وايُون جي سنڌي معنيٰ
ڳالهيون ٻولهيون، ٻوليون، آواز، ٻوليون، ڪھڻيون، چوڻيون، وارتائون، تقريرون، چوڻيون.
ذريعو:ڀٽائي پيڊيا
English Meaning
Sayings, languages, stories, utters, tellings, vocals, sounds.
وايُون جا بيتن ۾ حوالا
نَہ سي تَڙِ خُراڪَ، نَہ وايُون وَڻِجارَنِ جُون،
سَرَتِيُون سامُونڊِيَنِ جا، اَڄُ پُڻ چِڪِيَمِ چاڪَ،
مارِينِهُون فِراقَ، پاڙيچِيُون پِرِيَنِ جا.
[ سُر سامونڊي، پڳھ ۽ سامونڊين سڱ، 10 ]

تَڙِينِ تَنوارِينِ، ماءَ سامُونڊِي آيا،
مُون کي جِيارِينِ، وايُون وَڻِجارَنِ جُون.
[ سُر سامونڊي، ڳرڻ ۽ چنتا، 9 ]

اَڄُ پُڻ وايُون ڪَنِ، وَڻِجارا وَڃَڻَ جُون،
اَٺَئِي پَھَرَ اَٿِنِ، سَعيو ڪَنھِن سَفَرَ جو.
[ سُر سامونڊي، وايون وڃڻ جون، 9 ]

مُون بِيٺي ئِي ھَلِئا، بَندَرَ جَنِ تَڙَنِ،
سَرَتِيُون سُورُ سَندُنِ، مُون مارِيندو ڪَڏِھِين.
[ سُر سامونڊي، وايون وڃڻ جون، 10 ]

ھَلَڻَ ھارا سُپِرِين، رُئان تان نَہ رَھَنِ،
آئُون جَهلِيندِي ڪيتِرو، آيَلِ سامُونڊِيَنِ،
پَڳَھَ ڇوڙي جَنِ، وِڌا ٻيڙا ٻارِ ۾.
[ سُر سامونڊي، وايون وڃڻ جون، 11 ]

ويندِي آئُون پِرِيَنِ وَٽِ، مُون وِھُ وَڻِجارَنِ سين،
وايُون وَڻِجارَنِ جُون، اَدِيُون اَڄُ نَہ ھَٽِ،
ڏيئِي سِڙُه سِيرَ ٿِئا، پيرُ نَہ لايائُون پَٽِ،
پَڳَھُ کَڻُ مَ پاتِڻِي، جانِي مُون وَٽِ جَٽِ،
ڳَرَھِيان سُورُ سَفَرَ جو، ھَلِي پَنھِنجي ھَٽِ،
پُورِيندِيَسِ پِرِينءَ ڏي، ڪا نَہ ڪنديِسَ گَهٽِ.
[ سُر سامونڊي، وايون، 8 ]

ماءَ وِلائِتي آيا، تَڙبن تَنوارِينِ،
وايُون وَڻِحارَنِ جُون، جِيءَ کي جِيارِين،
کِلِبو کِيڪارِينِ، جَنِي سيڻَ سَلامَتَ آيا.
[ سُر سامونڊي، آيا وڻجارا، 18 ]

بَرَ وُٺا ٿَرَ وُٺا، وَٺِيُون تَرايُون،
پِرھَ جو پَٽَنِ تي، ڪَنِ وِلوڙا وايُون،
مَکَڻَ ڀَريَنِ ھَٿَڙا، ٿِيُون سَنگهارِيُون سايُون،
ساري ڏُھَنِ سامُهِيون، ٻولاھِيُون ۽ رايُون،
ٻايُون ۽ دايُون، پَکَي سُونھَنِ پانھِنجي.
[ سُر سارنگ، ڌرتي ڍُري، 6 ]

ڏُکِيءَ سَندِيُون ڏُونگَرين، وَڻَ ٽِڻَ وايُون ڪَنِ،
وَٽان ويئِي جَنِ، وَڍِيءَ سي واڍوڙِئا.
[ سُر معذوري، ڏُکِيءَ ڏک، 15 ]
وَٽان ويئِي جَنِ، وَڍِيءَ سي واڍوڙِئا.
[ سُر معذوري، ڏُکِيءَ ڏک، 15 ]
وَڍِي ٿِي وايُون ڪَري، ڪُٺَلِ ڪُوڪاري،
ھُنَ پَنَ پانھِنجا سارِئا، ھُوءَ ھَنجُهون ھَڏَنِ لَئي ھاري.
[ سُر معذوري، ڏُکِيءَ ڏک، 18 ]