ڏِٺُمِ جي سنڌي معنيٰ
مون ڏٺو، مون پَسيو، ديکيم، مان کي ڏيک آيو، مون کي نظر آيو
ذريعو:ڀٽائي پيڊيا
English Meaning
I've seen, I've observed, I've got
ڏِٺُمِ جا بيتن ۾ حوالا
مُٺِيَسِ جَهلِ مَھارَ، ڪُٺِيَسِ ڪاھِ مَ ڪَرَھو،
مُون نِماڻِيءَ جي نِجُهري، ڀيرو ڪَرِ ڀَتارَ،
ساجَنَ تُھان ڌارَ، ڏِٺُمِ ڏِينھُن قِيامَ جو.
[ سُر ديسي، ڪيچان آيو قافلو، 1 ]
مُون نِماڻِيءَ جي نِجُهري، ڀيرو ڪَرِ ڀَتارَ،
ساجَنَ تُھان ڌارَ، ڏِٺُمِ ڏِينھُن قِيامَ جو.
[ سُر ديسي، ڪيچان آيو قافلو، 1 ]
ڀَنڀو جو ڀَنڀورُ ۾، ڪاڪُل ڏِٺُمِ ڪالَهہ،
ھاءِ تَنِي جي حالَ، زُلفَ جي زافُ ڪِيُون.
[ سُر معذوري، ڪاڪل ۽ جيسرميرياڻيون، 6 ]
ھاءِ تَنِي جي حالَ، زُلفَ جي زافُ ڪِيُون.
[ سُر معذوري، ڪاڪل ۽ جيسرميرياڻيون، 6 ]
اُجاڙان ڀَنڀورُ، سَرَتِيُون سَکَرُ ڀانيان،
آرِياڻِي اَتورُ، ڏِٺُمِ جِتِ اَکِيُنِ سين.
[ سُر حسيني، بُرو ھو ڀنڀور، 8 ]
آرِياڻِي اَتورُ، ڏِٺُمِ جِتِ اَکِيُنِ سين.
[ سُر حسيني، بُرو ھو ڀنڀور، 8 ]
ماءُ وِھاڻو وارِ، کَڻُ پَٿِراڻِي پانھِنجي،
جيڪِي ڏِنُئِي ڏيجَ ۾، سو سَڀوئِي سارِ،
وَڃان ٿِي وَڻِڪارِ، ڏِٺُمِ پيرُ پُنهونءَ جو.
[ سُر حسيني، ٻاروچا، فراق ۽ وصال، 4 ]
جيڪِي ڏِنُئِي ڏيجَ ۾، سو سَڀوئِي سارِ،
وَڃان ٿِي وَڻِڪارِ، ڏِٺُمِ پيرُ پُنهونءَ جو.
[ سُر حسيني، ٻاروچا، فراق ۽ وصال، 4 ]
اَڄُ نَہ مَنُ قَرارُ، ڏِٺُمِ سَونچو ساٿَ ۾،
نَھِي ويٺا بارُ، مَٿي ساڻيھَ سُپِرِين.
[ سُر حسيني، وڳ قطارون ۽ ڪاروُن، 31 ]
نَھِي ويٺا بارُ، مَٿي ساڻيھَ سُپِرِين.
[ سُر حسيني، وڳ قطارون ۽ ڪاروُن، 31 ]
ڏُونگَرَ ڏُکارو، ڏِٺُمِ ري ڏوٿِيين،
پَھَڻَنِ رُنُو پاڻَ ۾،سَڄو ڏِينھُن سارو،
ڳُجهو تَنِ ڳارو، ڇَپَرَ ھُو ڇَٽُ ھُئا.
[ سُر کاھوڙي، ڏوٿِي، ڏُٿ، ڏُونگر، 18 ]
پَھَڻَنِ رُنُو پاڻَ ۾،سَڄو ڏِينھُن سارو،
ڳُجهو تَنِ ڳارو، ڇَپَرَ ھُو ڇَٽُ ھُئا.
[ سُر کاھوڙي، ڏوٿِي، ڏُٿ، ڏُونگر، 18 ]
جِياسُون جوڙَ ٿِي، جوڳِي ڏِٺُمِ جانۡ،
سَڱُ جَنھِين سان، سامِي سو سانڀيٽِئو.
[ سُر رامڪلي، اڄ نہ اوطاقن ۽ جياسُون، 18 ]
سَڱُ جَنھِين سان، سامِي سو سانڀيٽِئو.
[ سُر رامڪلي، اڄ نہ اوطاقن ۽ جياسُون، 18 ]
ھِنَ سُڻاڻِيءَ کان سُومَرا، ناحَقُ ٿِي جِيئان،
موٽائي مَلِيرَ ڏي، ڪِھَڙو نَڪُ نِيان،
جاڙَ ٿِي جِيئان، مُنھُن نَہ ڏِٺُمِ مارُوئين.
[ سُر مارئي، بندياڻي واجهائي وطن کي، 9 ]
موٽائي مَلِيرَ ڏي، ڪِھَڙو نَڪُ نِيان،
جاڙَ ٿِي جِيئان، مُنھُن نَہ ڏِٺُمِ مارُوئين.
[ سُر مارئي، بندياڻي واجهائي وطن کي، 9 ]
کائُرِ ڏانھَن کَڻِي، ويڙهِيچا وِئا،
لَنگهي لَڪَ لَطِيفُ چئَي، پَرِيين ٿَرِ ٿِئا،
جيڏِيُون جاڙَ جِيئان، مُنھُن نَہ ڏِٺُمِ مارُوئين.
[ سُر مارئي، کائر ڏانھن کڻي وئا، 13 ]
لَنگهي لَڪَ لَطِيفُ چئَي، پَرِيين ٿَرِ ٿِئا،
جيڏِيُون جاڙَ جِيئان، مُنھُن نَہ ڏِٺُمِ مارُوئين.
[ سُر مارئي، کائر ڏانھن کڻي وئا، 13 ]
ڏُکارو ڏُونگرُ، ڏِٺُمِ ري ڏوٿِيين،
پَٻَ اورِئو ٿي پانھِنجو، اُنِهين سين اَندَرُ،
ڇورو ٿِئو ڇَپَرُ، ڀيرو کاھوڙِيَنِ ڀَڳو.
[ سُر کاھوڙي، ڏوٿِي، ڏُٿ، ڏُونگر، 19 ]
پَٻَ اورِئو ٿي پانھِنجو، اُنِهين سين اَندَرُ،
ڇورو ٿِئو ڇَپَرُ، ڀيرو کاھوڙِيَنِ ڀَڳو.
[ سُر کاھوڙي، ڏوٿِي، ڏُٿ، ڏُونگر، 19 ]
English Meaning
I've seen, I've observed, I've got