پَٻُ جي سنڌي معنيٰ
هالار جبلن جي ڏاکڻي قطار جو نالو. پير جو مُھڙ وارو حصو.
ذريعو:ڀٽائي پيڊيا
English Meaning
Name of southern series of Halar mountains of Sindh. Toe.
پَٻُ جا بيتن ۾ حوالا
مَتان ڪا مُنڌَ ڏئين، پاھِي پَسِي پَٻُ،
اَڳِئان ڪَؤُ مَ ڪَٻُ، اِي قالِي آڏو ڪيچَ کي.
[ سُر ديسي، واٽُون ۽ سُور، 16 ]
اَڳِئان ڪَؤُ مَ ڪَٻُ، اِي قالِي آڏو ڪيچَ کي.
[ سُر ديسي، واٽُون ۽ سُور، 16 ]
ڇَپَرُ ڇَمَرُ ڀانيان، ڪانڀُو ۽ ڪارَو،
پَٻُ وِجَهندِيَسِ پُٺِ تي، صُبوحِ سَوارو،
وَڃَڻُ مُون وارو، ڪِينَ وِھَندِيَسِ وِچَ ۾.
[ سُر ديسي، واٽُون ۽ سُور، 18 ]
پَٻُ وِجَهندِيَسِ پُٺِ تي، صُبوحِ سَوارو،
وَڃَڻُ مُون وارو، ڪِينَ وِھَندِيَسِ وِچَ ۾.
[ سُر ديسي، واٽُون ۽ سُور، 18 ]
لَنگهي پَٻُ پَري ٿِئا، لَڪِ نَہ لاٿَئُون،
پُنهون مُنھِنجو پاڻَ سين، نوعَ سين نِيائُون،
جِيئَن مُون سين ڪِئائُون، تِيئَن ڪيچِيَنِ سين ڪِيمَ ٿِئي.
[ سُر ديسي، ڏيرن ناھي ڏوھ، 4 ]
پُنهون مُنھِنجو پاڻَ سين، نوعَ سين نِيائُون،
جِيئَن مُون سين ڪِئائُون، تِيئَن ڪيچِيَنِ سين ڪِيمَ ٿِئي.
[ سُر ديسي، ڏيرن ناھي ڏوھ، 4 ]
ڳائو نَہ وائو ، اَدِيُون آرِيچَنِ جو،
لَنگهي پَٻُ پَري ٿِئا، رِڻُ ڇَڏي رائو،
ڏيئِي ڦوڙائو، وِئا ويچارِيءَ سُپِرِين.
[ سُر ڪوھياري، لاچارگي ۽ ساھس، 1 ]
لَنگهي پَٻُ پَري ٿِئا، رِڻُ ڇَڏي رائو،
ڏيئِي ڦوڙائو، وِئا ويچارِيءَ سُپِرِين.
[ سُر ڪوھياري، لاچارگي ۽ ساھس، 1 ]
ڪيچِي ڪَندا ڪوھُ، مُون مُئي کان پوءِ، اَچِي ماءُ ڀَنڀورَ ۾،
ھاڻِ نَہ جِيئان جيڏِيُون، جِيئَڻ جاڙَ ٿِئو،
پَٻُ پارَسَ ھوتَ پُنهونءَ، سَڀَيئِي سونُ ڪِئو،
سُرَھو ساٿُ سَيِّدَ جو، واسي وِندُر وِئو،
ڀُڻِي ڏُونگَرَ ڏورِيان، اِي قَضا ڪَمُ ڪِئو،
آھي عَبدِالْلَطِيفَ جو، سَڌَرَ ساڻُ سِهو.
[ سُر حسيني، وايون، 17 ]

گورا وَڃَنِ گامَ، ڏيرَنِ سَندي ڏيھَ تي،
توڏَنِ جُون تَڙَ ڀِيڙَ ۾، تَرِيُون تَرٽِجَنِ تان مَ،
اوٺِيئَڙا آرامَ، لَنگهي پَٻُ پَري ٿِئا.
[ سُر ديسي، اوٺي اُٻھرا، 13 ]
توڏَنِ جُون تَڙَ ڀِيڙَ ۾، تَرِيُون تَرٽِجَنِ تان مَ،
اوٺِيئَڙا آرامَ، لَنگهي پَٻُ پَري ٿِئا.
[ سُر ديسي، اوٺي اُٻھرا، 13 ]
English Meaning
Name of southern series of Halar mountains of Sindh. Toe.