ڪيتِرو جي سنڌي معنيٰ
انداز وغيرہ پڇڻ لاءِ سُوالي اکر، گهڻو؟، ڪيترو انداز؟، ڪِتو؟، ڳپَل؟، ڳَچُ؟.
ذريعو:ڀٽائي پيڊيا
English Meaning
How much? how big? (word for asking the quantity)
ڪيتِرو جا بيتن ۾ حوالا
اَلُ اَلِيندي ڪيتِرو، ڪاتِبَ ٿا لِکَنِ،
سَنِهِي ٿُلِهي ڳالِهڙِي، جوڙِئو جَمَعُ ڪَنِ،
تُون پاڙوسِي تَنِ، جَنِ حَرَفُ نَہ وِسِري ھِڪِڙو.
[ سُر يمن ڪلياڻ، پنا پڙهڻ ۽ ڪڙهڻ، 37 ]
سَنِهِي ٿُلِهي ڳالِهڙِي، جوڙِئو جَمَعُ ڪَنِ،
تُون پاڙوسِي تَنِ، جَنِ حَرَفُ نَہ وِسِري ھِڪِڙو.
[ سُر يمن ڪلياڻ، پنا پڙهڻ ۽ ڪڙهڻ، 37 ]
لَنڪا لَنڪا ڪَنِ، لاءِ لَنڪا جٖي اُھَرِئا،
پَسِي سونُ لَنڪا جو، سُکُ نَہ سامُونڊِيَنِ،
پِرھَ پَڳَھَ ڇوڙِيا، کاري کيڙائُنِ،
آئُون جَهلِيندِي ڪيتِرو، آيَلِ سامُونڊِيَنِ،
وَڏي ڀاڳِ ڀِرَنِ، جٖي ڪَھِيا ڪارُونڀارَ ڏي.
[ سُر سامونڊي، سيءَ ۽ جهيڙا، 27 ]
پَسِي سونُ لَنڪا جو، سُکُ نَہ سامُونڊِيَنِ،
پِرھَ پَڳَھَ ڇوڙِيا، کاري کيڙائُنِ،
آئُون جَهلِيندِي ڪيتِرو، آيَلِ سامُونڊِيَنِ،
وَڏي ڀاڳِ ڀِرَنِ، جٖي ڪَھِيا ڪارُونڀارَ ڏي.
[ سُر سامونڊي، سيءَ ۽ جهيڙا، 27 ]
اَڄُ پُڻ وايُون ڪَنِ، وَڻِجارا وَڃَڻَ جُون،
ھَلَڻَ ھارا سُپِرِين، رُئان تان نَہ رَھَنِ،
آئُون جَهلِيندِي ڪيتِرو، آيَلِ سامُونڊِيَنِ،
پَڳَھَ ڇوڙي جَنِ، وِڌا ٻيڙا ٻارِ ۾.
[ سُر سامونڊي، وايون وڃڻ جون، 11 ]
ھَلَڻَ ھارا سُپِرِين، رُئان تان نَہ رَھَنِ،
آئُون جَهلِيندِي ڪيتِرو، آيَلِ سامُونڊِيَنِ،
پَڳَھَ ڇوڙي جَنِ، وِڌا ٻيڙا ٻارِ ۾.
[ سُر سامونڊي، وايون وڃڻ جون، 11 ]
دَھشَتَ دامَ دَرياھَ ۾، جِتِ ڀِيڙِ اُبَتِي ڀَتِ،
آڻِئو اُڇَلي آبَ ۾، رَءِ رُئاڙي رَتُ،
ڏَمُ ڏِھاڙِي ڪيتِرو، ڪَري خوُبُ کپَتِ،
ساھَڙَ ڪَري سُپَتِ، اُونِهي مان اُڪارِئين.
[ سُر سھڻي، دھشت دام درياھَ، 16 ]
آڻِئو اُڇَلي آبَ ۾، رَءِ رُئاڙي رَتُ،
ڏَمُ ڏِھاڙِي ڪيتِرو، ڪَري خوُبُ کپَتِ،
ساھَڙَ ڪَري سُپَتِ، اُونِهي مان اُڪارِئين.
