ڀَنڀوران جي سنڌي معنيٰ
شھر ڀنڀور کان، ڀنڀور شھر پاران، ڀنڀور ڏانھن. (ڀنڀور، سسئي جو اصلوڪو شھر)
ذريعو:ڀٽائي پيڊيا
English Meaning
From by or relate to Bhanbhore city. (The city where Sassui was born)
ڀَنڀوران جا بيتن ۾ حوالا
مَرُ تَہ موچارِي ٿِيين، اَجَلان اَڳي اَڄُ،
ھُئِين جان ڪِي تان جِيئَري، مُنڌَ ڀَنڀوران ڀَڄُ،
پُنُوھَ سين پَھَڄُ، تَہ مَلَڪُ الَموتُ مارِيين.
[ سُر معذوري، منڌ ۽ موت، 5 ]
ھُئِين جان ڪِي تان جِيئَري، مُنڌَ ڀَنڀوران ڀَڄُ،
پُنُوھَ سين پَھَڄُ، تَہ مَلَڪُ الَموتُ مارِيين.
[ سُر معذوري، منڌ ۽ موت، 5 ]
لَڄايا مُنھان، ساجُهرِ ٿي سيڻَ وِئا،
پييَنِ ڀَنڀوران، سُڌِ مُنھِنجِيءَ ذاتِ جِي.
[ سُر حسيني، بُرو ھو ڀنڀور، 1 ]
پييَنِ ڀَنڀوران، سُڌِ مُنھِنجِيءَ ذاتِ جِي.
[ سُر حسيني، بُرو ھو ڀنڀور، 1 ]
ڀَنڀوران ٻاھَرِ ٿِي، مُون جٖي ڪِئا سَڏَ،
ٻاروچاڻِيءَ لَڏَ، لَڪَ سويرا لَنگهِئا.
[ سُر حسيني، بُرو ھو ڀنڀور، 4 ]
ٻاروچاڻِيءَ لَڏَ، لَڪَ سويرا لَنگهِئا.
[ سُر حسيني، بُرو ھو ڀنڀور، 4 ]
ڀَنڀوران ٻاھَرِ ٿِي، اَمَڙِ مُون اَماڻِ،
اَسان تو رِھاڻِ، موٽِي ڪا مَسَ ٿِئي.
[ سُر حسيني، بُرو ھو ڀنڀور، 5 ]
اَسان تو رِھاڻِ، موٽِي ڪا مَسَ ٿِئي.
[ سُر حسيني، بُرو ھو ڀنڀور، 5 ]
ڀَنڀوران اُجاڙَ، سَرَتِيُون سَکَرُ ڀانيان،
مُون سين تَنھِين پاڻَ، ڏُکان ھَڏِ نَہ اورِئو.
[ سُر حسيني، بُرو ھو ڀنڀور، 7 ]
مُون سين تَنھِين پاڻَ، ڏُکان ھَڏِ نَہ اورِئو.
[ سُر حسيني، بُرو ھو ڀنڀور، 7 ]
ڀينَرُ ڀَنڀوران، ڀَڄو تان اُبَھو،
اَڳي ھِنَ ماڳان، سَرَتِيُنِ سُورَ پِرايا.
[ سُر حسيني، بُرو ھو ڀنڀور، 9 ]
اَڳي ھِنَ ماڳان، سَرَتِيُنِ سُورَ پِرايا.
[ سُر حسيني، بُرو ھو ڀنڀور، 9 ]
جِيئَن جِيئَن جَهلي جَڳُ، تِيئَن تِيئَن مُون تاڪِيدُ ٿِئي،
ڳَھِلو ٿو ڳالِهيُون ڪَري، وِرسِئو ڀُڻي وَڳُ،
لوڪُ لَتاڙي نِنڊَ ۾ پُٺِيءَ لالَڻَ لَڳُ،
آرِياڻِي اورَڳُ، ڀَنڀوران ٻاھَرِ ٿِي.
[ سُر حسيني، سؤُ سُک ۽ طالب، تات، 20 ]