وَرِ جي سنڌي معنيٰ
ور ۾، قبضي ۾، ھٿ ۾، حاصلات ۾
ذريعو:ڀٽائي پيڊيا - ڀٽائي پيڊيا
English Meaning
In possession, in hand, handed
وَرِ جا بيتن ۾ حوالا
جَي اَٿيئِي سَڌَ سُرڪَ ۾، تَہ وَنءُ ڪَلاڙَڪي گهَرِ،
وَڍَڻُ چِيرَڻُ چِچِرَڻ، پَھتِ اُنِهين جِي پَرِ،
جَي وَٽِيءَ پوءِ وَرِ، تَہ سَھِنگي آھِ سَيِّدُ چئَي.
[ سُر ڪلياڻ، سُوري، ڪاتي ۽ زھر، 21 ]
وَڍَڻُ چِيرَڻُ چِچِرَڻ، پَھتِ اُنِهين جِي پَرِ،
جَي وَٽِيءَ پوءِ وَرِ، تَہ سَھِنگي آھِ سَيِّدُ چئَي.
[ سُر ڪلياڻ، سُوري، ڪاتي ۽ زھر، 21 ]
جانۡ جانۡ ناھِ ضَرُورُ، تانۡ تانۡ ناھِ طَبِيبُ ڪو،
جُسي سَرِئو سُورُ، تَہ ڪَرَ ويڄُ وَرِ پِئو.
[ سُر يمن ڪلياڻ، پريم پاٺ، 2 ]
جُسي سَرِئو سُورُ، تَہ ڪَرَ ويڄُ وَرِ پِئو.
[ سُر يمن ڪلياڻ، پريم پاٺ، 2 ]
گِهڙَڻُ وَھِيڻُو مُون، مِلَڻُ ھَٿِ ميھارَ جي،
سائِرَ سِڪَندِيَنِ جو، تَرسُ پَرُوڙِجِ تُون،
جٖي ھَلَنِ ھوتَنِ ڏُونھِن، تَنِ کي مَڇِنِ واتَ وَرِ پئا.
[ سُر سھڻي، سانوڻ، سيارو گهڙي ۽ گهوري، 37 ]
سائِرَ سِڪَندِيَنِ جو، تَرسُ پَرُوڙِجِ تُون،
جٖي ھَلَنِ ھوتَنِ ڏُونھِن، تَنِ کي مَڇِنِ واتَ وَرِ پئا.
[ سُر سھڻي، سانوڻ، سيارو گهڙي ۽ گهوري، 37 ]
ڀَريُون پَرِينءَ ڀَرِ، پَسُ جَي پارِ پَوَندِيُون،
آڻِئو ھَڻي آرَ ۾، وَڻَ جَي پُونِسِ وَرِ،
سانباھِي سَمُنڊَ جِي، ڪَنھِن ڀَتِ ڀَڄِي ڪَرِ،
تو ڀانيو آئُون گهَرِ، آھِين آرَ اَکِيُنِ ۾.
[ سُر سھڻي، ساھڙ، اڀو آڇي ۽ سانڀارا، 9 ]
آڻِئو ھَڻي آرَ ۾، وَڻَ جَي پُونِسِ وَرِ،
سانباھِي سَمُنڊَ جِي، ڪَنھِن ڀَتِ ڀَڄِي ڪَرِ،
تو ڀانيو آئُون گهَرِ، آھِين آرَ اَکِيُنِ ۾.
[ سُر سھڻي، ساھڙ، اڀو آڇي ۽ سانڀارا، 9 ]
ڪُوفِيُنِ قَھَرُ ڪِئو، ٿِئا جَماعِتِي يَزِيدَ جا،
پَرِ ۾ پَلِيتَنِ کي، وَرَنَهُہ وَرِ پِئو،
سَڌَرُ ھونِ سِھو، شيرُ شَھادَتَ رَسِئو.
[ سُر ڪيڏارو، ڪربلا ۽ ڪارا ڪڪر، 4 ]
پَرِ ۾ پَلِيتَنِ کي، وَرَنَهُہ وَرِ پِئو،
سَڌَرُ ھونِ سِھو، شيرُ شَھادَتَ رَسِئو.
