وَرَقَ جي سنڌي معنيٰ
ڪتاب جو ورق يا صفحو، پنو، پني. وڻ جو پن. ڪاغذ جو ٽڪر، ڪٽيل ڪاغذ. چانديءَ جو سِڪو روپو وغيرہ. سون ۽ چانديءَ جا ٺاهيل ورق.
ذريعو:ڀٽائي پيڊيا
English Meaning
Leaf of a book. One card in a pack. Gold or silver leaf foil.
وَرَقَ جا بيتن ۾ حوالا
پَڙِهئو ٿا پَڙَهنِ، ڪَڙَھنِ ڪِينَ قُلُوبَ ۾،
تِيئَن تِيئَن ڏوھَ چَڙَهنِ، جِيئَن وَرَقَ وَرائِين وِتَراَ.
[ سُر يمن ڪلياڻ، پنا پڙهڻ ۽ ڪڙهڻ، 15 ]
تِيئَن تِيئَن ڏوھَ چَڙَهنِ، جِيئَن وَرَقَ وَرائِين وِتَراَ.
[ سُر يمن ڪلياڻ، پنا پڙهڻ ۽ ڪڙهڻ، 15 ]
جِيئَن جِيئَن وَرَقَ وارِيين، تِيئَن تِيئَن ڏِٺو ڏوھُ،
رَھِڻِيءَ رَھِيو نَہ سُپِرِين، ڪَھِڻِيءَ ڪِبو ڪوھُ.
[ سُر يمن ڪلياڻ، پنا پڙهڻ ۽ ڪڙهڻ، 16 ]
رَھِڻِيءَ رَھِيو نَہ سُپِرِين، ڪَھِڻِيءَ ڪِبو ڪوھُ.
[ سُر يمن ڪلياڻ، پنا پڙهڻ ۽ ڪڙهڻ، 16 ]
اَکَرُ پَڙُه اَلِفَ جو، وَرَقَ سَڀَ وِسارِ،
اَندَرَ کي اُجارِ، پَنا پَڙَهندين ڪيتِرا.
[ سُر يمن ڪلياڻ، پنا پڙهڻ ۽ ڪڙهڻ، 17 ]
اَندَرَ کي اُجارِ، پَنا پَڙَهندين ڪيتِرا.
[ سُر يمن ڪلياڻ، پنا پڙهڻ ۽ ڪڙهڻ، 17 ]
مِيمَ مان مَعلُومُ ٿِئو، تَہ اَلِفُ آھِين تُون،
تيلانھَن آيَلِ مُون، وَرَقَ واري ڍَڪِئا.
[ سُر يمن ڪلياڻ، پنا پڙهڻ ۽ ڪڙهڻ، 28 ]
تيلانھَن آيَلِ مُون، وَرَقَ واري ڍَڪِئا.
[ سُر يمن ڪلياڻ، پنا پڙهڻ ۽ ڪڙهڻ، 28 ]
پوکَ جَا پَڙَهڻَ جِي، ”لا“ سين وِجُهہ لُڻِي،
لَمْ یَڪُنِ الَّذِیْنَ ڪَفَرُوْا مِنْ اَهْلِ الْڪِتابِ ، آگي آيَتَ موڪِلِيِ ڌُرِيائيِن ڌُڻِي،
اِھا سِٽَ سُڻِي، مُون وَرَقَ سَڀَ وِسارِئا.
[ سُر يمن ڪلياڻ، پنا پڙهڻ ۽ ڪڙهڻ، 29 ]
لَمْ یَڪُنِ الَّذِیْنَ ڪَفَرُوْا مِنْ اَهْلِ الْڪِتابِ ، آگي آيَتَ موڪِلِيِ ڌُرِيائيِن ڌُڻِي،
اِھا سِٽَ سُڻِي، مُون وَرَقَ سَڀَ وِسارِئا.
[ سُر يمن ڪلياڻ، پنا پڙهڻ ۽ ڪڙهڻ، 29 ]
مُلان ڪوھُ مارِين، کارِين کُٿابِيَنِ کي،
وَرَقَ جٖي وِصالَ جا، پَنا سي نَہ پاڙِھِين،
سا سِٽَ نَہ سيکارِين، جَنھِن ۾ پَسَنِ پِرِينءَ کي.
[ سُر يمن ڪلياڻ، پنا پڙهڻ ۽ ڪڙهڻ، 36 ]
وَرَقَ جٖي وِصالَ جا، پَنا سي نَہ پاڙِھِين،
سا سِٽَ نَہ سيکارِين، جَنھِن ۾ پَسَنِ پِرِينءَ کي.
[ سُر يمن ڪلياڻ، پنا پڙهڻ ۽ ڪڙهڻ، 36 ]
حُڪُمُ ٿِئو حَڪِيمَ جو، ٿا سارَنگَ ساٺَ ڪِجَنِ،
وِڄُون وَسَڻَ آيُون، ٽاٽا مِينھَن ٽِمَنِ،
جَنِ مَھِنگو ميڙِئو، سي ٿا ھَٿَ ھَڻَنِ،
پَنجَنِ مان پَنِرَھِ ٿِئا، اِيئَن ٿا وَرَقَ وَرَنِ،
ڏُڪارِيا ڏيھَنِ ۾، مُوذِي سَڀَ مَرَنِ،
مينھِيُون پاڻَمُرادِيُون، ٿَڌا ٿَرَ چَرَنِ،
وَرِي وَڏِيءَ وَسَ جُون، ڪي ڳالِهيُون ڳائِجَنِ،
سَيِّدُ چئَي سَڀَن، آھي تُنھِنجو آسِرو.
[ سُر سارنگ، ڌرتي ڍُري، 5 ]

ڏَھين ڏِينھَن ڏِکَ ٿِئا، پِرِين پاٻوھِئا پَسُ،
وَرَقَ جي وِصالَ جا، واري ڪِئائُون وَسُ،
لَڌائُون لَطِيفُ چئَي، سَندو گُرُوءَ گَسُ،
جوڳِيَنِ کَٽِئو جَسُ، لِڪا ڀُوڻَنِ لوڪَ ۾.
[ سُر رامڪلي، ڏھاڙي وارتا، 10 ]
وَرَقَ جي وِصالَ جا، واري ڪِئائُون وَسُ،
لَڌائُون لَطِيفُ چئَي، سَندو گُرُوءَ گَسُ،
جوڳِيَنِ کَٽِئو جَسُ، لِڪا ڀُوڻَنِ لوڪَ ۾.
[ سُر رامڪلي، ڏھاڙي وارتا، 10 ]
ماندِي ٿِيءُ نَه مارُئِي، وَرَقَ وَرَندا پَسُ،
جُسو زَنجِيرُنِ ۾، جالَڻُ آهي جَسُ،
مارُو آڻي مَسُ، آجِي ڪَندا ڪوٽَ کان.
[ سُر مارئي، سيئي سارئان سومرا، 9 ]
جُسو زَنجِيرُنِ ۾، جالَڻُ آهي جَسُ،
مارُو آڻي مَسُ، آجِي ڪَندا ڪوٽَ کان.
[ سُر مارئي، سيئي سارئان سومرا، 9 ]
وَرِئو وَرَقَ وِصالَ جو، موڪَلَ ٿِي مُون،
لَحْمًا طَرِيًّا وَّتَسْتَخْرِجُوْنَ حِلْيَةً تَلْبَسُوْنَـهَا ، تَنَ ۾ تُونھِين تُون.
مَنَ مَنجهان را مُون، مارُو ڄامُ مَلِيرَ جو.
[ سُر مارئي، زمر زخرف سومرا، 16 ]