پَٻَڻِ جي سنڌي معنيٰ
تلائن ۽ ڍنڍن ۾ ٿيندڙ ول جو هڪ قسم جنھن جي چوٽيءَ ۾ پاٻوڙو ٿئي ۽ اُن جون پاڙون بِھَ ٿين.
ذريعو:ڀٽائي پيڊيا
English Meaning
A species of Lotus plant, Nelumbium Speciosum or a number of such. The name of the species .
پَٻَڻِ جا بيتن ۾ حوالا
پَنِ پَٻَڻِ ڪُمَ ڪُوڻِيُون، مَٿي جَرَ جَهرڪَنِ،
اَچي رَھِئا ريلَ ۾، ڪارَڻِ ڪالوڙنِ،
سَھِسين راڄَ سَيِّدُ چئَي، پاسي تَنِ پَرَنِ،
مِڙِي مَلاحَنِ، راتِ تَماچِي رانئِيو.
[ سُر ڪاموڏ، تڙ تماچِي آيو، 29 ]
اَچي رَھِئا ريلَ ۾، ڪارَڻِ ڪالوڙنِ،
سَھِسين راڄَ سَيِّدُ چئَي، پاسي تَنِ پَرَنِ،
مِڙِي مَلاحَنِ، راتِ تَماچِي رانئِيو.
[ سُر ڪاموڏ، تڙ تماچِي آيو، 29 ]
پَنَ پَٻَڻِ ڪُمَ ڪُوڻِيُون، بِھَ ڏوڏا ڏاجونِ،
نِعمَتَ لوڙَهَ لَطِيفُ چئَي، کيڻُ مَڇِي کاڄونِ،
رَھَنِ ٻَھَنِ سِرِ ٻانڌِينِ، دُورِ دَران ديرونِ،
پارِسَ سين پاسونِ، لَڳا تي لالُ ٿِئا.
[ سُر ڪاموڏ، تڙ تماچِي آيو، 30 ]