يادِ جي سنڌي معنيٰ
يادگيري، حافظو، يادداشت، يادگيري. سار، سنڀارَ، سنڀال، اندر ئي اندر ۾ ڪنھن کي ورجاءَ ڪرڻ.
ذريعو:ڀٽائي پيڊيا
English Meaning
Memory, remembrance, reminiscence, recollection
يادِ جا بيتن ۾ حوالا
نَوَ نِيَرَ ڏَھَ ڏاوِڻِيُون، پَنِرَھَ پَئِندَ پَياسِ،
سَڄَڻَ يادِ پِياسِ، ڇرڪِ ڇِنائِين ھِڪِڙي.
[ سُر کنڀات، ڪرھو، چانگو، اٺ، 27 ]
سَڄَڻَ يادِ پِياسِ، ڇرڪِ ڇِنائِين ھِڪِڙي.
[ سُر کنڀات، ڪرھو، چانگو، اٺ، 27 ]
اَچِي سو ڏِٺوءِ، جو ڪَپَرُ سوءِ ڪَنَنِ سين،
سُتي لوڪَ لَطِيفُ چئَي، يادِ نَہ ذَرو ڪِئوءِ،
غافِلُ ٿِي غُرابَ کي، اوڙاھَ تي آندوءِ،
ڇِتَرُ ڇُھي کان رَکِين، جَو پِئو پُراڻو پوءِ،
جَھازُ ضَعيفَنِ جو، پاڻِيءَ ۾ پَرتوءِ،
سَيِّدَ ساٿُ سَندوءِ، پُرِبَندَرِ پَھائِيين.
[ سُر سريراڳ، تياري ۽ ساٺ، 11 ]

سارِي راتِ سُبحانُ، جاڳِي جَنِ يادِ ڪِئو،
اُنِ جي عَبدِالْلَطِيفُ چئَي، مِٽِيءَ لَڌو مانُ،
ڪوڙيِين ڪَنِ سَلامُ، آڳَھِ اَچِئو اُنِ جي.
[ سُر سريراڳ، سيوا ۽ سار، 2 ]
اُنِ جي عَبدِالْلَطِيفُ چئَي، مِٽِيءَ لَڌو مانُ،
ڪوڙيِين ڪَنِ سَلامُ، آڳَھِ اَچِئو اُنِ جي.
[ سُر سريراڳ، سيوا ۽ سار، 2 ]
جيڪُسِ يادِ ڪِئاسِ، وَرَ وَڃِي وَڻِڪارَ ۾،
جَلِدُ جَرِيدِي پَنڌَ ۾، اَدِيُون اَڄُ ٿِئاسِ،
وَڃِي ڪيچِ پُنِياسِ، ٻاروچاڻِيءَ ٻاجَهہ سين.
[ سُر آبڙي، واقف وڻڪار، وڏا وڻ، 3 ]
جَلِدُ جَرِيدِي پَنڌَ ۾، اَدِيُون اَڄُ ٿِئاسِ،
وَڃِي ڪيچِ پُنِياسِ، ٻاروچاڻِيءَ ٻاجَهہ سين.
[ سُر آبڙي، واقف وڻڪار، وڏا وڻ، 3 ]
ڪُتا کينَئِي ڪيچَ جا، سَندا جٖي پُنهونءَ،
اَگھِين ھُوندَ اَسُونھَن، جٖي جانارَنِ يادِ پَئين.
[ سُر معذوري، ڪتا ۽ ڪوھ، 2 ]
اَگھِين ھُوندَ اَسُونھَن، جٖي جانارَنِ يادِ پَئين.
[ سُر معذوري، ڪتا ۽ ڪوھ، 2 ]
تَنِ پيئِي جانارَنِ يادِ، جٖي پارِئَلَ پُنُوھَ ڄامَ جا،
سَندِي لالَڻَ لاڌِ، مُيان پوءِ مُنڌَ ٿِي.
[ سُر معذوري، ڪتا ۽ ڪوھ، 3 ]
سَندِي لالَڻَ لاڌِ، مُيان پوءِ مُنڌَ ٿِي.
[ سُر معذوري، ڪتا ۽ ڪوھ، 3 ]
نَئُون نِينھُن لَڳوسِ، ڳَري ۽ ڳالِهيُون ڪَري،
اورِيندي اَرٽَ سين، پُنهون يادِ پِيوسِ،
پَھو پَٽِ ڪِريوسِ، ھُو ھَٿُ اوڏاھِين رَھِيو.
[ سُر حسيني، ماءُ سان ڪلام ۽ ڪاوڙ، 15 ]
اورِيندي اَرٽَ سين، پُنهون يادِ پِيوسِ،
پَھو پَٽِ ڪِريوسِ، ھُو ھَٿُ اوڏاھِين رَھِيو.
[ سُر حسيني، ماءُ سان ڪلام ۽ ڪاوڙ، 15 ]
يادِ ڪَرِيان جَنِ کي، نَڪِي وِسارِيان،
سَرَتِيُون نَہ سارِئان، ڳُجهو ڪَري اُنِ کي.
[ سُر حسيني، وڳ قطارون ۽ ڪاروُن، 17 ]
سَرَتِيُون نَہ سارِئان، ڳُجهو ڪَري اُنِ کي.
[ سُر حسيني، وڳ قطارون ۽ ڪاروُن، 17 ]
يادِ ڪَري جَنِ کي، آئُون وِساري ويٺِي،
مُون سين ڪِئائُون ڏيٺِي، اَکِيين ڏيئِي ھَٿَڙا.
[ سُر حسيني، وڳ قطارون ۽ ڪاروُن، 18 ]
مُون سين ڪِئائُون ڏيٺِي، اَکِيين ڏيئِي ھَٿَڙا.
[ سُر حسيني، وڳ قطارون ۽ ڪاروُن، 18 ]
يادِ گُرُو ڪَنِ گودَڙِيا، ڀَرِ بازارِ بِيٺا،
پَڙَهنِ سُورَ سُبحانَ جِي، پِيڙَ تَنھِن پِيٺا،
جيلاھَن مُنھِن مِيٺا، تيلاھَن نَشا چاڙَھِئائُون نِينھَن جا.
[ سُر رامڪلي، بازار، ناٿ، گرو ۽ ھرنام، 25 ]