وِئا جي سنڌي معنيٰ
ويا، وڃيا، ھليا ويا
ذريعو:ڀٽائي پيڊيا
English Meaning
Gone
آيو سو اُلَٽَ - (Antonym)
وِئا جا بيتن ۾ حوالا
ڪاپَڙِي ڪَنَ چيرَ، وِئا ويراڳِي نِڪِرِي،
دِلِ ھَڻِي وِئا دَلَقَ سين، ڦورُو ھُئَڙا فَقِيرَ،
سِڱِيُون مَنجِهہ سَرِيرَ، ھَڻِي وِئا حِلمَ جُون.
[ سُر رامڪلي، اڄ نہ اوطاقن ۽ جياسُون، 26 ]
دِلِ ھَڻِي وِئا دَلَقَ سين، ڦورُو ھُئَڙا فَقِيرَ،
سِڱِيُون مَنجِهہ سَرِيرَ، ھَڻِي وِئا حِلمَ جُون.
[ سُر رامڪلي، اڄ نہ اوطاقن ۽ جياسُون، 26 ]
زُمَرِ زُخرُفِ سُومَرا، سَبا سيڻَ وِئا،
وِنجُهلَ ويڙِهيچَنِ جي، مُون کي مارِئو ماءُ،
مَريَمَ طٰهٰ اَنبِياءِ، واسي وَسَ وِئا،
مارُوءَ جي مِلَڻَ جو، واحِدَ وارِئو واءُ،
لَھِي لوھَ وِئا، وَرِئو وَرَقُ وِصالَ جو.
[ سُر مارئي، زمر زخرف سومرا، 10 ]
وِنجُهلَ ويڙِهيچَنِ جي، مُون کي مارِئو ماءُ،
مَريَمَ طٰهٰ اَنبِياءِ، واسي وَسَ وِئا،
مارُوءَ جي مِلَڻَ جو، واحِدَ وارِئو واءُ،
لَھِي لوھَ وِئا، وَرِئو وَرَقُ وِصالَ جو.
[ سُر مارئي، زمر زخرف سومرا، 10 ]
گَهنگَهرئا گَهڻَ ڄاڻَ، مُوڙِهِي مَتِ مَھائِيين،
وِئا گَڏِجِي وِيرِ ۾، پِئا مُنھِن مَھِراڻَ،
اَڳِئان پويان ٽاڻ، وِئا ويچارِيين وِسَرِي.
[ سُر گهاتو، ڪو جو قھر ڪلاچ ۾، 1 ]
وِئا گَڏِجِي وِيرِ ۾، پِئا مُنھِن مَھِراڻَ،
اَڳِئان پويان ٽاڻ، وِئا ويچارِيين وِسَرِي.
[ سُر گهاتو، ڪو جو قھر ڪلاچ ۾، 1 ]
ڌَڙُ ڍُونڍِيان سِرُ نَہ لَھان، سِرُ ڍُونڍِيان ڌَڙُ ناھِ،
ھَٿَ ڪَرايُون آڱِريون، وِئا ڪَپِجِي ڪانھَن،
وَحدَتَ جي وِھانءِ، جٖي وِئا سي وَڍِئا.
[ سُر ڪلياڻ، يڪتائي، 13 ]
ھَٿَ ڪَرايُون آڱِريون، وِئا ڪَپِجِي ڪانھَن،
وَحدَتَ جي وِھانءِ، جٖي وِئا سي وَڍِئا.
[ سُر ڪلياڻ، يڪتائي، 13 ]
اُٿِيارِي اُٿِي وِئا، مَنجهان مُون آزارَ،
حَبِيبَ ھَڻِي وِئا، پِيڙا جِي پَچارَ،
طَبِيبَنِ تَنوارَ، ھَڏِ نَہ وَڻي ھاڻِ مُون.
[ سُر ڪلياڻ، عشق ۽ معشوق، 1 ]
حَبِيبَ ھَڻِي وِئا، پِيڙا جِي پَچارَ،
طَبِيبَنِ تَنوارَ، ھَڏِ نَہ وَڻي ھاڻِ مُون.
