مُلِهہ جي سنڌي معنيٰ
قيمت، اگهہ بَھا، دام، نُرخ، لاڳت، گَرٽُ. (ظرف). قيمت سان، اگهہ سان، مُلهہ سان، مُلهہ تي.
ذريعو:ڀٽائي پيڊيا
English Meaning
Price, worth. A standard measure or weight kept as a test for others.
مُلِهہ جا بيتن ۾ حوالا
جَي مَٿي وَٽِ مِڙَنِ، تَہ سَڀَ ڪَنھِن سَڌَ ٿِئي،
سِرَ ڏِني سَٽِ جُڙي، تَہ عاشِقَ اِيئَن اَچَنِ،
لِڌا تي لَڀَنِ، مُلِهہ مَھانگا سُپِرِين.
[ سُر ڪلياڻ، سُوري، ڪاتي ۽ زھر، 34 ]
سِرَ ڏِني سَٽِ جُڙي، تَہ عاشِقَ اِيئَن اَچَنِ،
لِڌا تي لَڀَنِ، مُلِهہ مَھانگا سُپِرِين.
[ سُر ڪلياڻ، سُوري، ڪاتي ۽ زھر، 34 ]
مُلِهہ مَھانگو قَطرو، سِڪَڻُ شَھادَتَ،
اَسان عِبادَتَ، نَظَرَ نازَ پِرِيَنِ جا.
[ سُر ڪلياڻ، سُوري، ڪاتي ۽ زھر، 35 ]
اَسان عِبادَتَ، نَظَرَ نازَ پِرِيَنِ جا.
[ سُر ڪلياڻ، سُوري، ڪاتي ۽ زھر، 35 ]
لَڪِ لاکِيڻو ڪَرَھو، ڪوڙِيُون ڏيئِي ڳِڌومِ،
اڱَڻِ سُونھَن ٿِئومِ، مُلِهہ مَهانگو مَ چَئُہُ.
[ سُر کنڀات، ڪرھو، چانگو، اٺ، 57 ]
اڱَڻِ سُونھَن ٿِئومِ، مُلِهہ مَهانگو مَ چَئُہُ.
[ سُر کنڀات، ڪرھو، چانگو، اٺ، 57 ]
سي پُوڄارا پُرِ ٿِئا، سَمُنڊُ سيوِئو جَنِ،
آندائُون عَمِيقَ مان، جُوتِي جَواھَرَنِ،
لَڌائُون لَطِيفُ چئَي، لالُون مان لَهرِنِ،
ڪانِهي قِيمَتَ تَنِ، مُلِهہ مَھانگو اُنِ جو.
[ سُر سريراڳ، سيوا ۽ سار، 6 ]
آندائُون عَمِيقَ مان، جُوتِي جَواھَرَنِ،
لَڌائُون لَطِيفُ چئَي، لالُون مان لَهرِنِ،
ڪانِهي قِيمَتَ تَنِ، مُلِهہ مَھانگو اُنِ جو.
[ سُر سريراڳ، سيوا ۽ سار، 6 ]
سُٽُ اُنِهين جو سَفِرو، جٖي پَر ۾ پِڃائِينِ،
آوازُ اَرٽَ جو، ساھَ نَہ سُڻائِينِ،
لِڪايو لَطِيفُ چئَي، ڪَنبِئو ڪَتائينِ،
جٖي ماڻِڪَ موٽائِينِ، توءِ مُلِهہ مَھانگو اُنِ جو.
[ سُر ڪاپائتي، چائت ۽ محبت، 22 ]
آوازُ اَرٽَ جو، ساھَ نَہ سُڻائِينِ،
لِڪايو لَطِيفُ چئَي، ڪَنبِئو ڪَتائينِ،
جٖي ماڻِڪَ موٽائِينِ، توءِ مُلِهہ مَھانگو اُنِ جو.
[ سُر ڪاپائتي، چائت ۽ محبت، 22 ]
ناڻَي ناھِ ڪَڪُوھُ، مُلِهہ مَھانگو مَندُ،
سَنباھيجِ سَيِّدُ چئَي، ڪاٽَڻَ ڪارَڻِ ڪَنڌُ،
ھِيءُ تَنِي جو ھَنڌُ، مَٽَنِ پاسِ مَرَنِ جي.
[ سُر ڪلياڻ، سُوري، ڪاتي ۽ زھر، 24 ]