گَسُ جي سنڌي معنيٰ
واٽ، رند، راھ، گهاڙو، دڳ، پيچرو . گُذَرُ، لنگُهہ، گهَٽُ، گهيرُ.
ذريعو:ڀٽائي پيڊيا
English Meaning
A road, path, way.
گَسُ جا بيتن ۾ حوالا
ويھُ مَ مُنڌَ ڀَنڀورَ ۾، ڪَرِ ڪو واڪو وَسُ،
جِمَ وِرِچِي ڇَڏِيين، سَندو گُنگنِ گَسُ،
ڏورَڻَ مَنجهان ڏَسَ، پُوندُءِ ھوتَ پُنهونءَ جو.
[ سُر آبڙي، ويھُ مَ مُنڌ، 21 ]
جِمَ وِرِچِي ڇَڏِيين، سَندو گُنگنِ گَسُ،
ڏورَڻَ مَنجهان ڏَسَ، پُوندُءِ ھوتَ پُنهونءَ جو.
[ سُر آبڙي، ويھُ مَ مُنڌ، 21 ]
وَڃَڻَ ڪِجي وَسُ، سيڻَنِ ڪارَڻِ سَسُئِي،
جِمَ وِرِچِي ڇَڏِيين، سَندو گُنگن گَسُ،
ڏوٿِي ڏِيندا ڏَسُ، توکي ٻاروچَنِ جو.
[ سُر آبڙي، ويھُ مَ مُنڌ، 25 ]
جِمَ وِرِچِي ڇَڏِيين، سَندو گُنگن گَسُ،
ڏوٿِي ڏِيندا ڏَسُ، توکي ٻاروچَنِ جو.
[ سُر آبڙي، ويھُ مَ مُنڌ، 25 ]
جُٽَ پِٽي پِھُ جاٽَ، ھاڙِھي پُڇُ مَ ھوتَ کي،
لَڪَنِ ۾ لَطِيفُ چئَي، ٿِيندَءِ پيرَ پَيماٽَ،
ڇَڏِ مَ گَسُ گُنگُنِ جو، وَٺُ اِھائِي واٽَ،
ڳوڌَنِ وَرايا ڳاٽَ، تُون پُڻ ھَلِجِ تَڪِڙِي.
[ سُر آبڙي، ٿڪيائي ٿر ٿيلهہ، 4 ]
لَڪَنِ ۾ لَطِيفُ چئَي، ٿِيندَءِ پيرَ پَيماٽَ،
ڇَڏِ مَ گَسُ گُنگُنِ جو، وَٺُ اِھائِي واٽَ،
ڳوڌَنِ وَرايا ڳاٽَ، تُون پُڻ ھَلِجِ تَڪِڙِي.
[ سُر آبڙي، ٿڪيائي ٿر ٿيلهہ، 4 ]
جَفا وارِيَنِ جَسُ، جَسُ جَفا ريءَ نَہ ٿِئي،
سُتينِ ساٿُ وِڃائِيو، گولِي ڇَڏِ مَ گَسُ،
ليڙَنِ جو لَطِيفُ چئَي، ڏُونگَرَ آھي ڏَسُ،
پُنهون وَڃِي پَسُ، سِر ڀَرِ ھَلِي سَسُئِي.
[ سُر معذوري، اڌر نڌر ۽ ھيڪلي، 11 ]
سُتينِ ساٿُ وِڃائِيو، گولِي ڇَڏِ مَ گَسُ،
ليڙَنِ جو لَطِيفُ چئَي، ڏُونگَرَ آھي ڏَسُ،
پُنهون وَڃِي پَسُ، سِر ڀَرِ ھَلِي سَسُئِي.
[ سُر معذوري، اڌر نڌر ۽ ھيڪلي، 11 ]
ھِيءَ گِسِي ھِيءُ گَسُ، ھِيءُ پَھَڻُ ھِيءُ پيچِرو،
ليڙَنِ جو لَطِيفُ چئَي، ڏُونگَرَ آھي ڏَسُ،
ويچارِيءَ وَڏو ڪِئو، ويندَنِ پُٺِيان وَسُ،
جَڳَ ۾ رَھِيُسِ جَسُ، سَڳَرِ ٿِي سَردارَ جي.
