قَلبَ جي سنڌي معنيٰ
ھردو، قلب، دل، ھيانُ، اندر، انسان جو رئيس عضوو
ذريعو:جامع سنڌي لغات
English Meaning
Heart
قَلبَ جا بيتن ۾ حوالا
وَحۡدَہٗ لا شَرِيڪَ لَهٗ ، جَنِ اُتو سين اِيمانَ،
تَنِ مَڃِئو مُحَّمَدُ ڪارَڻِي، قَلبَ ساڻُ لِسانَ،
اُوءِ فائِقَ ۾ فَرمانَ، اَوَتَڙِ ڪَنھِن نَہ اولِئا.
[ سُر ڪلياڻ، يڪتائي، 4 ]
تَنِ مَڃِئو مُحَّمَدُ ڪارَڻِي، قَلبَ ساڻُ لِسانَ،
اُوءِ فائِقَ ۾ فَرمانَ، اَوَتَڙِ ڪَنھِن نَہ اولِئا.
[ سُر ڪلياڻ، يڪتائي، 4 ]
ڪِئائُون قَلبَ کي، طَرَحَ تَنُورا،
جيرا جِگرَ بُڪِيُون، ڪَپي ڪِئائُون ڪورا،
سِيخُنِ ۾ سُورا، تَرِيائون تَرتِيبَ سين.
[ سُر يمن ڪلياڻ، باھ ۽ ساڙو، 9 ]
جيرا جِگرَ بُڪِيُون، ڪَپي ڪِئائُون ڪورا،
سِيخُنِ ۾ سُورا، تَرِيائون تَرتِيبَ سين.
[ سُر يمن ڪلياڻ، باھ ۽ ساڙو، 9 ]
مانَ پُڇَنَئِي سُپِرِين، چِتان لاھِجِ چورُ،
قَلبَ مان ڪَڍُ تُون، ماري ڪُوڙو ڪورُ،
ھُنَ ڀَرِ سَندو ھورُ، مَٿان تو مَعافُ ٿِئي.
[ سُر سريراڳ، تياري ۽ ساٺ، 3 ]
قَلبَ مان ڪَڍُ تُون، ماري ڪُوڙو ڪورُ،
ھُنَ ڀَرِ سَندو ھورُ، مَٿان تو مَعافُ ٿِئي.
[ سُر سريراڳ، تياري ۽ ساٺ، 3 ]
اَلَستُ اَرِواحَنِ کي، جَڏھِن چَيائِين جِيئَن،
قالُو بَلیٰ قَلبَ ۾ ٿِي تَفالي تِيئَن،
مَحبَتِيءَ ميھارَ جي، آئُون نِھوڙي نِينھَن،
سَرَتِيُون ساھَڙَ سِينءَ، ھَلَڻُ مُون حَقُ ٿِئو.
[ سُر سھڻي، الست ارواح، کامڻ پچڻ، 5 ]
قالُو بَلیٰ قَلبَ ۾ ٿِي تَفالي تِيئَن،
مَحبَتِيءَ ميھارَ جي، آئُون نِھوڙي نِينھَن،
سَرَتِيُون ساھَڙَ سِينءَ، ھَلَڻُ مُون حَقُ ٿِئو.
[ سُر سھڻي، الست ارواح، کامڻ پچڻ، 5 ]
نِماڻِيءَ جي نِجُهري روئَڻُ ۽ راڙو،
ڪُٺَلِ سَندي قَلبَ ۾، قُرِبَ جو ڪاڙھو،
ھوتَنِ لَيءِ ھاڙھو، رِجائِيندِيَسِ رَتَ سين.
[ سُر حسيني، ووءِ ووءِ ڪرڻ ۽ روئڻ ، 18 ]
ڪُٺَلِ سَندي قَلبَ ۾، قُرِبَ جو ڪاڙھو،
ھوتَنِ لَيءِ ھاڙھو، رِجائِيندِيَسِ رَتَ سين.
