پائي جي سنڌي معنيٰ
اوڍي، چاڙھي، ورائي، لپيٽي
ذريعو:ڀٽائي پيڊيا
English Meaning
Wear, dress
پائي جا بيتن ۾ حوالا
آيَلِ ڪَرِيان ڪِيئَن وو مُنھِنجو نِينھُن پَلِئو نَہ رَھي،
سامُونڊِيءَ جي سَڱَ کي، رُئان راتو ڏِينھَن،
مادَرِ پائي مُنڊِيُون، وَڃان سَيِّدَ سِينءَ،
وِئو وَڻِجارو اوھَرِي، مُون کي چاڙِھي چِيئَن،
گُوندَرَ مَٿان جِندَڙي، وَرِئا وَلِيُنِ جِيئَن،
اُڏوھِيءَ جِيئَن ڏُکَڙا، چَڙِهئا چوٽِيءَ سِينءَ.
[ سُر سامونڊي، وايون، 5 ]

پائي ڪانُ ڪَمانَ ۾، مِيان مارِ مَ مُون،
مُون مَنجِهہ آھِين تُون، مَڇُڻ تُنھِنجو ئِي توکي لَڳي.
[ سُر يمن ڪلياڻ، محبت جو ميدان ۽ ڪانُ، 10 ]
مُون مَنجِهہ آھِين تُون، مَڇُڻ تُنھِنجو ئِي توکي لَڳي.
[ سُر يمن ڪلياڻ، محبت جو ميدان ۽ ڪانُ، 10 ]
ھُو چوِنِئِي تُون مَ چَئُہ، واتان وَرائي،
اَڳھَيِن اَڳِرائِي جَو ڪَري، خَطا سو کائي،
پاندَ ۾ پائي، نِيو ڪِيني واري ڪِينَ ڪي.
[ سُر يمن ڪلياڻ، پريم پاٺ، 20 ]
اَڳھَيِن اَڳِرائِي جَو ڪَري، خَطا سو کائي،
پاندَ ۾ پائي، نِيو ڪِيني واري ڪِينَ ڪي.
[ سُر يمن ڪلياڻ، پريم پاٺ، 20 ]
اَڻَ چُوندَلَنِ مَ چَئُہ، چُوندَلَنِ چَيو وِسارِ،
پائي مُنھُن مُونَنِ ۾، غُربَتَ ساڻُ گُذارِ،
اَٺَئِي پَھَرَ اَدَبَ ۾، پَرَ اِھائِي پارِ،
مُفتِي مَنجِهہ وِھار، تَہ قاضِيءَ ڪاڻِيارو نَہ ٿِيين.
[ سُر يمن ڪلياڻ، پريم پاٺ، 26 ]
پائي مُنھُن مُونَنِ ۾، غُربَتَ ساڻُ گُذارِ،
اَٺَئِي پَھَرَ اَدَبَ ۾، پَرَ اِھائِي پارِ،
مُفتِي مَنجِهہ وِھار، تَہ قاضِيءَ ڪاڻِيارو نَہ ٿِيين.
[ سُر يمن ڪلياڻ، پريم پاٺ، 26 ]
تِرَ تارا وَڻَ وارَ، مِينھَن ڦُڙا وارِيءَ ڪَڻا،
تِھائِين اَڳِرا، مُون ۾ عَيبَ اَپارَ،
پائي آيَس پاندَ ۾، بَدِيُون بيشُمارَ،
بَخشِين بَخشَڻَھارَ، لُطِفَ ساڻُ لَطِيفُ چئَي.
[ سُر کنڀات، نيڻ ۽ تارا، 14 ]
تِھائِين اَڳِرا، مُون ۾ عَيبَ اَپارَ،
پائي آيَس پاندَ ۾، بَدِيُون بيشُمارَ،
بَخشِين بَخشَڻَھارَ، لُطِفَ ساڻُ لَطِيفُ چئَي.
[ سُر کنڀات، نيڻ ۽ تارا، 14 ]
نَوَ نِيَرَ پائي، جان مُون ھِينئَڙو جَهلِئو،
وِئَڙو ڇَنائي، پوئيِنءَ راتِ پِرِيَنِ ڏي.
[ سُر کنڀات، ڪرھو، چانگو، اٺ، 28 ]
وِئَڙو ڇَنائي، پوئيِنءَ راتِ پِرِيَنِ ڏي.
[ سُر کنڀات، ڪرھو، چانگو، اٺ، 28 ]
جَنِي لاءِ ڪِئا مُون، چاڙِھيڪا نيڻين،
سَٻاجهي سيڻين، پائي ڳَڻَ ڳَھِئو ھِنيُونن.
[ سُر کنڀات، چنڊ، 13 ]
سَٻاجهي سيڻين، پائي ڳَڻَ ڳَھِئو ھِنيُونن.
[ سُر کنڀات، چنڊ، 13 ]
وَڃَنِ مَ وِينجهارَ، پاڻِيَٺُ جٖي پَرِکِڻا،
ايھَرُ پائي اَکِيين، لَھَنِ سَڀَ ڪَنھِن سارَ،
موتِيءَ جي مِزاجَ جو، قَدُرُ مَنجِهہ ڪِنار،
صَرافَنِئُون ڌارَ، ماڻِڪَ مُلاحِظو ٿِئي.
[ سُر سريراڳ، صراف ۽ جوھري، 18 ]
ايھَرُ پائي اَکِيين، لَھَنِ سَڀَ ڪَنھِن سارَ،
موتِيءَ جي مِزاجَ جو، قَدُرُ مَنجِهہ ڪِنار،
صَرافَنِئُون ڌارَ، ماڻِڪَ مُلاحِظو ٿِئي.
[ سُر سريراڳ، صراف ۽ جوھري، 18 ]
نَنگَرِئو نيڻين، مَنُ اولِيءَ نَہ اوھَري،
سَٻاجهي سيڻين، پائي ڳُڻَ ڳَهِيو ھِنيُون.
[ سُر سامونڊي، پڳھ ۽ سامونڊين سڱ، 8 ]
سَٻاجهي سيڻين، پائي ڳُڻَ ڳَهِيو ھِنيُون.
[ سُر سامونڊي، پڳھ ۽ سامونڊين سڱ، 8 ]
ڪَرَھَلَ پائي لَڄُ، ڪوھُ نَہ ويئِيئَن اُنِ سين،
اُجارِيائُون اولِيُون، ڌُئاريائُون ڌَڄُ،
مَتان وِھين ويسَلِي اُٿِي ڀُورَلِ ڀَڄُ،
سيڻَنِ ساجُهرِ لَڏِئو، تُون آئِي نِهارِئين اَڄُ،
ڪالَهہ سِبايُئِي ڪَنجِرو، اَنگين پاتُئِي اَڄُ،
پِريان جِي ھُنَ پارَ ڏي، وَڃِي دَونڪِي ڌڄُ،
ڪيرُ سُڻَندو تُنھِنجُون، اَدورانھُون اَڄُ.
[ سُر سامونڊي، وايون، 3 ]