مُحبَتِي جي سنڌي معنيٰ
پيار ڪندڙ. محبت ڪندڙ، عاشق، عشق ڪندڙ، محب، محبوب
ذريعو:ڀٽائي پيڊيا
English Meaning
Lover, beloved
مُحبَتِي جا بيتن ۾ حوالا
ھَڻي جَي حَبِيبُ، مُحبَتِي مَيا ڪَري،
پُڇان ڪِينَ طَبِيبُ، ھُوندَ گهاوَنِ سين ئِي گهارِيان.
[ سُر يمن ڪلياڻ، حبيب ۽ طبيب، 10 ]
پُڇان ڪِينَ طَبِيبُ، ھُوندَ گهاوَنِ سين ئِي گهارِيان.
[ سُر يمن ڪلياڻ، حبيب ۽ طبيب، 10 ]
چَڙِهئو چَڪاسِينِ چاھِ، آڳِ ٻَرَندِيءَ آيا،
وِھسَنِ واڙي ڦُلَ جِيئَن، مُحبَتِي مَچَ لاءِ،
آڻي پاڻُ اَڙاءِ، کَڻِي کُوري وِچَ ۾.
[ سُر يمن ڪلياڻ، پتنگ ۽ باھ، 17 ]
وِھسَنِ واڙي ڦُلَ جِيئَن، مُحبَتِي مَچَ لاءِ،
آڻي پاڻُ اَڙاءِ، کَڻِي کُوري وِچَ ۾.
[ سُر يمن ڪلياڻ، پتنگ ۽ باھ، 17 ]
ڀَلو مِيان مُحبَتِي مِٺِڙا مارُو،
اَلا پِرِين اَچَنِ جِيءُ جِيارِئو جَنِ،
ري سُرِمي سُھڻا، ڪَجَلُ ڪوھُ وِجَهنِ،
ميرا ئِي مارِينِ مُون، تان جي پَکَرِجَنِ.
[ سُر يمن ڪلياڻ، وايون، 7 ]
اَلا پِرِين اَچَنِ جِيءُ جِيارِئو جَنِ،
ري سُرِمي سُھڻا، ڪَجَلُ ڪوھُ وِجَهنِ،
ميرا ئِي مارِينِ مُون، تان جي پَکَرِجَنِ.
[ سُر يمن ڪلياڻ، وايون، 7 ]
ساوَڻَ گهِڙي سَڀَڪا، ھِيءَ سَرَھِي سِياري،
تَنُ وڌائيِن تارِ ۾، اَرواحَ جي آري،
مُحبَتِي ماري، ڪونِهي دادُ دَرياھَ ۾.
[ سُر سھڻي، سانوڻ، سيارو گهڙي ۽ گهوري، 20 ]
تَنُ وڌائيِن تارِ ۾، اَرواحَ جي آري،
مُحبَتِي ماري، ڪونِهي دادُ دَرياھَ ۾.
[ سُر سھڻي، سانوڻ، سيارو گهڙي ۽ گهوري، 20 ]
وِچِينءَ ويراڳِيَنِ جِي، مَٿي ڪَڻِڄَ ڪُوڪَ،
ساڙي سِڪَ سَنها ڪِئا، مُحبَتِي مَلُوڪَ،
تَنِيءَ سَندِيءَ ھُوڪَ، جيڪَرَ جوڳِياڻِي ٿِيان.
[ سُر پورب، جوڳي، 10 ]
ساڙي سِڪَ سَنها ڪِئا، مُحبَتِي مَلُوڪَ،
تَنِيءَ سَندِيءَ ھُوڪَ، جيڪَرَ جوڳِياڻِي ٿِيان.
[ سُر پورب، جوڳي، 10 ]
ڪَوَنرَ پاڙُون پاتارَ ۾، ڀَؤُنرَ ڀَري آڪاسِ،
ٻِنهِي سَندِي ڳالِهڙِي، رازِقَ آندِي راسِ،
تَنھِن عِشقَ کي شاباسِ، جَنھِن مُحبَتِي ميڙِئا.
[ سُر ڪارايل، پاڙون پاتار ۾، 34 ]
ٻِنهِي سَندِي ڳالِهڙِي، رازِقَ آندِي راسِ،
تَنھِن عِشقَ کي شاباسِ، جَنھِن مُحبَتِي ميڙِئا.
[ سُر ڪارايل، پاڙون پاتار ۾، 34 ]
English Meaning
Lover, beloved