ھيڪاندِ جي سنڌي معنيٰ
گڏجاڻي، ميل ميلاپ، هڪ ٻئي سان ملڻ واري حالت، موافقت، اعتدال. هيڪڙائي، هڪڙي سان وفاداري.
ذريعو:جامع سنڌي لغات
English Meaning
Meeting, coming together, being together.
ھيڪاندِ جا بيتن ۾ حوالا
مَحَبتَ جي مَيدانَ ۾، رَڪَنِ ناھي راندِ،
حَبِيبَنِ ھيڪاندِ، سَگَهنِ ٿِيي نَہ سَيِّدُ چئَي.
[ سُر يمن ڪلياڻ، محبت جو ميدان ۽ ڪانُ، 21 ]

عِشقُ نَہ آھي راندِ، جِيئَن ڪِي ڪَنِس ڳَڀَرُو،
جِيءَ جُسي ۽ جانِ جِي، ڀَڃي ٿو ھيڪاندِ،
سِسِي نيزي پاندِ، اُڇَلِ تَہ اَڌَ ٿِئي.
[ سُر يمن ڪلياڻ، محبت جو ميدان ۽ ڪانُ، 22 ]

حَياتِيءَ ھيڪاندِ، ڌَڻِي ڪَرِيندين ڪَڏِھِين،
مَنَ ۾ مُشتاقَنِ جي، ڪِي رَنجائي راندِ،
پِرِين ڏيساندَرَ پاندِ، ڳُجُهہ ڳَرَھِيان ڪَنِ سين.
[ سُر کنڀات، چنڊ، 12 ]

ڏَاگهَنِ ڏيرَنِ ڏُونگَرنِ، ٽِنهِي ڏِنَمِ ڏُکَ،
سي سَڀَ ڀانيَمِ سُکَ، ھيڪاندِ ڪارَڻِ ھوتَ جي.
[ سُر ديسي، اڱڻ مٿي اوپرا، 6 ]

رو وِسائي راندِ، پَھَ پَرُوڙِجِ ساٿَ جا،
ھوتَنِ سين ھيڪاندِ، ھُيَئِي ٻَہ ٽي ڏِينھَڙا.
[ سُر حسيني، ووءِ ووءِ ڪرڻ ۽ روئڻ ، 21 ]

راڻو ڀانيو راندِ، وَڃِئو ڪِيئَن وِڙَ رانِئيُين،
وَرُ وِڏُوھِئو اِينھَئِين، جِيئَن پَرُ پُڄِتوءِ پاندِ،
ھَئَي ڀَڳِيَئِي ھيڪاندِ، سوڍو سارِيندينءَ گهَڻو.
[ سُر راڻو، ھلو ھلو ڪاڪ ۽ ڀُونءِ، 1 ]

مُون سين ھوتَ نَہ ڪَندَڙا ھِيئَن ھِيئَن،
مُون نَہ ڇَڏِيندا ڇَپَرين،
لُڪُون لَڳَنِ ڪوسِيُون، ڏاڍا تَپَنِ ڏِينھَن ڏِينھَن،
ڇيڙي وِڌِيَسِ ڇَپَرين، ماءِ ٻاروچاڻي نِينھَن نِينھَن،
جا جَڙَ لَڳَڙِي ٻيڙِيين، سا جَڙَ لَڳَڙِي نِينھَن نِينھَن،
مُون کي پِرِين ميڙِيين ، روجَهڙِيُون ميڙيين مِينھَن مِينھَن،
ھوتَنِ جِيءَ ھيڪاندِ لَيءِ، آئُون رُئان راتو ڏِينھَن ڏِينھَن،
مانَ وَسائي مُون ڌَڻِي، ميڙائي جا مِينھَن مِينھَن.
[ سُر حسيني، وايون، 25 ]

سَڄَڻُ ساھَ پَساھَ ۾، پِرِين پاڻَ پَساھُ،
جَي ٿِيي ھيڪاندِ حَبِيبَ سين، وَحدَتَ تَنھِين واھُ،
وَ فِیۡ اَنۡفُسِڪُمۡ اَفَلَا تُبۡصِرُوۡنَ ، سَچو اِيءَ گَواھُ.
[ سُر آسا، پاڻ پردو پاڻ، 4 ]

مَرِي ويندِيَسِ ماءُ، لَڪَ لَنگهَندي لَڪِيُون،
وَڃِي ڪيچِ قَرارِئا، جَتَ پَنھِنجِيءَ جاءِ،
رُوئَڻَ رَتُ جُڳاَءِ، تَنِ ھوتَنِ جي ھيڪاندِ لَيءِ.
[ سُر حسيني، ووءِ ووءِ ڪرڻ ۽ روئڻ ، 16 ]