ٿِيي جي سنڌي معنيٰ
ٿي پوي، ھُجي
ذريعو:ڀٽائي پيڊيا
English Meaning
Be, become
ٿِيي جا بيتن ۾ حوالا
مَحَبتَ جي مَيدانَ ۾، رَڪَنِ ناھي راندِ،
حَبِيبَنِ ھيڪاندِ، سَگَهنِ ٿِيي نَہ سَيِّدُ چئَي.
[ سُر يمن ڪلياڻ، محبت جو ميدان ۽ ڪانُ، 21 ]

سُورَ ڪَنھِن مَ سَلُ، مَڇُڻ ڄِڀَ ڄَراٽِئين،
ھَڏُ ڪَرنگهَرُ مِکُ، مَنجهِئِي مَحَوُ ٿِيي.
[ سُر آبڙي، ٿڪيائي ٿر ٿيلهہ، 27 ]

آئُون نَہ گَڏِي پِرِينءَ کي، جوڀَنُ وِئَڙُمِ جاڙَ،
آڏا آرِيچَنِ کي، چاڙِھيڪا ۽ چاڙَھَ،
مُون مُٺِيءَ کان نَہ ٿِيي، وَڏَپَڻَ مَنجِهہ وِلاڙَ،
عُمِرِ سَڀَ اَواڙَ، ويَمِ تي واڪا ڪَرِيان.
[ سُر معذوري، نہ گڏجڻ ۽ وڻين چڙهڻ، 5 ]

پيئِي ٿِيي پِيمالُ، سا مُنڌَ مَري نَہ جِيئي،
ڀورِي ھِنَ ڀَنڀورَ سين، ھَڏِ نَہ ڳَرَھي حالُ،
لالَڻَ جو لَطِيفُ چئَي، وِساري نَہ وِصالُ،
ڀِرِي ڪِجاھُ ڀالُ، ھِيءَ ڏاھِ ڏورِيندِي ڪيتِرو.
[ سُر معذوري، اڌر نڌر ۽ ھيڪلي، 9 ]

ڪو مُنھُن ڪُٺَلِ آيو، ناھِ ويچارِي وَسِ،
ھوتَ تُنھِنجي ھَٿَ ري گولِي ٿِئي نَہ گَسِ،
ڏُکُ ڏُکِيءَ کي ڏَسِ، مُوڙِھِيءَ ڪو مُنھُن ٿِيي.
[ سُر معذوري، سُڻڻ، ٻُڌڻ ۽ مڃڻ، 9 ]

لِکِئو جو نِراڙِ، سو اَنگُ ڪِياڙِي نَہ ٿِيي،
پَارِئو ويٺِي پارِ، جيڪِي لالَڻَ لِکِئو لوحَ ۾.
[ سُر معذوري، سُڻڻ، ٻُڌڻ ۽ مڃڻ، 21 ]

توڙي وِلاڙُون ڪَرِيين، توڙي ھَلين وِکَ،
لِکِئي مَنجهان لِکَ، ذَرو ضايَع نَہ ٿِيي.
[ سُر معذوري، سُڻڻ، ٻُڌڻ ۽ مڃڻ، 23 ]

سُتِيءَ پُونِ ڇِرڪَ، آيَلِ ٻاروچَنِ جا،
وَمَ وِھاٽِي ووڙي، ڪوھِيارِي ڪِڙڪَ،
ڌَڙَ ڌُوڻِئو تَنھِن ڌَڪَ، جَڏِي جِيئَڻُ نَہ ٿِيي.
[ سُر ڪوھياري، اُڊڪا ۽ ايلاز، 7 ]

ٻانھوٽِي ٻانِهي، زرِ خَرِيدَ جَتَنِ جي،
سي ڪِيئَن وَڃَنِ وِسَرِي، جي جِيءَ سَندا جانِي،
اَڱَڻِ اَمانِي، شَلَ ڪيچِيَنِ جي ڪامَ ٿِيي.
[ سُر ڪوھياري، اُڊڪا ۽ ايلاز، 13 ]