[ سُر ڪيڏارو، ڪربلا ۽ ڪارا ڪڪر، 4 ]
ويٺي وَرِ نَہ پُونِ، سُتي مِلَنِ نَہ سُپِرِين،
سي مَرُ رويو رُونِ، جَنِ مُسافِرَ سُپِرِين.
[ سُر آبڙي، جِيئڻ، ور ۽ ھيڪاندي، 15 ]
سي مَرُ رويو رُونِ، جَنِ مُسافِرَ سُپِرِين.
[ سُر آبڙي، جِيئڻ، ور ۽ ھيڪاندي، 15 ]
جانۡ ساماڻِينءَ سَسُئِي، تَہ ويسُ وِڙَنِ جو ڪَرِ،
لائي لُنگُ لَطِيفُ چئَي، ٿِيءُ بيکارِياڻِي بَرِ،
تَہ ويندي پَوي وَرِ، اَڳِيان ھوتُ حُضُورَ ۾.
[ سُر آبڙي، ٿڪيائي ٿر ٿيلهہ، 29 ]
لائي لُنگُ لَطِيفُ چئَي، ٿِيءُ بيکارِياڻِي بَرِ،
تَہ ويندي پَوي وَرِ، اَڳِيان ھوتُ حُضُورَ ۾.
[ سُر آبڙي، ٿڪيائي ٿر ٿيلهہ، 29 ]
پَرٽَنِ پاليياسِ، ٻانڀَڻَ ٻيٽِي آھِيان،
حُسنِ ھوتَ پُنهونءَ جِي، ماري موتِ وِڌِياسِ،
جانڪِي تان جِيئَندِياسِ، پييَسِ وَرِ وِصالَ جي.
[ سُر ديسي، دانھُون ڪُوڪُون، 9 ]
حُسنِ ھوتَ پُنهونءَ جِي، ماري موتِ وِڌِياسِ،
جانڪِي تان جِيئَندِياسِ، پييَسِ وَرِ وِصالَ جي.
[ سُر ديسي، دانھُون ڪُوڪُون، 9 ]
بَرُ وَڏو بارِ گَهڻي، ويجهو نَہ وَڻِڪارُ،
ليڙَنِ جو لَطِيفُ چئَي، کَنيو مُنڌَ مَدارُ،
وَڻَندُنِ تَہ وَرِ ڪَندا، تَہ اَڳِيَنِ جي اِختِيارِ،
ڪيٿي ٿِئو ڪوھِيارُ، ڪيٿي ٿِي ھَٿَ کَڻي.
[ سُر ديسي، اوٺي اُٻھرا، 8 ]
ليڙَنِ جو لَطِيفُ چئَي، کَنيو مُنڌَ مَدارُ،
وَڻَندُنِ تَہ وَرِ ڪَندا، تَہ اَڳِيَنِ جي اِختِيارِ،
ڪيٿي ٿِئو ڪوھِيارُ، ڪيٿي ٿِي ھَٿَ کَڻي.
[ سُر ديسي، اوٺي اُٻھرا، 8 ]
لالَڻَ لوغَ وِئا، ھَلَڪَ رَوان ڙِي جيڏِيُون.
پيرَ پَستا پَھِڻين، ڪَڏِھِين ڪِينَ پِئا،
لالَڻَ لاءِ لَطِيفُ چئَي، اوزان اوزَ ٿِيان،
وَرنَهَہ وَرِ پِئا، ٻاروچا ٻاجَهہ ڀَرِئا.
[ سُر ديسي، ٻروچڪي ٻولي، 20 ]
پيرَ پَستا پَھِڻين، ڪَڏِھِين ڪِينَ پِئا،
لالَڻَ لاءِ لَطِيفُ چئَي، اوزان اوزَ ٿِيان،
وَرنَهَہ وَرِ پِئا، ٻاروچا ٻاجَهہ ڀَرِئا.
[ سُر ديسي، ٻروچڪي ٻولي، 20 ]
English Meaning
In possession, in hand, handed