مَران جي سنڌي معنيٰ
ختم ٿيان، وفات ڪيان، رحلت ڪيان، رضا ڪيان، چالاڻو ڪيان، هلاڪ ٿيان، لاڏاڻو ڪيان، مري وڃان، فوت ٿييان، پران تياڳيان، جانُ ڏيان، ساھ ڇڏيان. (مصدر: دم نڪرڻ، دم ڏيڻ، گذاري وڃڻ، انتقال ڪرڻ، پساھ ڇڏڻ، تمام گهڻو چاهڻ، بيحد پيار ڪرڻ، ڏاڍو شوق رکڻ، گهڻو گهرڻ. عاشق ٿيڻ، فريفتہ ٿيڻ، شيدا ٿيڻ (بک ۾) پاھ ٿيڻ. نھايت گهڻي محنت ڪرڻ. جان جوکي ۾ وجهڻ، ڪشٽ ڪاٽڻ، ڏاکڙا ڏسڻ، تڪيلف محسوس ڪرڻ، تنگي محسوس ڪرڻ، سعيو ڪرڻ، اُدم ڪرڻ. (مئو، مَرندو، مُئل) (سن. مرد= گهڻ) (آڱر سان) مَلَڻ، مَھٽڻ، ڳوھڻ، مَلڪو ڏيڻ، مھٽو ڏيڻ (ميٽ وغيرہ کي).
ذريعو:ڀٽائي پيڊيا
English Meaning
Dying, expiring, terminating, eliminating, vanishing
مَران جا بيتن ۾ حوالا
موٽَڻَ کان اَڳي مَران، موٽِي مَران مَ ماءِ،
لُڇَي لالَڻَ لاءِ، شالَ پُوندِيَسِ پيرَ تي.
[ سُر آبڙي، سُک، ڏُک ۽ ارادا، 26 ]
لُڇَي لالَڻَ لاءِ، شالَ پُوندِيَسِ پيرَ تي.
[ سُر آبڙي، سُک، ڏُک ۽ ارادا، 26 ]
اَڳي پوءِ مَران، مَرُ مَران مارَڳَ ۾،
مَٿي پوءِ پِريان، خُونُ مُنھِنجو جيڏِيُون.
[ سُر حسيني، ووءِ ووءِ ڪرڻ ۽ روئڻ ، 12 ]
مَٿي پوءِ پِريان، خُونُ مُنھِنجو جيڏِيُون.
[ سُر حسيني، ووءِ ووءِ ڪرڻ ۽ روئڻ ، 12 ]
شَمعَ ٻارِيندي شَبَ، پِرھَ باکُون کوڙِيُون،
موٽُ مَران ٿِي مَينڌَرا، راڻا ڪارَڻِ رَبَ،
تُنھِنجِيءَ تاتِ طَلَبَ، ڪانگَ اُڏايَمِ ڪاڪِ جا.
[ سُر راڻو، ڏِيئا، تيل ۽ مھمان، 1 ]
موٽُ مَران ٿِي مَينڌَرا، راڻا ڪارَڻِ رَبَ،
تُنھِنجِيءَ تاتِ طَلَبَ، ڪانگَ اُڏايَمِ ڪاڪِ جا.
[ سُر راڻو، ڏِيئا، تيل ۽ مھمان، 1 ]
ھَڻُ حَبِيبَ ھَٿُ کَڻِي، ٿيڪَ مَ، ٿورَو لاءِ،
پِريَمِ تُنھِنجي گهاءِ، مَران تَہ مانُ لَھان.
[ سُر يمن ڪلياڻ، حبيب ۽ طبيب، 6 ]
پِريَمِ تُنھِنجي گهاءِ، مَران تَہ مانُ لَھان.
