پَرياڻُ جي سنڌي معنيٰ
پَھُ، رِٿ، ارادو. ويچار، خيال. نصيحت. انجام، ٻانڌاڻُ. نشان، اهڃاڻ.
ذريعو:ڀٽائي پيڊيا
English Meaning
Will. Wish, thought, mark, dream.
پَرياڻُ جا بيتن ۾ حوالا
اُونِهي ۾ اوھَرِي، ڪَھِي ڪَچي ساڻُ،
سُپَڪَ جو سَيِّدُ چئَي، پُڇي نَہ پَرياڻُ،
عِشقَ وارِيُون عَبدِالْلَطِيفُ چئَي، سَڌَ نَہ کَڻَنِ ساڻُ،
جَنِي پاسي پاڻُ، سي اَوتَڙان ئِي اُکَتِيُون.
[ سُر سھڻي، ترھو، ڪچو ۽ ڪنڀار، 8 ]
سُپَڪَ جو سَيِّدُ چئَي، پُڇي نَہ پَرياڻُ،
عِشقَ وارِيُون عَبدِالْلَطِيفُ چئَي، سَڌَ نَہ کَڻَنِ ساڻُ،
جَنِي پاسي پاڻُ، سي اَوتَڙان ئِي اُکَتِيُون.
[ سُر سھڻي، ترھو، ڪچو ۽ ڪنڀار، 8 ]
ھوتُ تُنھِنجي ھَنجَ ۾، پُڇين ڪوھُ پَرياڻُ؟
وَنَحنُ اَقرَبُ اِلَيهِ مِن حَبلِ الوَرِيدِ ، تُنھِنجو تو ئِي ساڻُ،
پَنھِنجو آھي پاڻُ، آڏو عَجِيبَنِ کي.
[ سُر آبڙي، سڀ ڪجهہ سندي اندر، 14 ]
وَنَحنُ اَقرَبُ اِلَيهِ مِن حَبلِ الوَرِيدِ ، تُنھِنجو تو ئِي ساڻُ،
پَنھِنجو آھي پاڻُ، آڏو عَجِيبَنِ کي.
[ سُر آبڙي، سڀ ڪجهہ سندي اندر، 14 ]
آتَڻَ ۾ پَرياڻُ، ھو سَڀَنِي جيڏِيين،
مُون سَڀاڳِيءَ ساڻُ، ڪيرَ ڇُلَندِي ڇَپرين.
[ سُر حسيني، ماءُ سان ڪلام ۽ ڪاوڙ، 19 ]
مُون سَڀاڳِيءَ ساڻُ، ڪيرَ ڇُلَندِي ڇَپرين.
[ سُر حسيني، ماءُ سان ڪلام ۽ ڪاوڙ، 19 ]
جاجِڪُ جُهونا ڳَڙَه ۾، پَسُ پاٺُ آيو پاڻُ،
ڪَڍِي ڪامِلَ ڪِينِرو، وَڄايو وَڏاڻُ،
راڻِيُون رُونِ رَتُ ڦُڙا، ھِيءُ چوري سازُ سُڄاڻُ،
ڪِھَڙو پَھُ پَرياڻُ، ڪَندو جاجِڪُ جُهونا ڳَڙَه سين.
[ سُر سورٺ، حاضر آھي سِر، 10 ]
ڪَڍِي ڪامِلَ ڪِينِرو، وَڄايو وَڏاڻُ،
راڻِيُون رُونِ رَتُ ڦُڙا، ھِيءُ چوري سازُ سُڄاڻُ،
ڪِھَڙو پَھُ پَرياڻُ، ڪَندو جاجِڪُ جُهونا ڳَڙَه سين.
[ سُر سورٺ، حاضر آھي سِر، 10 ]
پَرَ وَسِ ٿِئَمِ پَرياڻُ، پِرِين وَسِ نَہ پانھِنجي،
لَڳو ڪِينَ لَطِيفُ چئَي ڇَپَرُ ڇاتِيءَ ساڻُ،
پِرِين ڏيکاري پاڻُ، خُوشِ ڪَري وِئا خُوابَ ۾.
[ سُر بروو سنڌي، صُورت فانِي ۽ مڙه مقام، 11 ]
لَڳو ڪِينَ لَطِيفُ چئَي ڇَپَرُ ڇاتِيءَ ساڻُ،
پِرِين ڏيکاري پاڻُ، خُوشِ ڪَري وِئا خُوابَ ۾.
[ سُر بروو سنڌي، صُورت فانِي ۽ مڙه مقام، 11 ]
لِيلان جِمَ لَکائِيين، چَئِي چَنيسَرَ ساڻُ،
جَو تو ڀانيو پانھِنجو، سو ريساڻُو راڄاڻُ،
پاڻان ڌارَ پَرياڻُ، ڪانڌَ ڪَنھِين جو نَہ وَڻي.
[ سُر ليلا، ھاڻي ويٺي رو، 3 ]
جَو تو ڀانيو پانھِنجو، سو ريساڻُو راڄاڻُ،
پاڻان ڌارَ پَرياڻُ، ڪانڌَ ڪَنھِين جو نَہ وَڻي.
[ سُر ليلا، ھاڻي ويٺي رو، 3 ]
ڪِجي آسَ اللهَ جِي، پِيَ نَہ وِجِهجي پاڻُ،
سَچو جَنِ پَرياڻُ، لَنگهي سي پارِ پِئا.
[ سُر آسا، آئون، تُون، روزا نمازُون، 1 ]
سَچو جَنِ پَرياڻُ، لَنگهي سي پارِ پِئا.
[ سُر آسا، آئون، تُون، روزا نمازُون، 1 ]
سَدا جَنِ پَرياڻُ، پاندِيءَ پَکِي لَڏَ جو،
وِئا ڳُڻَنِ ساڻُ، مارُوئَڙا ٿَرُ اُڪِرِي.
[ سُر مارئي، مارُن جو حال، 9 ]
وِئا ڳُڻَنِ ساڻُ، مارُوئَڙا ٿَرُ اُڪِرِي.
[ سُر مارئي، مارُن جو حال، 9 ]
پَکِي مَنجِهہ پَرياڻُ، مارُنِ مِڙِي جو ڪِئو،
ڪالَهہ پَنوَھارَنِ لَڏِئو، وَرِئو ڪو نَہ وَٽانِ،
عُمَرَ اُنِهين ساڻُ، مُنھِنجو وَڃي رُوحُ رِيھُون ڪِئو.
[ سُر مارئي، مارُن ريت، پنھوارن پاٻوھيو، 11 ]
ڪالَهہ پَنوَھارَنِ لَڏِئو، وَرِئو ڪو نَہ وَٽانِ،
عُمَرَ اُنِهين ساڻُ، مُنھِنجو وَڃي رُوحُ رِيھُون ڪِئو.
[ سُر مارئي، مارُن ريت، پنھوارن پاٻوھيو، 11 ]
English Meaning
Will. Wish, thought, mark, dream.