ڏَمَ جي سنڌي معنيٰ
سھڻيءَ جي مڙس جو نالو
ذريعو:ڀٽائي پيڊيا
English Meaning
Husband name of Sohni.
ڏَمَ جا بيتن ۾ حوالا
جِئان گِهڙي تِئانِ گهيڙُ، ڪَپَرو پُڇَنِ ڪُوڙِيُون،
ڏَمَ سين جُسو ظاھِرا، مَنَ ميھارَ سين ميڙُ،
سا نَدِي ڀانئي نيڙُ، جَنھِن کي سِڪَ ساھَڙَ جِي.
[ سُر سھڻي، سانوڻ، سيارو گهڙي ۽ گهوري، 3 ]
ڏَمَ سين جُسو ظاھِرا، مَنَ ميھارَ سين ميڙُ،
سا نَدِي ڀانئي نيڙُ، جَنھِن کي سِڪَ ساھَڙَ جِي.
[ سُر سھڻي، سانوڻ، سيارو گهڙي ۽ گهوري، 3 ]
توڏِي تُھائِين جٖي، سي ھِتَھِين ڇَڏِ حِرِصَ،
ساھَڙَ ڌاران سُهڻِي، کوٽِيُون ڪَنِ کِرسَ،
وَڏِي اِيءَ وِرِسَ، جِيئَن ڏَمَ وَٽِ ڏِينھَن گُذارِيين.
[ سُر سھڻي، سانوڻ، سيارو گهڙي ۽ گهوري، 10 ]
ساھَڙَ ڌاران سُهڻِي، کوٽِيُون ڪَنِ کِرسَ،
وَڏِي اِيءَ وِرِسَ، جِيئَن ڏَمَ وَٽِ ڏِينھَن گُذارِيين.
[ سُر سھڻي، سانوڻ، سيارو گهڙي ۽ گهوري، 10 ]
پَل پَل ٿِئي پَلِي، ڏَمَ ڏِھاڙِي ڪيتِرو،
پَسِي دَورُ دَرياھَ جو، وِچان ڪِينَ وَلِي،
ڪارِي راتِ قَرِيبَ ڏي، مَنجهان حُبَ ھَلِي،
نَہ ڪَنھِن جهولَ جَهلِي، سَمُنَ پُورِي سُهڻِي.
[ سُر سھڻي، سانوڻ، سيارو گهڙي ۽ گهوري، 15 ]
پَسِي دَورُ دَرياھَ جو، وِچان ڪِينَ وَلِي،
ڪارِي راتِ قَرِيبَ ڏي، مَنجهان حُبَ ھَلِي،
نَہ ڪَنھِن جهولَ جَهلِي، سَمُنَ پُورِي سُهڻِي.
[ سُر سھڻي، سانوڻ، سيارو گهڙي ۽ گهوري، 15 ]
گِهڙي ۽ گهوري، مَٿان پِرِيَنِ جِندَڙو،
مَحَبتَ جي مَيدانَ ۾، تِلَ تَسُو توري،
ڏَمَ وِڌِي ڏوري، نَہ تَہ ڪُنَنِ ۾ ڪيرَ گِهڙي.
[ سُر سھڻي، سانوڻ، سيارو گهڙي ۽ گهوري، 26 ]
مَحَبتَ جي مَيدانَ ۾، تِلَ تَسُو توري،
ڏَمَ وِڌِي ڏوري، نَہ تَہ ڪُنَنِ ۾ ڪيرَ گِهڙي.
[ سُر سھڻي، سانوڻ، سيارو گهڙي ۽ گهوري، 26 ]
سَندو ڏَمَ ڏَھڪار، ھَڏِھِين ڪونِهي ھِنَ کي،
پُسائي نَہ پانھِنجو، سُهڻِي سِينگارُ،
ڪارَڻِ مُنڌَ ميھارَ، ڪارِيءَ راتِ ڪُنَ تَري.
[ سُر سھڻي، آڌيءَ اڌاڻ، ڏم ڏھڪار، 17 ]
پُسائي نَہ پانھِنجو، سُهڻِي سِينگارُ،
ڪارَڻِ مُنڌَ ميھارَ، ڪارِيءَ راتِ ڪُنَ تَري.