[ سُر ديسي، ڏيرن ناھي ڏوھ، 25 ]
ليڙَنِ جو لَطِيفُ چئَي، ڏُونگَرَ آھي ڏَسُ،
ويچارِيءَ وَڏو ڪِئو، ويندَنِ پُٺِيان وَسُ،
جَڳَ ۾ رَھِيُسِ جَسُ، سَڳَرِ ٿِي سَردارَ جي.
[ سُر ديسي، ڏيرن ناھي ڏوھ، 25 ]
گِندا گُشِي پاڻَ ۾، سِرِ چَپَنِ چولي،
پِريَٽِ پَروجِي ڪِينَ ڪِي، ٻاروچي ٻولِي،
گَسُ وَٺي گولِي، پَهتِي ڄامَ پُنهونءَ کي.
[ سُر ديسي، ٻروچڪي ٻولي، 22 ]
پِريَٽِ پَروجِي ڪِينَ ڪِي، ٻاروچي ٻولِي،
گَسُ وَٺي گولِي، پَهتِي ڄامَ پُنهونءَ کي.
[ سُر ديسي، ٻروچڪي ٻولي، 22 ]
ڏيکارِيُسِ ڏُکَنِ، گُوندَرَ گَسُ پِرِيَنِ جو،
سُونھائي سُورَنِ ڪِي ھيڪاندِي ھوتَ سين.
[ سُر حسيني، سؤُ سُک ۽ طالب، تات، 14 ]
سُونھائي سُورَنِ ڪِي ھيڪاندِي ھوتَ سين.
[ سُر حسيني، سؤُ سُک ۽ طالب، تات، 14 ]
ڏَھين ڏِينھَن ڏِکَ ٿِئا، پِرِين پاٻوھِئا پَسُ،
وَرَقَ جي وِصالَ جا، واري ڪِئائُون وَسُ،
لَڌائُون لَطِيفُ چئَي، سَندو گُرُوءَ گَسُ،
جوڳِيَنِ کَٽِئو جَسُ، لِڪا ڀُوڻَنِ لوڪَ ۾.
[ سُر رامڪلي، ڏھاڙي وارتا، 10 ]
وَرَقَ جي وِصالَ جا، واري ڪِئائُون وَسُ،
لَڌائُون لَطِيفُ چئَي، سَندو گُرُوءَ گَسُ،
جوڳِيَنِ کَٽِئو جَسُ، لِڪا ڀُوڻَنِ لوڪَ ۾.
[ سُر رامڪلي، ڏھاڙي وارتا، 10 ]
ڏُونگَرَ ڏِجو ڏَسُ، مِيآن ڪو پيچِرو پُنَهَلَ جو،
سيڻَنِ ڪارَڻِ سَسُئِي، وَڃَڻَ ڪِجي وَسُ،
مَتان ڇورِي ڇَڏِيين، سَندو گنگِنَ گَسُ،
صُبوحَ ساڻُ سَيِّدُ چئَي، واڳَ نَہ ڏِجي وَسُ.
[ سُر ديسي، وايون، 16 ]
سيڻَنِ ڪارَڻِ سَسُئِي، وَڃَڻَ ڪِجي وَسُ،
مَتان ڇورِي ڇَڏِيين، سَندو گنگِنَ گَسُ،
صُبوحَ ساڻُ سَيِّدُ چئَي، واڳَ نَہ ڏِجي وَسُ.
[ سُر ديسي، وايون، 16 ]
جَڏھِن ٻُڌوسُون، تَہ ٿو بَخِشِين بَدڪارَنِ کي،
تَڏِھِين اُٿِي مُون، وَٺِتو گَسُ گُناھَ جو.
[ سُر ڏھر، نانءُ، ٻاجهہ ۽ ڪانڌ، 5 ]
تَڏِھِين اُٿِي مُون، وَٺِتو گَسُ گُناھَ جو.
[ سُر ڏھر، نانءُ، ٻاجهہ ۽ ڪانڌ، 5 ]
English Meaning
A road, path, way.