گهاتُو جي سنڌي معنيٰ
گهاتي، مڇي ماريندڙ، پَھرِي وارو، ميربحر. ٽوٻُو، ٽوٻيو، سمنڊ جو واقف. شڪار ڪندڙ، شڪاري، جهاڻو.
ذريعو:ڀٽائي پيڊيا
English Meaning
Fisherman, voyager, hunter
گهاتُو جا بيتن ۾ حوالا
گهاتُو گهڻيئِي ھُئا، مَٿي ھِنَ مَھِراڻَ،
تانگهَہ نَہ لَڌِي تارُئين، سَندِي سِيرَ سِٽاڻَ،
لاڄُو ڇِنا لَھِرِيين ڀَڳا سِڙَه سُکان،
ڪُنَنِ جِي ڪَشوڪَشَ ۾، جُنبئا ڪي جُوانَ،
موڙي چاڙِھِيائون مَڪُڙا، ڄولي پَنھِنجا ڄاڻَ،
سُبْحَانَڪ اِنِّی اَھل العِجز من مَعْرِفَتڪ ، اِھَڙا جَنِ پَرِياڻَ،
وَڄائي وَڏاَڻ، حَيرَتَ ۾ ھَلِي وِئا.
[ سُر سريراڳ، جيون ۽ جھاز، 3 ]

مُون اُڌارِئا مَڇَڙا، اللهَ گهاتُو آڻِ،
مِيان مُدارَنِ سين، مُون کي قادِرَ وِجُهہ مَ ڪاڻِ،
ھَٺَ مُنھِنجي ھاڻِ، پِئو قَدُرُ جَنِ ري.
[ سُر گهاتو، ڪو جو قھر ڪلاچ ۾، 13 ]
مِيان مُدارَنِ سين، مُون کي قادِرَ وِجُهہ مَ ڪاڻِ،
ھَٺَ مُنھِنجي ھاڻِ، پِئو قَدُرُ جَنِ ري.
[ سُر گهاتو، ڪو جو قھر ڪلاچ ۾، 13 ]
جيڪُسِ جَهلِيا مَڇَ، گهاتُو گهَرِ نَہ آئِيا.
ڪاھي وَڃو، ناکُئا ڪَرِيو بُري تي بَڇَ.
ڪاٿَي سَندِيَنِ ڪُنڍِيُون، ڪاٿَي سَندِيَنِ رَڇَ.
ڪُنَ ڪَڙڪو ڏاڍو، اَٿَوَ اَڳِئان اَڇَ.
اَدِيُون عَبدِالْلَطِيفُ چي، سَڀَ لَگِهيندا ڇَڇَ.
[ سُر گهاتو، وايون، 2 ]
ڪاھي وَڃو، ناکُئا ڪَرِيو بُري تي بَڇَ.
ڪاٿَي سَندِيَنِ ڪُنڍِيُون، ڪاٿَي سَندِيَنِ رَڇَ.
ڪُنَ ڪَڙڪو ڏاڍو، اَٿَوَ اَڳِئان اَڇَ.
اَدِيُون عَبدِالْلَطِيفُ چي، سَڀَ لَگِهيندا ڇَڇَ.
[ سُر گهاتو، وايون، 2 ]
ڪالَهہ ڪَلاچِيءَ وِئا، گهاتُو ڪَري گهُورَ،
مادَرِ مَلاحَنِ جا، ويٺِي سَھان سُورَ،
مُون کي ڪَري مَلُورَ، اُونِهي وِئَڙا اوھَرِي.
[ سُر گهاتو، ڪو جو قھر ڪلاچ ۾، 7 ]
مادَرِ مَلاحَنِ جا، ويٺِي سَھان سُورَ،
مُون کي ڪَري مَلُورَ، اُونِهي وِئَڙا اوھَرِي.
[ سُر گهاتو، ڪو جو قھر ڪلاچ ۾، 7 ]
اُڀِي اوسَڙان اُسَ ۾، جَهلِئو ڪُنَ ڪِنارَ،
گهاتُو گهَرِ نَہ آيا، وَڏِي لَڳيَنِ وارَ،
ھُيَسِ جَنِي ھارَ، سي موڙي چُرِئا مَڪُڙا.
[ سُر گهاتو، ڪو جو قھر ڪلاچ ۾، 9 ]
گهاتُو گهَرِ نَہ آيا، وَڏِي لَڳيَنِ وارَ،
ھُيَسِ جَنِي ھارَ، سي موڙي چُرِئا مَڪُڙا.
[ سُر گهاتو، ڪو جو قھر ڪلاچ ۾، 9 ]
گها اُھي گهاتُو ڳَيا، گهوري نَہ ڄاڻَنِ،
جَنھِن پَرِ مَڇَ مَرَنِ، سا پَرِ ھِي نَہ سِکِئا.
[ سُر گهاتو، ڪو جو قھر ڪلاچ ۾، 18 ]
جَنھِن پَرِ مَڇَ مَرَنِ، سا پَرِ ھِي نَہ سِکِئا.
[ سُر گهاتو، ڪو جو قھر ڪلاچ ۾، 18 ]
English Meaning
Fisherman, voyager, hunter