ڦُلَ جي سنڌي معنيٰ
گُل، ڦُول
ذريعو:ڀٽائي پيڊيا
English Meaning
Flower.
ڦُلَ جا بيتن ۾ حوالا
چَڙِهئو چَڪاسِينِ چاھِ، آڳِ ٻَرَندِيءَ آيا،
وِھسَنِ واڙي ڦُلَ جِيئَن، مُحبَتِي مَچَ لاءِ،
آڻي پاڻُ اَڙاءِ، کَڻِي کُوري وِچَ ۾.
[ سُر يمن ڪلياڻ، پتنگ ۽ باھ، 17 ]

وَڃِي وَڃِي ويٺَڙِي تِتي، جِتِ پيرُ ڏِٺائين پِرِينءَ جو،
پيرُ سُڃاتائِين پِرِينءَ جو، مَنجهان نِينھَن نِرتي،
ھُو وِھِيا وَڻِڪارَ ڏي، ھِنَ ڀوريءَ ڀانيا ھِتي،
جَنھِن ڇيڙي وِڌِيَسِ ڇَپَرين، سو ڪوھِيارو ڪِٿي،
مَري رَھَندِيَسِ ماڳھِين، نَہ تَہ ھادِي اچِجِ ھِتي،
آمان لِيمان ڦُلَ ڦارُوھا، ڳاڱا راڱا جِتي،
مُون کي ڇَڏي ھَلِئا، ڪا پييَن مَٿي پِتي.
[ سُر حسيني، وايون، 8 ]

جِھَڙا ڪَڻِڄِ ڪَکَڙا، تِھَڙا جائِنِ ڦُلَ،
تَنِ سامِيَنِ جي سَڌَ مَران، جَنِ جي گودَڙِيُنِ ۾ گُلَ،
اَندَرِ مُلَ اَمُلَهہ، ٻَھَرِ ڪوجها ڪاپَڙِي.
[ سُر رامڪلي، بازار، ناٿ، گرو ۽ ھرنام، 19 ]

نَہ سي ڦُلَ باغَنِ ۾، ھَٽين نَہ داڻا،
لاکي اَباڻا، لَڏي ڪَنھِن لوءِ وِئا.
[ سُر ڏھر، لاکو ڦلاڻي، ريٻاڙي ۽ اوڏ، 1 ]

جِيئَن سي عُمَرَ سُومَرا، تو وَٽِ تُوتَ پَچَنِ،
تِيئَن اَسان جي مُلڪَ ۾، جَهلِئا ڦُلَ اَڪَنِ،
ميوا کان مُرٽَنِ، مُورِ نَہ مِٺا ڀانيان.
[ سُر مارئي، جيھا جي تيھا، 11 ]

ڪَرَ ڦُلَ ڦوٽا پارِچا، پاڻِيَٺَ پاتائُون،
ڪوٺِيُون قِيمَتَ سَندِيُون، تَرَ ۾ تاڪِيائُون،
لاڄُن ۾ لَطِيفُ چئَي، ٻيڙا ٻَڌائُون،
نَذُرُ نَبِيءَ ڄامَ جو، چَڙَھندي چَيائُون،
جي ڇُوھي ڇوڙِيائُون، سي ٻيڙِيُون رَکين ٻاجَهہ سين.
[ سُر سريراڳ، اجگر لھرون ۽ جھاز، 11 ]

ڪَرَ ڦُلَ ڦوٽا پارِچا، اوتِيائُون عَنبِيرَ،
مَهِنديين مُهِري مُصطَفيٰ، اولي ويھُ اَمِيرَ،
لَنگهائي لَطِيفُ چئَي، اَڳِيان سُڄي سَمُنڊَ سِيرَ،
بَرِڪَتَ مُحَّمَدَ مِيرَ، جوکو ٿِئي مَ جَھازَ کي.
[ سُر سريراڳ، اجگر لھرون ۽ جھاز، 12 ]