[ سُر سھڻي، آڌيءَ اڌاڻ، ڏم ڏھڪار، 17 ]
ڏَمَ کُٽَنَئِي ڏِينھَن،ويٺو جِيئَن وِلَلِيين،
مَڇِيءَ مارَڳَ لائِيا، ھَڏَنِ مَٿان ھِينئَن،
سي قَولَ ڀَڃَندِيَسِ ڪِيئَن، جي ٻَڌَمِ ٻيلايَنِ سين.
[ سُر سھڻي، آڌيءَ اڌاڻ، ڏم ڏھڪار، 19 ]
مَڇِيءَ مارَڳَ لائِيا، ھَڏَنِ مَٿان ھِينئَن،
سي قَولَ ڀَڃَندِيَسِ ڪِيئَن، جي ٻَڌَمِ ٻيلايَنِ سين.
[ سُر سھڻي، آڌيءَ اڌاڻ، ڏم ڏھڪار، 19 ]
ڪَچو تَہ ڪوھُ، پَڪو نَظَرُ پِرِينءَ جو،
ساھَڙُ مُنھِنجو سُپِرِين، ڏَمَ ڏِٺيئِي ڏوھُ،
جَي ڇَٽو جَي ڇوھُ، تَہ پُورِيندِيَسِ پارُ مَڻي.
[ سُر سھڻي، ترھو، ڪچو ۽ ڪنڀار، 12 ]
ساھَڙُ مُنھِنجو سُپِرِين، ڏَمَ ڏِٺيئِي ڏوھُ،
جَي ڇَٽو جَي ڇوھُ، تَہ پُورِيندِيَسِ پارُ مَڻي.
[ سُر سھڻي، ترھو، ڪچو ۽ ڪنڀار، 12 ]
قَضا قَلَمُ وَھايو، نَہ تَہ آئُون سِياڻِي،
پاڻان پَلِئو ڪيتِرو، ڏَمَ ٿي ڏِھاڙِي،
اَڳھَيِن مُنھِنجي اَنگَ ۾، لِکِئو ھو پاڻِي،
تيلاھِين ڄاڻِي، ڪِران ڪُنَنِ وِچَ ۾.
[ سُر سھڻي، تران، سڀت، ڏٺي ڏينھن، 21 ]
پاڻان پَلِئو ڪيتِرو، ڏَمَ ٿي ڏِھاڙِي،
اَڳھَيِن مُنھِنجي اَنگَ ۾، لِکِئو ھو پاڻِي،
تيلاھِين ڄاڻِي، ڪِران ڪُنَنِ وِچَ ۾.
[ سُر سھڻي، تران، سڀت، ڏٺي ڏينھن، 21 ]
ڪيرِ ڪُنَ آئُون ڪيرَ، ڪيرَ ڏَمَرَ سَھي ڏَمَ جا،
قَضا ريءَ ڪانَہ ڏي، مَٿي پاڻِيءَ پيرَ،
ڀينَرُ ڀِنِيءَ ويرَ، لِڌو ٿِي لوڙِيان.
[ سُر سھڻي، تران، سڀت، ڏٺي ڏينھن، 23 ]
قَضا ريءَ ڪانَہ ڏي، مَٿي پاڻِيءَ پيرَ،
ڀينَرُ ڀِنِيءَ ويرَ، لِڌو ٿِي لوڙِيان.
[ سُر سھڻي، تران، سڀت، ڏٺي ڏينھن، 23 ]
مَرِجِ وَٽِ ميھارَ، مَتان موٽين سُهڻِي،
ساھَڙَ جا سِينگارَ، مَتان ڏَمَ ڏيکارِيين.
[ سُر سھڻي، تران، سڀت، ڏٺي ڏينھن، 26 ]
ساھَڙَ جا سِينگارَ، مَتان ڏَمَ ڏيکارِيين.
[ سُر سھڻي، تران، سڀت، ڏٺي ڏينھن، 26 ]
English Meaning
Husband name of Sohni.
ڏَمَ ٻول جا زمرا