[ سُر سھڻي، دھشت دام درياھَ، 16 ]
پَل پَل ٿِئي پَلِي، ڏَمَ ڏِھاڙِي ڪيتِرو،
پَسِي دَورُ دَرياھَ جو، وِچان ڪِينَ وَلِي،
ڪارِي راتِ قَرِيبَ ڏي، مَنجهان حُبَ ھَلِي،
نَہ ڪَنھِن جهولَ جَهلِي، سَمُنَ پُورِي سُهڻِي.
[ سُر سھڻي، سانوڻ، سيارو گهڙي ۽ گهوري، 15 ]
پَسِي دَورُ دَرياھَ جو، وِچان ڪِينَ وَلِي،
ڪارِي راتِ قَرِيبَ ڏي، مَنجهان حُبَ ھَلِي،
نَہ ڪَنھِن جهولَ جَهلِي، سَمُنَ پُورِي سُهڻِي.
[ سُر سھڻي، سانوڻ، سيارو گهڙي ۽ گهوري، 15 ]
نَہ ڪا جهولَ جَهليسِ، نَہ تانگهو نَہ تارِ ڪِي،
ڏَمُ ڏِھاڙِي ڪيتِرو، پَرِ ۾ ٿو پَليس،
تانۡ تانۡ جِيءُ جَليسِ، مِلي جانۡ نَہ ميھارَ کي.
[ سُر سھڻي، سانوڻ، سيارو گهڙي ۽ گهوري، 17 ]
ڏَمُ ڏِھاڙِي ڪيتِرو، پَرِ ۾ ٿو پَليس،
تانۡ تانۡ جِيءُ جَليسِ، مِلي جانۡ نَہ ميھارَ کي.
[ سُر سھڻي، سانوڻ، سيارو گهڙي ۽ گهوري، 17 ]
آئُون جَا ويندَڙياس پارِ پِرِيَنِ جي، مُون کي ڪا مَ جَهلي،
آئُون جَا ويندَڙَيَس پارِ پِرِيَنِ جي، نِينھُن اُڇَلي،
پَسِئو دُونھِي دوسِتَ جِي، جِيءُ مُنھِنجو جَلي،
تَنُ وَڌائِين تارِ ۾، آڌِيءَ ريَنَ اُڇَلي،
ڏَمُ ڏِھاڙِي ڪيتِرو، پَرِ ۾ ٿو پَلي،
مَحبتِيءَ ميھارَ جو، سُورُ مُونھِين کي سَلي.
[ سُر سھڻي، وايون، 7 ]

قَضا قَلَمُ وَھايو، نَہ تَہ آئُون سِياڻِي،
پاڻان پَلِئو ڪيتِرو، ڏَمَ ٿي ڏِھاڙِي،
اَڳھَيِن مُنھِنجي اَنگَ ۾، لِکِئو ھو پاڻِي،
تيلاھِين ڄاڻِي، ڪِران ڪُنَنِ وِچَ ۾.
[ سُر سھڻي، تران، سڀت، ڏٺي ڏينھن، 21 ]
پاڻان پَلِئو ڪيتِرو، ڏَمَ ٿي ڏِھاڙِي،
اَڳھَيِن مُنھِنجي اَنگَ ۾، لِکِئو ھو پاڻِي،
تيلاھِين ڄاڻِي، ڪِران ڪُنَنِ وِچَ ۾.
[ سُر سھڻي، تران، سڀت، ڏٺي ڏينھن، 21 ]
ساھَڙُ سُڪي ۾ ٿِئو، پاڻِيءَ ۾ پُنُون،
سَندو ڪَچَ ڪُنو، تَرِي تَرَندو ڪيتِرو.
[ سُر سھڻي، جيئري، ساھڙ ڌاران، 13 ]
سَندو ڪَچَ ڪُنو، تَرِي تَرَندو ڪيتِرو.
[ سُر سھڻي، جيئري، ساھڙ ڌاران، 13 ]
پيئِي ٿِيي پِيمالُ، سا مُنڌَ مَري نَہ جِيئي،
ڀورِي ھِنَ ڀَنڀورَ سين، ھَڏِ نَہ ڳَرَھي حالُ،
لالَڻَ جو لَطِيفُ چئَي، وِساري نَہ وِصالُ،
ڀِرِي ڪِجاھُ ڀالُ، ھِيءَ ڏاھِ ڏورِيندِي ڪيتِرو.
[ سُر معذوري، اڌر نڌر ۽ ھيڪلي، 9 ]