ڦُليلَ جي سنڌي معنيٰ
گلن جو تيل، گل روغن. گلن پيل ترن جو تيل. عطر پيل تيل. خوشبودار تيل، سُرهو تيل. شفاف تيل، صفا ٿيل تيل.
ذريعو:ڀٽائي پيڊيا
English Meaning
Any fluid perfume. Oil obtained from flowers.
ڦُليلَ جا بيتن ۾ حوالا
ڏِيا تيلَ ڦُليلَ جا، ٻارِئَمِ تائِين ٻانگَ،
ڍولِئو ڍَٽِ رَھائِيو، ڪَنھِن سَٽاڻي سانگَ،
چانگي چَڙِھي آءُ تُون، لالَ وَرائي لانگَ،
ڪوڙيِين ڀَتين ڪانگَ، اُڏايامِ اَچيجِ تُون.
[ سُر راڻو، ڏِيئا، تيل ۽ مھمان، 3 ]
ڍولِئو ڍَٽِ رَھائِيو، ڪَنھِن سَٽاڻي سانگَ،
چانگي چَڙِھي آءُ تُون، لالَ وَرائي لانگَ،
ڪوڙيِين ڀَتين ڪانگَ، اُڏايامِ اَچيجِ تُون.
[ سُر راڻو، ڏِيئا، تيل ۽ مھمان، 3 ]
گُلِتانَ جَھِڙِيُون گُجَرِيُون، اَرَمَ اوڍئائُون،
جوٽا تيلَ ڦُليلَ سين، واسِينگَ ويڙھِئائُون،
سُتِي لوڪَ لَطِيفُ چئَي، رَڻُو رانيائُون،
سو موٽِي ڪِيئَن پاھُون، جو گُلُ گُجَرِ کي گَڏِئو.
[ سُر راڻو، ڪاڪ قاصد ۽ آسڻ، 16 ]