پاءِ جي سنڌي معنيٰ
پيرُ، پڳ، قدم. پايو، پيڙہ، بنياد.
ذريعو:جامع سنڌي لغات
English Meaning
Wear, foot, foundation, basic
پاءِ جا بيتن ۾ حوالا
وَحۡدَہٗ لا شَرِيڪَ لَهٗ ، چَئِي، چُوندو آءُ،
فَرضَ، واجِبَ، سُنَتُون، تِنِيئُون تَرَڪُ مَ پاءِ،
توبَهَ سَندي تَسبِيحِ، پَڙَهڻَ ساڻُ پُڄاءِ،
نِڱا پَنھِنجي نَفسَ کي، ڪا سَئِين راھَ سُونھاءِ،
تَہ سَندي دوزَخَ باھِ، تو اوڏِيائي نَہ اَچي.
[ سُر ڪلياڻ، يڪتائي، 26 ]

پھرِين ڪاتِي پاءِ، پُڇِجِ پوءِ پِريَتڻُون،
ڏُکُ پِريان جو ڏِيلَ ۾، واڄَٽَ جِيئَن وَڄاءِ،
سِيخُنِ ماھُ پَچاءِ، جَي نالو ڳِيَڙءِ نِينھَن جو.
[ سُر ڪلياڻ، سُوري، ڪاتي ۽ زھر، 10 ]
ڏُکُ پِريان جو ڏِيلَ ۾، واڄَٽَ جِيئَن وَڄاءِ،
سِيخُنِ ماھُ پَچاءِ، جَي نالو ڳِيَڙءِ نِينھَن جو.
[ سُر ڪلياڻ، سُوري، ڪاتي ۽ زھر، 10 ]
جَي تَتو تَنُ تَنُورَ جِيئَن، تَہ ڇَنڊي ساڻُ ڇَماءِ،
آڻي آڳِ اَدَبَ سين، ٻاري جانِ جَلاءِ،
بُرقَعان اَندَرِ بازِيُون، پَنھِنجُون سَڀَ پَچاءِ،
لُڇَڻُ لَنئُن لَطِيفُ چئَي، پَڌَرِ ھَڏِ مَ پاءِ،
مَڇُڻ لوڪُ لَکاءِ، وِصالا وِچُ پَئي.
[ سُر يمن ڪلياڻ، باھ ۽ ساڙو، 10 ]

ڪَنھِن چَيُئِي تَہ پاءِ، پيرُ پِريان جي پيرَ ۾،
سيڻَنِ سُورُ سُھاءِ، تُون سُکَنِ جُون سَڌُون ڪَرِين.
[ سُر يمن ڪلياڻ، سِڪ ۽ عاشقي، 15 ]
سيڻَنِ سُورُ سُھاءِ، تُون سُکَنِ جُون سَڌُون ڪَرِين.
[ سُر يمن ڪلياڻ، سِڪ ۽ عاشقي، 15 ]
ڇِنَنِ توءِ مَ ڇِنُ، پاءِ اُميرِي اُنِ سين،
جي اُو اَوڳُڻَ ڳِنَهَنِ اَسُونھِين، تُون ڳُڻانِي ڳِنُ،
پُٺِيءَ لَڳِي پِنُ، ھِنَ سُونھاري سَنڱ کي.
[ سُر يمن ڪلياڻ، پريم پاٺ، 10 ]
جي اُو اَوڳُڻَ ڳِنَهَنِ اَسُونھِين، تُون ڳُڻانِي ڳِنُ،
پُٺِيءَ لَڳِي پِنُ، ھِنَ سُونھاري سَنڱ کي.
[ سُر يمن ڪلياڻ، پريم پاٺ، 10 ]
ھَرَ ھَرَ ھَٿُ مَ پاءِ، اِي ڳَنڍِ چُھِنڊِيءَ نَہ ڇُڙي،
ڪوڙيِين وِڌا ڪيتِرا، اِنَ وَرَ مَنجِهہ مُنجَھاءِ،
ھئَي ھئَي ڪَندا ھاءِ، اِتِ حاذِقَ ھَزارين وِئا.
[ سُر يمن ڪلياڻ، پريم پاٺ، 33 ]
ڪوڙيِين وِڌا ڪيتِرا، اِنَ وَرَ مَنجِهہ مُنجَھاءِ،
ھئَي ھئَي ڪَندا ھاءِ، اِتِ حاذِقَ ھَزارين وِئا.
[ سُر يمن ڪلياڻ، پريم پاٺ، 33 ]
ڪَرَھا ڪَسَرَ ڇَڏِ، وِکَ وَڌَندِي پاءِ،
مُنھِنجو ھَلَڻُ اُتَھِين، جِتي جانِبَ جاءِ،
توکي چَندَنُ چارِيان، ٻِئو وَڳُ لاڻِي کاءِ،
اِيَھِين اُٺَ اُٺاءَ، تَہ ھُوندِيءَ راتِ ھُتِ مِڙُون.
[ سُر کنڀات، ڪرھو، چانگو، اٺ، 9 ]
مُنھِنجو ھَلَڻُ اُتَھِين، جِتي جانِبَ جاءِ،
توکي چَندَنُ چارِيان، ٻِئو وَڳُ لاڻِي کاءِ،
اِيَھِين اُٺَ اُٺاءَ، تَہ ھُوندِيءَ راتِ ھُتِ مِڙُون.
[ سُر کنڀات، ڪرھو، چانگو، اٺ، 9 ]
وَٽي سيٽَ سُوَٽَ، پاءِ پانھِنجي ڪَرَھي،
وَليُون واسَ وَرَنِيُون، پَھرِيون مَٿي پَٽَ،
چانگي چَکِي چَٽَ، پوءِ نَہ رَھَندو پَئنِدَ ري.
[ سُر کنڀات، ڪرھو، چانگو، اٺ، 48 ]
وَليُون واسَ وَرَنِيُون، پَھرِيون مَٿي پَٽَ،
چانگي چَکِي چَٽَ، پوءِ نَہ رَھَندو پَئنِدَ ري.
[ سُر کنڀات، ڪرھو، چانگو، اٺ، 48 ]
لَڪَ لاکِيڻُو ڪَرَھو، ڪوڙِيُون ڏيئِي ڪاھِ،
آھُرَ ۾ ايلاچِيُون، پوڄَ مَيي کي پاءِ،
ڪَٿَ نَہ ڪَندو ڪاءِ، پَلاڻِئو تَہ پِريِنءَ مِڙي.
[ سُر کنڀات، ڪرھو، چانگو، اٺ، 59 ]
آھُرَ ۾ ايلاچِيُون، پوڄَ مَيي کي پاءِ،
ڪَٿَ نَہ ڪَندو ڪاءِ، پَلاڻِئو تَہ پِريِنءَ مِڙي.
[ سُر کنڀات، ڪرھو، چانگو، اٺ، 59 ]
مانَ پُڇَنَئِي سُپِرِين، چِتان چُرَ مَ لاھِ،
پِرِيَنِ اَڳِئان پاءِ، پَلئُہ مَڱڻَھارَ جِيئَن.
[ سُر سريراڳ، تياري ۽ ساٺ، 2 ]
پِرِيَنِ اَڳِئان پاءِ، پَلئُہ مَڱڻَھارَ جِيئَن.
[ سُر سريراڳ، تياري ۽ ساٺ، 2 ]
English Meaning
Wear, foot, foundation, basic