ڏوھُ جي سنڌي معنيٰ
گُناھ، پاپ، تَقصِير، اپراڌُ، قصور، جُرم، دوشُ، الزام. خطا، ڀل، چُڪَ، غلطي، عيبُ، سُقم. عِتاب، ميار، حرف.
ذريعو:جامع سنڌي لغات
English Meaning
Sin, crime, mistake, blunder
ڏوھُ جا بيتن ۾ حوالا
ڪاتِيءَ ڪونهي ڏوھُ، ڳَنُ وَڍِيندَڙَ ھَٿَ ۾،
پَسِئو پَرِ عَظِيمَ جِي، لِچِئو وَڃي لوحُ،
عاشِقَنِ اَندوھُ، سَدا مَعشُوقَنِ جو.
[ سُر ڪلياڻ، سُوري، ڪاتي ۽ زھر، 11 ]
پَسِئو پَرِ عَظِيمَ جِي، لِچِئو وَڃي لوحُ،
عاشِقَنِ اَندوھُ، سَدا مَعشُوقَنِ جو.
[ سُر ڪلياڻ، سُوري، ڪاتي ۽ زھر، 11 ]
موکِيءَ سَندي مَٽَ ۾، سُرِي سَپُ پِئو،
قَضا ڪَمُ ڪِئو، ڪونِهي ڏوھُ ڪَلاڙَ جو.
[ سُر يمن ڪلياڻ، سري پيالو ۽ موکي متارا، 18 ]
قَضا ڪَمُ ڪِئو، ڪونِهي ڏوھُ ڪَلاڙَ جو.
[ سُر يمن ڪلياڻ، سري پيالو ۽ موکي متارا، 18 ]
جِيئَن جِيئَن وَرَقَ وارِيين، تِيئَن تِيئَن ڏِٺو ڏوھُ،
رَھِڻِيءَ رَھِيو نَہ سُپِرِين، ڪَھِڻِيءَ ڪِبو ڪوھُ.
[ سُر يمن ڪلياڻ، پنا پڙهڻ ۽ ڪڙهڻ، 16 ]
رَھِڻِيءَ رَھِيو نَہ سُپِرِين، ڪَھِڻِيءَ ڪِبو ڪوھُ.
[ سُر يمن ڪلياڻ، پنا پڙهڻ ۽ ڪڙهڻ، 16 ]
اَچِي سارَ لَھيجِ، ساجَنَ سُورَ تُماري آئُون مارِي،
سُورَ تُماري جي مَران، تان مُون ڏوھُ مَ ڏيجِ،
ڊَبَنِ ڀَري ھَٿَڙا، دارُون دوسِتَ ڪَريجِ.
[ سُر يمن ڪلياڻ، پريم پاٺ، 34 ]
سُورَ تُماري جي مَران، تان مُون ڏوھُ مَ ڏيجِ،
ڊَبَنِ ڀَري ھَٿَڙا، دارُون دوسِتَ ڪَريجِ.
[ سُر يمن ڪلياڻ، پريم پاٺ، 34 ]
ڪَچو تَہ ڪوھُ، پَڪو نَظَرُ پِرِينءَ جو،
ساھَڙُ مُنھِنجو سُپِرِين، ڏَمَ ڏِٺيئِي ڏوھُ،
جَي ڇَٽو جَي ڇوھُ، تَہ پُورِيندِيَسِ پارُ مَڻي.
[ سُر سھڻي، ترھو، ڪچو ۽ ڪنڀار، 12 ]
ساھَڙُ مُنھِنجو سُپِرِين، ڏَمَ ڏِٺيئِي ڏوھُ،
جَي ڇَٽو جَي ڇوھُ، تَہ پُورِيندِيَسِ پارُ مَڻي.
[ سُر سھڻي، ترھو، ڪچو ۽ ڪنڀار، 12 ]
نَہ ڪانِيءَ نَہ ڪانھَنۡ، نَڪو ڏوھُ قَلَمَ جو،
اَنگُ اُتي ئِي لِکِئو، جِتِ نَہ رَسي ٻانھَن،
ڪَنھِن کي ڏِيان دانھَن، جِيئَن قَضا قَلَمُ وَھايو.
[ سُر سھڻي، تران، سڀت، ڏٺي ڏينھن، 20 ]
اَنگُ اُتي ئِي لِکِئو، جِتِ نَہ رَسي ٻانھَن،
ڪَنھِن کي ڏِيان دانھَن، جِيئَن قَضا قَلَمُ وَھايو.
[ سُر سھڻي، تران، سڀت، ڏٺي ڏينھن، 20 ]
ڏاتَرَ ڏاتَرَ ويندِي مُنڌَ ميھارَ ڏي، مَٿي لَھرِنِ ڳاٽُ،
نَہ گهَڙي نَہ سُهڻِيءَ، نَڪو ڏوھُ ڪُنڀارَ،
گُهرِءَ تُنھِنجي گهيڙيِ، آڻي مَٿي آرَ.
[ سُر سھڻي، وايون، 20 ]
نَہ گهَڙي نَہ سُهڻِيءَ، نَڪو ڏوھُ ڪُنڀارَ،
گُهرِءَ تُنھِنجي گهيڙيِ، آڻي مَٿي آرَ.
[ سُر سھڻي، وايون، 20 ]
پُنهون ڇڏِئو پوءِ، جانِبُ جَبَلَ گهورِيين،
تيلاھِين تَنگُون ڪَرِيين، جيلاھِين تُون جوءِ،
ساڄَنُ سُڃَ نِھارِيين، ڏُکِي ڏوھُ ڪِئوءِ،
ھاڙِھي ھوتُ نَہ ھوءِ، وَرِي پُڇُ ويٺِنِ کي.
[ سُر آبڙي، ڳول سندو پاڻ، 1 ]
تيلاھِين تَنگُون ڪَرِيين، جيلاھِين تُون جوءِ،
ساڄَنُ سُڃَ نِھارِيين، ڏُکِي ڏوھُ ڪِئوءِ،
ھاڙِھي ھوتُ نَہ ھوءِ، وَرِي پُڇُ ويٺِنِ کي.
[ سُر آبڙي، ڳول سندو پاڻ، 1 ]
سَڳِبانَ سِينڍارِئا، بَڇِئا تي بَھَنِ،
ڦِرِئا نَہ فَرمانَ کان، تَنِ مُلُهہ نَہ موتِيَڙَنِ،
ڪونِهي ڏوھُ ڪُتَنِ، ڏاڪارِئا ڏاڙِهينِ ٿا.
[ سُر معذوري، ڪتا ۽ ڪوھ، 17 ]
ڦِرِئا نَہ فَرمانَ کان، تَنِ مُلُهہ نَہ موتِيَڙَنِ،
ڪونِهي ڏوھُ ڪُتَنِ، ڏاڪارِئا ڏاڙِهينِ ٿا.
[ سُر معذوري، ڪتا ۽ ڪوھ، 17 ]
اَصلِ اَنگُ سَندونِ، وَھِي جيڏاھِين وِئو،
ڪِھَڙو ڏوھُ ڏِبونِ، سو مُنھُن آيو ساٿِيين.
[ سُر معذوري، سُڻڻ، ٻُڌڻ ۽ مڃڻ، 20 ]
ڪِھَڙو ڏوھُ ڏِبونِ، سو مُنھُن آيو ساٿِيين.
[ سُر معذوري، سُڻڻ، ٻُڌڻ ۽ مڃڻ، 20 ]
English Meaning
Sin, crime, mistake, blunder