ڀيري جي سنڌي معنيٰ
ڦيري، چَڪر سان. دفعي، گهمري، واري. دَورَ. گشت، دَوري.
ذريعو:ڀٽائي پيڊيا
English Meaning
A tour, time, succession of time, a revolution, turn.
ڀيري جا بيتن ۾ حوالا
پاڻُ مَ کَڻِجِ پاڻَ سين، ريءَ وَسِيلي وَڃُ،
ڀيلو ڀيري ڀَڃُ، اُڪَنڊَ کَڻُ عَمِيقَ ۾.
[ سُر سھڻي، پاڻ م کڻ، گهڙو ڀڳو گهورئو، 34 ]
ڀيلو ڀيري ڀَڃُ، اُڪَنڊَ کَڻُ عَمِيقَ ۾.
[ سُر سھڻي، پاڻ م کڻ، گهڙو ڀڳو گهورئو، 34 ]
ڪِلي ويرَ ڪَٽَڪَ ۾، ھَئَي جٖي حُسينُ ھو،
پھرِين ڀيري ڀاءُ تي، پَتَنگَ جِيئَن پِئو،
آھي ڪيرُ ٻِئو، جَو ھَلان ڪَري حُسينَ تي.
[ سُر ڪيڏارو، عليءَ جو اولاد، 8 ]
پھرِين ڀيري ڀاءُ تي، پَتَنگَ جِيئَن پِئو،
آھي ڪيرُ ٻِئو، جَو ھَلان ڪَري حُسينَ تي.
[ سُر ڪيڏارو، عليءَ جو اولاد، 8 ]
اَمَڙِ جَي ڏِٺوءِ، مُون جِيئَن ھوتُ اَکِيُنِ سين،
چَرَکو چِيھاڙِيُون ڪَري ڀيري ھُوندَ ڀَڳوءِ،
آتَڻِ رَتُ رُنوءِ، تَندُ نَہ ڪَتِيَئِي ھِڪِڙِي.
[ سُر حسيني، ماءُ سان ڪلام ۽ ڪاوڙ، 14 ]
چَرَکو چِيھاڙِيُون ڪَري ڀيري ھُوندَ ڀَڳوءِ،
آتَڻِ رَتُ رُنوءِ، تَندُ نَہ ڪَتِيَئِي ھِڪِڙِي.
[ سُر حسيني، ماءُ سان ڪلام ۽ ڪاوڙ، 14 ]
مَينڌَرو مَھمانُ، مُون گهَرِ اَچِي جَي ٿِيي،
تاڻي تَنُورَنِ ۾، ڀيري ھَڻان ڀاڻُ،
آڻي جهوڪِئان آڳِ ۾، ڄيري وِجهان ڄاڻُ،
پِئُڪَنِ سُوڌو پاڻُ، گهَرُ تَڙُ گهورِيان پِرِينءَ تان.
[ سُر راڻو، ڏِيئا، تيل ۽ مھمان، 28 ]
تاڻي تَنُورَنِ ۾، ڀيري ھَڻان ڀاڻُ،
آڻي جهوڪِئان آڳِ ۾، ڄيري وِجهان ڄاڻُ،
پِئُڪَنِ سُوڌو پاڻُ، گهَرُ تَڙُ گهورِيان پِرِينءَ تان.
[ سُر راڻو، ڏِيئا، تيل ۽ مھمان، 28 ]
سِڱِيُون سيلِهيُون گَبِرِيُون، ٽيئي ٽولَ تَڳو،
پَٽُ ھَڻِي پَٽَ سين، ڀيري تَنِ بَڳو،
لاشَڪُ جَنِ ڳَلو، سي مَڙِهنِئان مُورِ نَہ نِڱِئا.
[ سُر رامڪلي، سڳا سيلهيون ۽ نااميدي، 12 ]
پَٽُ ھَڻِي پَٽَ سين، ڀيري تَنِ بَڳو،
لاشَڪُ جَنِ ڳَلو، سي مَڙِهنِئان مُورِ نَہ نِڱِئا.
[ سُر رامڪلي، سڳا سيلهيون ۽ نااميدي، 12 ]
ويٺي جَنھِن وَرِھَ ٿِئا، مَٿي سين ميري،
اَکِيُون اُنَ جُون الَکَ ۾، ڀُونءِ ڏي نَہ ڀيري،
ڪارنِئُون ڪَڪا ٿِئا، ڄَراٽِئا ڄيري،
لُڙِڪَ لالَ لَطِيفُ چئَي، ڪَنبي ۽ ڪيري،
نِينھُن نبيري، جِيئَن سَڙي تِيئَن سَنِرو.
[ سُر رامڪلي، بازار، ناٿ، گرو ۽ ھرنام، 7 ]

رَھِئا اَٿيئِي راتِ، صُبحِ ويندَءِ صابِرِي،
لُنءَ لُنءَ مَنجِهہ لَطِيفُ چئَي، ڪَرِ تَنِ جِي تاتِ،
سَندِي جوڳِيان ذاتِ، ٻِئي ڀيري ڀاڳَ ڀِري.
[ سُر رامڪلي، اڄ نہ اوطاقن ۽ جياسُون، 1 ]
لُنءَ لُنءَ مَنجِهہ لَطِيفُ چئَي، ڪَرِ تَنِ جِي تاتِ،
سَندِي جوڳِيان ذاتِ، ٻِئي ڀيري ڀاڳَ ڀِري.
[ سُر رامڪلي، اڄ نہ اوطاقن ۽ جياسُون، 1 ]
ڀيرِيُون ڀيري ڀَڃُ، ھي جي مَنجهان پورِيُون،
ٻي دَرِ ڪَنھِين مَ وَڃُ، ريءَ ھاشِمِيءَ ھِڪِڙي.
[ سُر بلاول، سمو سلطان ۽ ابڙو، 4 ]
ٻي دَرِ ڪَنھِين مَ وَڃُ، ريءَ ھاشِمِيءَ ھِڪِڙي.
[ سُر بلاول، سمو سلطان ۽ ابڙو، 4 ]
ڍولِئا ڍيلِ مَ مُون، ڪانڌَ ڪَمِيڻِي آھِيان،
سِڪَ تُنھِنجِيءَ سُپِرِين، ڀيري وِڌَيَسِ ڀُون،
مُون وَرُ تُونھِين تُون، تو وَرَ وَھُون ڪيتِريُون.
[ سُر ليلا، مڻيو چنيسر، ليلا سھاڳڻ، 37 ]
سِڪَ تُنھِنجِيءَ سُپِرِين، ڀيري وِڌَيَسِ ڀُون،
مُون وَرُ تُونھِين تُون، تو وَرَ وَھُون ڪيتِريُون.
[ سُر ليلا، مڻيو چنيسر، ليلا سھاڳڻ، 37 ]
جانۡ ڪَتَندِينءَ تانۡ ڪَتُ، ھِيءَ ھَڏِ وِھاڻِي،
ڪو پَنھِنجي عِيدَ لَيءِ، ڀيري ڪِجِ ڀَرَتُ،
مَتان روئِين رَتُ، صُباحَ وِچِ سَرَتِيين.
[ سُر ڪاپائتي، چائت ۽ محبت، 4 ]
ڪو پَنھِنجي عِيدَ لَيءِ، ڀيري ڪِجِ ڀَرَتُ،
مَتان روئِين رَتُ، صُباحَ وِچِ سَرَتِيين.
[ سُر ڪاپائتي، چائت ۽ محبت، 4 ]
English Meaning
A tour, time, succession of time, a revolution, turn.