[ سُر حسيني، ووءِ ووءِ ڪرڻ ۽ روئڻ ، 18 ]
آديسِي آديسُ، ھِتان ڪَري ھَلِئا،
ڪاپَڙِيَنِ قَلبَ ۾، ڪِئو ڏُوراڻو ڏيسُ،
ويراڳِي نَئُون ويسُ، راوَلَ ڍَڪي رَمِئا.
[ سُر رامڪلي، آديسي ۽ مونا طور سينا، 12 ]
ڪاپَڙِيَنِ قَلبَ ۾، ڪِئو ڏُوراڻو ڏيسُ،
ويراڳِي نَئُون ويسُ، راوَلَ ڍَڪي رَمِئا.
[ سُر رامڪلي، آديسي ۽ مونا طور سينا، 12 ]
ضادَئُون ضَلالَتَ کان، پاڻان وِئا پَري،
مَنجِهہ مُراقِبي مَشغُولُ ٿِئا، ڪامِلَ قَلبَ ڪَري،
مالَها پُوتَئُون مَنَ جِي، پَڙَهنِ وِردَ وَري،
فَلَهُمْ اَجْرٌ غَیْرُ مَمْنُوْنٍ ، سامَينِ سَھجُ سَري،
پاڻان ٿِي پَري، گُرَ کي گَڏِئا ڪاپَڙِي.
[ سُر رامڪلي، ٽيھ اکري، 15 ]

مُنھُن آھيريءَ جِيئَن اُجَري، قَلبَ ۾ ڪارو،
ٻَھران زيبُ زَبانَ سين، دِلِ ۾ ھَچارو،
اِنَ پَرِ ويچارو، ويجهو ناھِ وِصالَ کي.
[ سُر آسا، ترڪ، ڪلمو ۽ سرمو، 33 ]
ٻَھران زيبُ زَبانَ سين، دِلِ ۾ ھَچارو،
اِنَ پَرِ ويچارو، ويجهو ناھِ وِصالَ کي.
[ سُر آسا، ترڪ، ڪلمو ۽ سرمو، 33 ]
”اَلَستُ بِرَبِڪُم“ ، جَڏھِن ڪَنِ پِئومِ،
”قالُوا بَلیٰ“ ، قَلبَ سين، تَڏِھِين تِتِ چَيومِ،
تَھِين ويرَ ڪِئومِ، وَچَنُ ويڙِهيچَنِ سين.
[ سُر مارئي، ڪن فيڪون ۽ قيد، 1 ]
”قالُوا بَلیٰ“ ، قَلبَ سين، تَڏِھِين تِتِ چَيومِ،
تَھِين ويرَ ڪِئومِ، وَچَنُ ويڙِهيچَنِ سين.
[ سُر مارئي، ڪن فيڪون ۽ قيد، 1 ]
ڪَري مُھاڙِ مَلِيرَ ڏي، مَٿي ڪوٽَ چَڙِھِي،
سارِيندي ساھيڙِيَنِ کي، ڳوڙھا پِئَسِ ڳَڙِي،
نِکَتِي ڪُوڪَ قَلبَ مان، مَنجهان رُوحَ رَڙِي،
ويڙِهيچَنِ وَرِي، ڪَرَ نَہ لَڌِي ڪَڏِھِين.
[ سُر مارئي، سَوڙ سمهڻ، مينڍا ڌوئڻ، 10 ]
سارِيندي ساھيڙِيَنِ کي، ڳوڙھا پِئَسِ ڳَڙِي،
نِکَتِي ڪُوڪَ قَلبَ مان، مَنجهان رُوحَ رَڙِي،
ويڙِهيچَنِ وَرِي، ڪَرَ نَہ لَڌِي ڪَڏِھِين.
[ سُر مارئي، سَوڙ سمهڻ، مينڍا ڌوئڻ، 10 ]
English Meaning
Heart