يَوْمَ يَفِرُّ ٱلْمَرْءُ مِنْ أَخِيهِ جي سنڌي معنيٰ
”ان ڏينھن ماڻهو پنھنجي ڀائرن کان بہ پري ڀڄندو.“
(قرآن مجيد، سورہ العبس، آيت نمبر 34)
ذريعو:ڀٽائي پيڊيا
English Meaning
"The day on which a man shall fly from his brother."
(Holy Quran, Soorah Al-Abas, Ayah No: 34)
يَوْمَ يَفِرُّ ٱلْمَرْءُ مِنْ أَخِيهِ جا بيتن ۾ حوالا
ساٿِيَنِ نَنڌا بارَ، تَنِ پانڌِيَنِ نَنڌا بارَ،
توکي آرَسُ اَکِيُنِ ۾،
پاتا پاڙي وارِيين پَڳَھَ ۾ پاتارَ،
پَتَڻُ ٿو پُورَ ڪَري، آئِي، تُنھِنجَڙِي وارَ،
سَڄِيُون راتِيُون سُمهين، کِيو مَنجِهہ خُمارَ،
ڪِ تو ڪَنين نَہ سُئِي، ڪَپَرَ جِي ڪُوڪارَ،
سائِينءَ مُڪين سَچَ کي، تُون ڪُوڙو مَنجِهہ قَطارَ،
ڪِ تو ڪَنين نَہ سُئِي، ھَلَڻَ جِي ھاڪارَ،
تائِبَ ٿِي تَڪِڙا، پَڙهو، اِيءَ پَچارَ،
نِنڊَ نَہ ڪِجي ايتِري، سُڻِجِ اَدا يارَ،
گِهڙان ٿِي ريءَ گهَڙِي، اللهَ توھارَ ،
ھِيءُ جو شَڪُ شارِڪَ جو، تِھان رَکُ سَتارَ،
ڪُلُّ نَفْسٍ ذَآئِقَةُ الْمَوْتِ ، سَچِي اِيءَ سَنڀارَ،
شِڪارُ تُون شَھبازَ جو، تُون تان مَنجِهہ شِڪارَ،
يَوْمَ يَفِرُّ ٱلْمَرْءُ مِنْ أَخِيهِ ، جِتِ ڀَڄندا ڀارَ،
تُرَھو ڇِنَم تارِ ۾، اَچِجِ جِيئَن اوسارَ،
لَکَ مِڙيئِي لُٽِئا، ھُونھِين وِئَڙا ھَزارَ،
ڏِنَئِي جَي اللهَ کي، تَہ ھُوندَ ٿِيين پَريين پارَ،
جُوٺَنِ مَٿان جُٽِڪي، دُڻِي تُنھِنجي دارَ،
جيفو آھِ حَدِيثَ ۾، اَنڌِيءَ اِي آچارَ،
وَٽِيُئِي ڪِينَ وِلَھَنِ سين، ڪَنبِي ڀَرِ قَھارَ،
سا ڪِيئَن ھَلي تو سين، جا ڀَڳي کان ڀَتارَ،
جِيئَڻُ جالَ نَہ نِبَھي، سُڻِجِ اِيءَ سَنڀارَ،
جِمَ وِسارِيين ويسَرا، ڀِتِيُنِ جِي ڀُلِڪارَ.
[ سُر سريراڳ، وايون، 5 ]

پوکَ جَا پَڙَهڻَ جِي، ”لا“ سين وِجُهہ لُڻِي،
لَمْ یَڪُنِ الَّذِیْنَ ڪَفَرُوْا مِنْ اَهْلِ الْڪِتابِ ، آگي آيَتَ موڪِلِيِ ڌُرِيائيِن ڌُڻِي،
اِھا سِٽَ سُڻِي، مُون وَرَقَ سَڀَ وِسارِئا.
[ سُر يمن ڪلياڻ، پنا پڙهڻ ۽ ڪڙهڻ، 29 ]

گهَڙو ڀَڳو تَہ گهورِئو، آسَرَ مَ لاھيجِ،
لَا تَقْنَطُوْا مِنْ رَّحْـمَةِ اللّـٰهِ ، تُرَھي اِنَ تَريجِ،
حَبِيباڻي ھيجِ، پَسِين مُنھُن ميھارَ جو.
[ سُر سھڻي، پاڻ م کڻ، گهڙو ڀڳو گهورئو، 25 ]

ٻاروچا ٻاجهَہ پَئِي، مان کي نِيندا ساڻُ،
ڏِيندا مُون ڏُکِي کي، اَلَھَ لَڳِ اُھڃاڻَ،
لَا تَقْنَطُوْا مِنْ رَّحْـمَةِ اللّـٰهِ ، پِرِيَنِ چَيو پاڻَ،
اِنَّ اللّـٰهَ يَغْفِرُ الذُّنُـوْبَ جَـمِيْعًا ، اِي پُنهونءَ جا پَرياڻَ.
[ سُر ڪوھياري، وايون، 3 ]
ڏِيندا مُون ڏُکِي کي، اَلَھَ لَڳِ اُھڃاڻَ،
لَا تَقْنَطُوْا مِنْ رَّحْـمَةِ اللّـٰهِ ، پِرِيَنِ چَيو پاڻَ،
اِنَّ اللّـٰهَ يَغْفِرُ الذُّنُـوْبَ جَـمِيْعًا ، اِي پُنهونءَ جا پَرياڻَ.
[ سُر ڪوھياري، وايون، 3 ]
English Meaning
"The day on which a man shall fly from his brother."
(Holy Quran, Soorah Al-Abas, Ayah No: 34)
يَوْمَ يَفِرُّ ٱلْمَرْءُ مِنْ أَخِيهِ ٻول جا زمرا