عَلِي جي سنڌي معنيٰ
حضرت علي عليہ السلام، حضور مقبول صلي الله عليه و آله وسلم جن جو سئوٽ ۽ ناٺي.
ذريعو:ڀٽائي پيڊيا
English Meaning
Hazrat Ali (AS), the cousin of Holy Prophet (PBUH).
عَلِي جا بيتن ۾ حوالا
گهوڙو گهوٽَ پَلاڻِئو، مَٿِسِ زِينَ ڌَري،
عَلِي شيرُ پُٽَنِ کي، اُڀو سَڏ ڪَري،
حَسَنَ مِيرَ حُسينَ تُون، اَچِي لَڳُ ڳَري،
ھاڻي ڪِيئَن ڪَري، جِيئَن اَمُرُ اِلاھِي آيو.
[ سُر ڪيڏارو، ڪربلا ۽ ڪارا ڪڪر، 9 ]
عَلِي شيرُ پُٽَنِ کي، اُڀو سَڏ ڪَري،
حَسَنَ مِيرَ حُسينَ تُون، اَچِي لَڳُ ڳَري،
ھاڻي ڪِيئَن ڪَري، جِيئَن اَمُرُ اِلاھِي آيو.
[ سُر ڪيڏارو، ڪربلا ۽ ڪارا ڪڪر، 9 ]
آيو عَلِي شيرُ، مَرڪِئو مَدِيني ڌَڻِي،
سُونھاري سَيِّدَ ري، ڪوٽَ ڀَڃَندو ڪيرُ،
شيرَ وَٺِتو ويرُ، پِڙَ ۾ پَوارا ڪَري.
[ سُر ڪيڏارو، ڪامل ڪربلا ۾، 4 ]
سُونھاري سَيِّدَ ري، ڪوٽَ ڀَڃَندو ڪيرُ،
شيرَ وَٺِتو ويرُ، پِڙَ ۾ پَوارا ڪَري.
[ سُر ڪيڏارو، ڪامل ڪربلا ۾، 4 ]
واويلا واويلا، ڪِئو مَلَڪَنِ رِڻِ ماتامُ،
ھئَي ھئَي شاھَ حُسينَ سِڌارِئو،
ڪَربَلا جي پِڙَ ۾، آيا اَڄُ اَمِيرَ،
جُهڙَ وَرائي جهورِيءَ جَهلِئا، طَرف سَندي تَقدِيرَ،
ڪَربَلا جي پِڙَ ۾، خِيما کوڙِيائُون،
جيڪا تقدِيرَ رَبَ جِي لِکئو لوڙِيائُون،
فَرزَندَ عَلِيءَ جا دادُلا، مُون ٿي ڪوڏِ نِپايا،
بِيبيءَ بَتُولَ جَنَتَ خاتُونَ، پَارَ ڪَڍِي ڳِرَ لايا،
فَرزَندَ عَلِي جا دادُلا، چَيو بِيبِيءَ بَتُولَتا،
خُونُ ڇِڪِيندِيَسِ اَوَھان جو، جانِي ڏِينھَن قِيامَتا،
پَسِي سَختِي مِيرَ حُسينَ جِي، رُنُو نَبِيَنِ زارو زارِ،
مَلَکَ فَلَکَ ڌَرَتِي ڌُٻِي، آئِي عَرشَ مَٿان اُڇِنگارَ.
[ سُر ڪيڏارو، وايون، 7 ]

نانگا نانِيءَ ھَلِئا، ھِنگَلاچان ھَلِي،
ديکِي تَنِ نَہ دُئارِڪا، مَھيسِيَنِ مَلِي،
آڳَھُ جَنِ عَلِي، آئُون نَہ جِيئَندِي اُنِ ري.
[ سُر رامڪلي، آءٌ نہ جِيئندي ان ري، 46 ]
ديکِي تَنِ نَہ دُئارِڪا، مَھيسِيَنِ مَلِي،
آڳَھُ جَنِ عَلِي، آئُون نَہ جِيئَندِي اُنِ ري.
[ سُر رامڪلي، آءٌ نہ جِيئندي ان ري، 46 ]
لِيبي لَعنَتِيءَ کي، آڻِيءَ ۾ آھي،
اَنڌو مُون عَلِيلَ تي، سِينو ٿو ساھي،
عَلِي شاھَ اَچيجِ تُون تَنھِن ڪافِرَ تي ڪاھي،
لُڻِي وِجُهہ لاھي، مَٿو مَجُوسِيءَ جو.
[ سُر بلاول، مجوسِي، ڄام ۽ جادم، 1 ]