين تُون لاھِيين، تُونھِين ھادِي رَبُ،
آھِمِ اِيءُ عَجَبُ، جِيئَن وارِئو ويڄَ وِھارِيين.
[ سُر يمن ڪلياڻ، حبيب ۽ طبيب، 4 ]
تُون ڏيِين تُون لاھِيين، تُونھِين ھادِي رَبُ،
آھِمِ اِيءُ عَجَبُ، جِيئَن وارِئو ويڄَ وِھارِيين.
[ سُر يمن ڪلياڻ، حبيب ۽ طبيب، 4 ]
صُوفِيءَ سَيرُ سَڀَنِ ۾، جِيئَن رڳُنِ ۾ ساھُ،
سا نَہ ڪَري ڳالِهڙِي، جِيئَن پَرِيون پَرُوڙي پَساھُ،
آھِسِ اِيءُ گُناھُ، جِيئَن ڪا ڪَري پَڌرِي.
[ سُر يمن ڪلياڻ، صوفي ۽ طالب، 3 ]
سا نَہ ڪَري ڳالِهڙِي، جِيئَن پَرِيون پَرُوڙي پَساھُ،
آھِسِ اِيءُ گُناھُ، جِيئَن ڪا ڪَري پَڌرِي.
[ سُر يمن ڪلياڻ، صوفي ۽ طالب، 3 ]
عِشقَ تَمامُ بِرھَ تَمامُ، مَين لُٽِي يارَ لوڪو،
راتِيان جاڳَڻُ صاحِبُ سَنڀالڻُ، اِيءُ فَقِيران دا ڪامُ،
سيڄَ سُتي نُون جَپِ نَہ آوي، نيڻين نِنڊَ حَرامُ،
راھَ عَقُلِ دِي مُنجِهہ گَئِي آيا عِشقُ اِمامَ.
[ سُر يمن ڪلياڻ، وايون، 12 ]
راتِيان جاڳَڻُ صاحِبُ سَنڀالڻُ، اِيءُ فَقِيران دا ڪامُ،
سيڄَ سُتي نُون جَپِ نَہ آوي، نيڻين نِنڊَ حَرامُ،
راھَ عَقُلِ دِي مُنجِهہ گَئِي آيا عِشقُ اِمامَ.
[ سُر يمن ڪلياڻ، وايون، 12 ]
جيڪِي ڏِنائُون، سو سِرُ ڏيئِي سَھُ جِندَڙا،
مَ چَئُہ ڇِنائُون، اِيءُ پُڻ ڳَنڍئو سَڄَڻين.
[ سُر يمن ڪلياڻ، پريم پاٺ، 9 ]
مَ چَئُہ ڇِنائُون، اِيءُ پُڻ ڳَنڍئو سَڄَڻين.
[ سُر يمن ڪلياڻ، پريم پاٺ، 9 ]
English Meaning
This, it