مَڙُه جي سنڌي معنيٰ
لاش، مڙدو.
ذريعو:ڀٽائي پيڊيا
English Meaning
A corpse, a laze person, a sluggard.
مَڙُه جا بيتن ۾ حوالا
ڪَڏِھِين مَڙُه مُقامَ ۾، ڪَڏِھِين ڳاڙِھو گهوٽُ،
سَندو وارِيءَ ڪوٽُ، اَڏِئو اَڏِيندين ڪيتِرو.
[ سُر بروو سنڌي، صُورت فانِي ۽ مڙه مقام، 20 ]

جَي ڀانيَين جوڳِي ٿِيان، مَڙُه پُوري مَنجِهہ مارِ،
دائِما دُونھِين دِلِ ۾، مَنَ ۾ مالا وارِ،
سَھُ سَڀَڪا آرِ، آگي جِي اَدَبَ سين.
[ سُر رامڪلي، جي ڀانيَين جوڳِي ٿِيان، 8 ]

جَي ڀانيَين جوڳِي ٿِيان، تَہ ھُوندَنِ جِيئَن مَ ھو،
توکي ويسَ وِڃايو، ويسُ وِڃايو تو،
سامِي آھي سو، جَنھِن مَڙُه پُوري مارِيو.
[ سُر رامڪلي، جي ڀانيَين جوڳِي ٿِيان، 18 ]

سامِي چائِيين سُکَ طَلَبِيين، ھُوندَنِ جِيئَن مَ ھو،
توکي ويسَ وِڃايو، ويسُ وِڃايو تو،
سامِي آھي سو، جَنھِن مَڙُه پُوري مارِئو.
[ سُر پورب، سامي سنياسي، 12 ]

آئُون بَندِياڻِي بَندَ ۾، مُونھِين پِئو بَندُ،
ماڙِيءَ لَڳُمِ مِيهَڻُون، مُونھِين ڪَڙو ڪَنڌِ،
مَران جَي ھِنَ ھَنڌِ، تَہ نِجاھُ مَڙُه مَلِيرَ ڏي.
[ سُر مارئي، بندياڻي واجهائي وطن کي، 19 ]

واجهائي وَطَنَ کي، ساري ڏِيان ساھُ،
بُتُ مُنھِنجو بَندَ ۾، قَيدِ مَ ڪَريجاھُ،
پَرَڏيھِياڻِيءَ کي پِرِينءَ ري، ڌارَ مَ ڌَريجاھُ،
ٿَڌِي وَسائيجاھُ ٿَرَنِ جِي، مِٽِي مُئِيءَ مَٿان،
پويون ٿِييمِ پَساھُ، تَہ پُڻ نِجاھُ مَڙُه مَلِيرَ ۾.
[ سُر مارئي، بندياڻي واجهائي وطن کي، 20 ]

واجهائي وَطَنَ کي، ساري ساھُ ڏِيان،
سِڙي ساڻيھَ سامُهين، مُنھِنجِي نيجِ مِيان،
مُقامِياڻِي مارُوئين، وَڃِي ٿَرِ ٿِيان،
مُيائِي جِيئان، جَي نِئاءَ مَڙُه مَلِيرَ ڏي.
[ سُر مارئي، بندياڻي واجهائي وطن کي، 21 ]

واجهائي وَطَنَ کي، آئُون جَي ھِتِ مُياسِ،
تَہ گورَ مُنھِنجِي سُومَرا، ڪِجِ پَنوَھارَنِ پاسِ،
ڏِجِ ڏاڏاڻي ڏيھَ جو، مَنجهان وَلَڙِنِ واسُ،
تَہ ڪَرَ مُيائِي جِياسِ، جَي وِئو مَڙُه مَلِيرَ ڏي.
[ سُر مارئي، بندياڻي واجهائي وطن کي، 22 ]

اَڇو ڪوٽُ عُمَرَ جو، ڏِسئو ٿِي ڏَران،
اَٿِمِ سِڪَ ساڻيھَ جِي، وَطَنِ شالَ وَران،
جَي آئُون هِتِ مَران، تَہ نِجاھُ مَڙُه مَلِيرَ ڏي.
[ سُر مارئي، مارئي ملير جي ستي سيل، 11 ]

عُمَرَ آندِي مارُئِي، ظالمَ زورِ ڪَري،
مارُنِ ڌاران ماڙِيين، جَي ٿِي هِتِ مَري،
تَہ مَڙُه تَنھِن مُشتاقَ جو، پَھچائِجِ ٿَرين،
پُسِيءَ پاندُ ڀَري، مانَ فاتِحَه ڏِينِ فَقِيرِ کي.
[ سُر مارئي، جھ سي لوڙائو ٿئا، 12 ]