ڀورا جي سنڌي معنيٰ
ڀور ڀور، ذرا پرزا، ذرا ذرا، سنها ٽُڪرڙا.
ذريعو:ڀٽائي پيڊيا
English Meaning
Crumbs, tiniest parts.
ڀورا جا بيتن ۾ حوالا
جوڙي جُنگَ جِھازَکي، ڀورا تُون بَناءِ،
اَٺيتالِيھَہ عِشقَ جُون، واڳُون وِيرَ وَٽاءِ،
پَنجَ پَڳَھَ ٽِيھَہ اولا، سَتِرَھَن سِڙَه سِباءِ،
سَمُنڊَ ۾ سَيِّدُ چئَي، اَپَرِ آھِ اُونداھہ،
جِتِ مانگَر مَڇَ مِڙِيا، اُتِ گوشي جَهلِ غُراب کي.
[ سُر سريراڳ، جيون ۽ جھاز، 2 ]

ڏيرَ ڏَمَرِجِي ھَلِئا، گَسِ ڪَري گورا،
وَڃَنِ ويچارِي جا، جَتَ ھَڻِئو جَورا،
ٻانڀَڻِ ٻَروچَنِ ري، ڀَڄِي ٿِي ڀورا،
ھَي ھِنيين ھورا راتِ نَہ رَھِئا ھيڪَڙِي.
[ سُر ديسي، ڏيرن جو ڏمر، 10 ]
وَڃَنِ ويچارِي جا، جَتَ ھَڻِئو جَورا،
ٻانڀَڻِ ٻَروچَنِ ري، ڀَڄِي ٿِي ڀورا،
ھَي ھِنيين ھورا راتِ نَہ رَھِئا ھيڪَڙِي.
[ سُر ديسي، ڏيرن جو ڏمر، 10 ]
ڏُونگَرَ ڏُکويُنِ جي، ڳَلِ سُڪا ڳوڙھا،
ھُو جَي پَھَڻَ پَٻَ جا، ڀَڄِي ٿِئا ڀورا،
گُوندَرَ جا گهوڙا، وَڃَنِ جانِ جُدا ڪِئو.
[ سُر ڪوھياري، ڪوھ سان ڪچھري، 13 ]
ھُو جَي پَھَڻَ پَٻَ جا، ڀَڄِي ٿِئا ڀورا،
گُوندَرَ جا گهوڙا، وَڃَنِ جانِ جُدا ڪِئو.
[ سُر ڪوھياري، ڪوھ سان ڪچھري، 13 ]
کُوءِ گودَڙَ ٻَنِ گَبرِيُن، نيئِي کِدائُون کانءِ،
جيڏاھِين جوڳُ وِئو، نيڻَ تيڏاھِين پاءِ،
ڀورا اِيَھِين ڀانءِ، تَہ سِڱِي شامَتَ ھَٽَ جِي.
[ سُر رامڪلي، سڳا سيلهيون ۽ نااميدي، 14 ]
جيڏاھِين جوڳُ وِئو، نيڻَ تيڏاھِين پاءِ،
ڀورا اِيَھِين ڀانءِ، تَہ سِڱِي شامَتَ ھَٽَ جِي.
[ سُر رامڪلي، سڳا سيلهيون ۽ نااميدي، 14 ]
اَندَرِ وِھارِيين ڪانءُ، ٻَھَرِ ٻولِي ھَنجَ جِي،
اِھَڙو ٺَلهو ٿانءُ، ڀَڃي ڀورا نَہ ڪَرِيين.
[ سُر آسا، پاڻ پردو پاڻ، 16 ]
اِھَڙو ٺَلهو ٿانءُ، ڀَڃي ڀورا نَہ ڪَرِيين.
[ سُر آسا، پاڻ پردو پاڻ، 16 ]
اُو ڏَمَرِئو ڏِسُ، ھِيءُ حِيلو ھُوَنھِين ھارَ جو،
سُڻو سَڀَ سَرَتِيُون، اِيءُ وَرُ نَہ ڪَنھِين وَسِ،
دَعويٰ پِھرِئين دَسِ، ڀَڃِئو ٿو ڀورا ڪَري.
[ سُر ليلا، مڻيو چنيسر، ليلا سھاڳڻ، 32 ]
سُڻو سَڀَ سَرَتِيُون، اِيءُ وَرُ نَہ ڪَنھِين وَسِ،
دَعويٰ پِھرِئين دَسِ، ڀَڃِئو ٿو ڀورا ڪَري.
[ سُر ليلا، مڻيو چنيسر، ليلا سھاڳڻ، 32 ]
ھِي تان ٿورَڙِيُون، تُون ڀورا پَسِي ڀُلِيين،
راتِيُون ٻِيُون گهَڻِيُون، جٖي تو اِيندِيُون ھيڪَلِي.
[ سُر ڏھر، رات، ڍول ۽ پرھ ڦُٽي، 2 ]
راتِيُون ٻِيُون گهَڻِيُون، جٖي تو اِيندِيُون ھيڪَلِي.
[ سُر ڏھر، رات، ڍول ۽ پرھ ڦُٽي، 2 ]
English Meaning
Crumbs, tiniest parts.