[ سُر يمن ڪلياڻ، حبيب ۽ طبيب، 6 ]
جيڏِيُون وَٺَڙِئو ھوتَ وَڃَنِ، جَهلِيان پَليان ھِينئڙونَہ رَھي،
مَرُ مَران مارِينِ مُون، پُرزا پُرزا ڪَنِ،
آئُون مُيائِي گهورِي، جَي مان مُحِبَ مِڙَنِ،
آئُون جَنِ جي آھِيان، ڪَڙِي مَ ٿِيان تَنِ،
گهَڻين ڀَتين گهورِي، سَندَڙِي ٻاجَهہ ٻِيَن.
[ سُر يمن ڪلياڻ، وايون، 8 ]
مَرُ مَران مارِينِ مُون، پُرزا پُرزا ڪَنِ،
آئُون مُيائِي گهورِي، جَي مان مُحِبَ مِڙَنِ،
آئُون جَنِ جي آھِيان، ڪَڙِي مَ ٿِيان تَنِ،
گهَڻين ڀَتين گهورِي، سَندَڙِي ٻاجَهہ ٻِيَن.
[ سُر يمن ڪلياڻ، وايون، 8 ]
اَچِي سارَ لَھيجِ، ساجَنَ سُورَ تُماري آئُون مارِي،
سُورَ تُماري جي مَران، تان مُون ڏوھُ مَ ڏيجِ،
ڊَبَنِ ڀَري ھَٿَڙا، دارُون دوسِتَ ڪَريجِ.
[ سُر يمن ڪلياڻ، پريم پاٺ، 34 ]
سُورَ تُماري جي مَران، تان مُون ڏوھُ مَ ڏيجِ،
ڊَبَنِ ڀَري ھَٿَڙا، دارُون دوسِتَ ڪَريجِ.
[ سُر يمن ڪلياڻ، پريم پاٺ، 34 ]
آئُون اُڪَنڊِيائِي مَران، پِرِين ڀَلا پَرَ ڏُورِ،
ٻاٻَلُ ڏي نَہ ٻُوۡرُ، پَنڌَ نَہ جوڳِي پِيَڙِي.
[ سُر کنڀات، ڪرھو، چانگو، اٺ، 23 ]
ٻاٻَلُ ڏي نَہ ٻُوۡرُ، پَنڌَ نَہ جوڳِي پِيَڙِي.
[ سُر کنڀات، ڪرھو، چانگو، اٺ، 23 ]
اَگهِئو ڪائو ڪَچُ، ماڻِڪَنِ موٽَ ٿِي،
پَلَئِہ پايو سَچُ، آڇِيندي لَڄَ مَران.
[ سُر سريراڳ، صراف ۽ جوھري، 15 ]
پَلَئِہ پايو سَچُ، آڇِيندي لَڄَ مَران.
[ سُر سريراڳ، صراف ۽ جوھري، 15 ]
دَھشَتَ دامَ دَرياھَ ۾، جَتِ تِکيُون تَنوارُون،
مُنھِنجُون مانَ ميھارَ کي، پَهچَنِ پُڪاروُن،
لَھُ ساھَڙَ سَنڀارُون، لَهِرِنِ لوڏِي نَہ مَران.
[ سُر سھڻي، دھشت دام درياھَ، 13 ]
مُنھِنجُون مانَ ميھارَ کي، پَهچَنِ پُڪاروُن،
لَھُ ساھَڙَ سَنڀارُون، لَهِرِنِ لوڏِي نَہ مَران.
[ سُر سھڻي، دھشت دام درياھَ، 13 ]
تَران تَہ مَران، وَران تَہ وَھُ وِتَرو،
ھِينئَڙي ۾ ھوتَنِ جا، اَچَنِ گهورَ گَهڻا،
پَسِئو پاڙي وارِيُون، ڏِسِئو ڏوھَ ڏَران،
وِچان ڪِيئَن وَران، جِيئَن ڪَنڌِيءَ مُنھِنجو ڪارَڻِي.
[ سُر سھڻي، تران، سڀت، ڏٺي ڏينھن، 16 ]