وِردُ جي سنڌي معنيٰ
ٺهرايل ڪم. دائمي ڪم، هرروز جو ڪم، هرروز بنا ناغي وارو ڪم. نيَم، معمول، وظيفو .
ذريعو:ڀٽائي پيڊيا
English Meaning
A section of the Koran.
وِردُ جا بيتن ۾ حوالا
سِينَئُون سَھجا سيڄَ تي، سامِي ڪِينَ سُمَهنِ،
نيڻَنِ نِنڊَ نَہ نانگَنِ کي، خُوشِيءَ خُوابُ نَہ ڪَنِ،
جاڳَڻَ سَندو جِيءَ ۾، آھي وِردُ ويراڳِيَنِ،
فاِنَ النَومَ عَلَ الُمحِبِ حَرامُ ، ڪَلامُ ڪِئائُون ڪَنِ،
اِھَڙَنِ اُھڃاڻَنِ، گُرَ کي گَڏِئا ڪاپَڙِي.
[ سُر رامڪلي، ٽيھ اکري، 12 ]

مِيمَئُون مِلَڻُ حَقَ جو، اَصلِ آديسيَنِ،
جوڳِيَڙا جَھانَ ۾، چوکِيءَ چالِ چَلَنِ،
لاھُوتِي لَطِيفُ چئَي، مَنجهان حُبَ ھَلَنِ،
إِنَّ ٱللَّهَ يُحِبُّ ٱلۡمُحۡسِنِين ، خُوشئان خُوابُ نَہ ڪَنِ،
اِيءُ وِردُ وِيراڳِينِ، گُرَ کي گَڏِئا ڪاپَڙِي.
[ سُر رامڪلي، ٽيھ اکري، 24 ]