وِسارِئو جي سنڌي معنيٰ
وساري ڇڏيو، دل تان لھي ويو، ڀُلجي ويو، وسري ويو، چِت تان لھي ويو، (ڪا ڳالهہ وغيرہ) ڌيان تان لھي وئي.
ذريعو:ڀٽائي پيڊيا
English Meaning
To be forgotten, unremembered, became out of mind, bygone, obliterated.
وِسارِئو جا بيتن ۾ حوالا
ڪُوڙِيُون پُڇَنِ ڪيچُ، ھوتُ نَہ ڏورِينِ ھِتَھِين،
جَنِي پُنهونءَ سين پيچُ، تَنِ پيرين پَنڌُ وِسارِئو.
[ سُر آبڙي، ڳول سندو پاڻ، 13 ]

اَدِيُون وَرُ اُگهاڙَ، وِھانءُ جَنھِن وِسارِئو،
جيڏِيُون ڇَڏي جاْڙَ، سَڀَ نَنگِيُون ٿِي نِڪِرو.
[ سُر معذوري، نڱي بي بوجهہ، 2 ]

گولِي ٿِي گُذارِئان، تَہ مُون وَڏو ڀاڳُ،
رَتو روئِي پِرِينءَ کي، وِڌُمِ ٿي ويراڳُ،
جَنِ ھِتي ھوتُ وِسارِئو، سي مَهِندِ نَہ لَھَندِيُون ماڳُ،
جِيءَ جَڙَ ھُيَمِ جَنِ سين، سي لاھي چَڙھِئا لَاڳُ،
ڀينرُ ھِنَ ڀَنڀورَ ۾، ڪَنھِن سين ڪَندِيَسِ چاڳُ،
اَندَرِ ٿِئو اَجهاڳُ سَڌَرُ سُورُ پِرِينءَ جو.
[ سُر ديسي، دانھُون ڪُوڪُون، 28 ]

وَڃَنِ سيڻَ سِڌارئو، پَسِئو جُوءِ جِهڄي ھِنيُون،
حَيفُ مُنھِنجي حالَ کي، وَڃَڻُ مُون وِسارِئو،
ڪاڇي ٻِنهِين ڪَنڌِيين، نيڻَنِ ٿي جَرُ ھارِئو،
سيئِي ماري ھَلِئا، جِيئَڙو جَنِ جِيارئو،
اُتي عَبدالَطِيفُ چئَي، جهوڪُنِ ٿي جُهڻِڪارِئو.
[ سُر ڏھر، وايون، 4 ]

مارُنِ پاسي مِينھَن اُٺا، لَڏي ويندَڙي لوءِ،
اللهَ ڪو ھِتِ آڻِيين، پانڌِي پائُرَ جو،
ڪانَہ ٻُڌِيسُون ڪَڏِھِين، زَنجِيرَنِ ۾ جوءِ،
وَطَنُ جَنِ وِسارِئو، حَيفُ تَنِي کي ھوءِ،
اُتي عَبدِالْلَطِيفُ چئَي، سَدا ساوَڻُ ھوءِ.
[ سُر مارئي، وايون، 6 ]

جِتي مارُو تِتي پانڌِي اَلو! عُمَرَ او اِيندو،
پُڇان ڪوءِ عُمَرَ مِيان ويندو پُڇان لوءِ،
پَنڌان کارِئو پَھِيڙا، ڪِي جو اُڀَڙِي چوءِ،
مَٿي ماڙِيءَ مارُئِي، رُئاڙي ۽ روءِ،
راڄُ پَرَتو رَبَ کي، سُومَرا سَندوءِ،
مِلڪَ مارُوءَ جِي آھِيان، جورِ نَہ ٿِيان جوءِ،
سَھڄُ سُورِي ڀانيان، سُومَرا سَندوءِ،
ڪَڏِھِين سَئِيسُون ڪانَہ ڪا، زَنجِيرَنِ ۾ جوءِ،
پانڌِي پَنوَھارَنِ جو، ڪالَهہ نَہ آيو ڪوءِ،
سارِئو سانبِيَڙَنِ کي، رُوحُ مُنھِنجو روءِ،
وَطَنُ جَنِ وِسارِئو، حَيفُ تَنِي کي ھوءِ.
[ سُر مارئي، وايون، 8 ]

دِلِ دالَنِما سُومَرا، مُنھِنجِي راوَ نَہ رَضامَندِ،
آڻي اَجَڙَوالِ کي، ڪِيُئِي بَندِياڻِيءَ بَندِ،
رُوحَ رَهِي هِنَ هَنڌِ، وَطنُ ڪِينَ وِسارِئو.
[ سُر مارئي، سيئي سارئان سومرا، 13 ]