ڏيرَنِ جي سنڌي معنيٰ
مڙس جا ڀائرن، ديورن، (اوائلي سنڌي ڏ+ور ٻيو مڙس)
ذريعو:ڀٽائي پيڊيا
English Meaning
Brothers of husband.
ڏيرَنِ جا بيتن ۾ حوالا
ڏِنا جِيئَڻَ لاءِ جيڏِيُون، ڏيرَنِ مُون کي ڏُکَ،
ڀَڳِيَسِ جان ڀَنڀورَ کان، سُورَ مِڙيئِي سُکَ،
لَٿِي مُون تان لُکَ، پُنهون ٿِيَسِ پاڻِهين.
[ سُر آبڙي، سڀ ڪجهہ سندي اندر، 3 ]
ڀَڳِيَسِ جان ڀَنڀورَ کان، سُورَ مِڙيئِي سُکَ،
لَٿِي مُون تان لُکَ، پُنهون ٿِيَسِ پاڻِهين.
[ سُر آبڙي، سڀ ڪجهہ سندي اندر، 3 ]
وِئا سُڃَ سَنجهي ڪَري، ڀينَرُ راتِ ڀِنِي،
سُڌِ لَڏِيندي ساٿَ جِي، ڏيرَنِ ڪانَہ ڏِنِي،
وِئَڙا سَڱُ ڇِنِي، ڏُکِي ڏولي ڏُونگَرين.
[ سُر ديسي، جت، اُٺ ۽ ڌاريا، 3 ]
سُڌِ لَڏِيندي ساٿَ جِي، ڏيرَنِ ڪانَہ ڏِنِي،
وِئَڙا سَڱُ ڇِنِي، ڏُکِي ڏولي ڏُونگَرين.
[ سُر ديسي، جت، اُٺ ۽ ڌاريا، 3 ]
ڌُرِيان ئِي ڌارِيان، مِٽَ مُئِيءَ جا نَہ ٿِئا،
ڏَمَرُ ڏيرَنِ مَنَ ۾، کِلِئو کِيڪارِيان،
صُبحِ ٿِي سارِيان، اُٺَ نَہ اوطاقُنِ ۾.
[ سُر ديسي، جت، اُٺ ۽ ڌاريا، 13 ]
ڏَمَرُ ڏيرَنِ مَنَ ۾، کِلِئو کِيڪارِيان،
صُبحِ ٿِي سارِيان، اُٺَ نَہ اوطاقُنِ ۾.
[ سُر ديسي، جت، اُٺ ۽ ڌاريا، 13 ]
مُون توکي پَرنِئا، اللهَ اوٺِي ۽ اُٺَ،
ڏيرَنِ ڪِينَ ڏُکوئِي، مُنڌَ مَيَنِ جِي مُٺَ،
توڻي وَڃَنِ رُٺَ، توءِ تَرَٽَ مَ اَچي تَنِ کي.
[ سُر ديسي، جت، اُٺ ۽ ڌاريا، 15 ]
ڏيرَنِ ڪِينَ ڏُکوئِي، مُنڌَ مَيَنِ جِي مُٺَ،
توڻي وَڃَنِ رُٺَ، توءِ تَرَٽَ مَ اَچي تَنِ کي.
[ سُر ديسي، جت، اُٺ ۽ ڌاريا، 15 ]
بِرھَ مَڻايُسِ بَرُ، نَہ تَہ سُکِي ڪيرَ سَڌُون ڪَري،
گهَڻو ڏورِيائِين ڏُکَ سين، ڏيرَنِ لَئي ڏُونگَرُ،
وَرِي آيُسِ وَرُ، سَفَرَ مُئِيءَ جا سابِ پِئا.
[ سُر ديسي، وديسي وَرُ، 14 ]
گهَڻو ڏورِيائِين ڏُکَ سين، ڏيرَنِ لَئي ڏُونگَرُ،
وَرِي آيُسِ وَرُ، سَفَرَ مُئِيءَ جا سابِ پِئا.