[ سُر ڪلياڻ، عشق ۽ معشوق، 1 ]
گهَڙو ڀَڳو مُنڌَ مُئِي، وِئا وَسِيلا،
سارَ ڇَڏِيائِين سِيرَ ۾، ھَئَي وِئا حِيلا،
سُهڻِيءَ جا سِيلا، وَحدَتَ سَڀَ وِڃايا.
[ سُر سھڻي، پاڻ م کڻ، گهڙو ڀڳو گهورئو، 29 ]
سارَ ڇَڏِيائِين سِيرَ ۾، ھَئَي وِئا حِيلا،
سُهڻِيءَ جا سِيلا، وَحدَتَ سَڀَ وِڃايا.
[ سُر سھڻي، پاڻ م کڻ، گهڙو ڀڳو گهورئو، 29 ]
اَدِيُون اُٺَ وِئا، مُنھِنجا نِيَرَنِ سُوڌا نِڪِرِي،
ڪُنجُون ڪُلفَ اُنِ جا، سانڍَڻُ سُورُ ٿِئا،
سَنجهي ھوتَ وِئا، صُبحِ ٻَڌُمِ سَندِرو.
[ سُر ديسي، جت، اُٺ ۽ ڌاريا، 16 ]
ڪُنجُون ڪُلفَ اُنِ جا، سانڍَڻُ سُورُ ٿِئا،
سَنجهي ھوتَ وِئا، صُبحِ ٻَڌُمِ سَندِرو.
[ سُر ديسي، جت، اُٺ ۽ ڌاريا، 16 ]
وارَو وَرُ وَٺِي وِئا، آرِيچا اَظِلامَ،
آندائُون آرِيءَ جا، پُنهونءَ ڏي پَيغامَ،
پَھَ ڪِئائُون پاڻَ ۾، مُونھان مَخفِي مامَ،
سَنڀُوڙا ساٿُ کَڻِي، ويساھي وَرِيامَ،
ڪاڪِيُون راتِ قِيامَ، جيڏِيُون جَتَ ڪَري وِئا.
[ سُر ديسي، دانھُون ڪُوڪُون، 1 ]
آندائُون آرِيءَ جا، پُنهونءَ ڏي پَيغامَ،
پَھَ ڪِئائُون پاڻَ ۾، مُونھان مَخفِي مامَ،
سَنڀُوڙا ساٿُ کَڻِي، ويساھي وَرِيامَ،
ڪاڪِيُون راتِ قِيامَ، جيڏِيُون جَتَ ڪَري وِئا.
[ سُر ديسي، دانھُون ڪُوڪُون، 1 ]
ڪُڄاڙِئان ڪاھي، شُتِرَ اُنِ سِينگارِئا،
ٽَلِيُون ٽَونئُرَ حَلَوِيُون، وِئا ڇيرِيُون ڇَمڪائي،
ڇَڙِھِئا لَڪَ لَطِيفُ چئَي، وِئا ڪَرَھَلَ ڪُڏائي،
ٻانڀَڻِ کي ٻَروچَ جو، اَڃا آسِرو آھي،
واڳُون وَرائي، ڦيرِينِ مانَ فَقِيرِ تي.
[ سُر ديسي، اڱڻ مٿي اوپرا، 18 ]

ڦازا ڏيرَ ڦَگهين وِئا، اُٿِي اُٺَ نِياڻَ،
بَکُ نَدِي ٿَي نِستِيا، پاتائُون پَلاڻَ،
سَنجهي وِئا سَرواڻَ، مَين پُڻ ڀاڳو رَفتَگان.
[ سُر ديسي، ٻروچڪي ٻولي، 16 ]
بَکُ نَدِي ٿَي نِستِيا، پاتائُون پَلاڻَ،
سَنجهي وِئا سَرواڻَ، مَين پُڻ ڀاڳو رَفتَگان.
[ سُر ديسي، ٻروچڪي ٻولي، 16 ]
English Meaning
Gone