[ سُر ديسي، وديسي وَرُ، 14 ]
وَرَ ۾ ڪونِهي وَرُ، ڏيرَنِ وَرُ وَڏو ڪِئو،
نِھارِيندِيَسِ نِڪِرِي، بوتَنِ ڪارَڻِ بَرُ،
آڏو ٽَڪَرَ ٽَرُ، مَتان روھَ رَتِيُون ٿِيين.
[ سُر ديسي، وديسي وَرُ، 15 ]
نِھارِيندِيَسِ نِڪِرِي، بوتَنِ ڪارَڻِ بَرُ،
آڏو ٽَڪَرَ ٽَرُ، مَتان روھَ رَتِيُون ٿِيين.
[ سُر ديسي، وديسي وَرُ، 15 ]
ٻيلِي ناھِ ڀَنڀورَ ۾، تَنھِن سَسُئِيءَ جو صَحِي،
ڏَمَرُ ڏيرَنِ مَنَ ۾، ڪَندا مُنڌَ ڪُھِي،
لَنگهائي لَطِيفُ چئَي، کَڻِجِ ڄامَ کُھِي،
ھِيءَ مَعذُورِ ھَڏِ نَہ مُئِي، تُون ڪانڌَ مَ وَڃِجِ ڪِيڏَھِين.
[ سُر ديسي، واٽُون ۽ سُور، 20 ]
ڏَمَرُ ڏيرَنِ مَنَ ۾، ڪَندا مُنڌَ ڪُھِي،
لَنگهائي لَطِيفُ چئَي، کَڻِجِ ڄامَ کُھِي،
ھِيءَ مَعذُورِ ھَڏِ نَہ مُئِي، تُون ڪانڌَ مَ وَڃِجِ ڪِيڏَھِين.
[ سُر ديسي، واٽُون ۽ سُور، 20 ]
ڏاگهَنِ ڏيرَنِ ڏُونگَرنِ، ڏُکَنِ آئُون ڏَڌِي،
پُڇان پيرُ پُنهونءَ جو، وِجهان وِکَ وَڌِي،
لِکِئي آئُون لَڌِي، نَہ تَہ پَٽَنِ ڪيرَ پَنڌَ ڪَري.
[ سُر ديسي، اڱڻ مٿي اوپرا، 5 ]
پُڇان پيرُ پُنهونءَ جو، وِجهان وِکَ وَڌِي،
لِکِئي آئُون لَڌِي، نَہ تَہ پَٽَنِ ڪيرَ پَنڌَ ڪَري.
[ سُر ديسي، اڱڻ مٿي اوپرا، 5 ]
ڏَاگهَنِ ڏيرَنِ ڏُونگَرنِ، ٽِنهِي ڏِنَمِ ڏُکَ،
سي سَڀَ ڀانيَمِ سُکَ، ھيڪاندِ ڪارَڻِ ھوتَ جي.
[ سُر ديسي، اڱڻ مٿي اوپرا، 6 ]
سي سَڀَ ڀانيَمِ سُکَ، ھيڪاندِ ڪارَڻِ ھوتَ جي.
[ سُر ديسي، اڱڻ مٿي اوپرا، 6 ]
ڏاگهَنِ ۽ ڏيرَنِ، وَڃِي تَنگِ تَنوارِئو،
نِئائُون نَہ نِماڻِي پاڻَ سين، جيڏِي ڪِي جَتَنِ،
اَدِيُون اوٺِيَڙَنِ، آئُون نِتُ نِھارِي آھيان.
[ سُر ديسي، اڱڻ مٿي اوپرا، 8 ]
نِئائُون نَہ نِماڻِي پاڻَ سين، جيڏِي ڪِي جَتَنِ،
اَدِيُون اوٺِيَڙَنِ، آئُون نِتُ نِھارِي آھيان.
[ سُر ديسي، اڱڻ مٿي اوپرا، 8 ]
English Meaning
Brothers of husband.