عَلِيمُ جي سنڌي معنيٰ
ڄاڻندڙ، ڄاڻڻھار، دانا، وڏي علم وارو ، وڏو ڄاڻندڙ. وڏو ڄاڻو اسم خاص. خدا تعاليٰ جو هڪ صفاتي نالو.
ذريعو:ڀٽائي پيڊيا
عليم: (ع) ڄاڻندڙ، ڄاڻڻھار، دانا.
ذريعو:شاھ جو رسالو - ھوتچند مولچند گربخشاڻي
English Meaning
Enlighten, well informed, having all knowledge, the most wise (the ultimate property of The God) etc
عَلِيمُ جا بيتن ۾ حوالا
اَوَلِ اللهُ عَلِيمُ، اَعلیٰ عالَمَ جو ڌَڻِي،
قادِرُ پَنھِنجيءَ قُدرَتَ سين، قائِمُ آھِ قَدِيمُ،
والِي واحِدُ وَحدَہٗ، رازِقُ رَبُ رَحِيمُ،
سو ساراھِ سَچو ڌَڻِي، چَئِي حَمدُ حَڪِيمُ،
ڪَري پاڻَ ڪَرِيمُ، جوڙُون جوڙَ جَھانَ جِي.
[ سُر ڪلياڻ، يڪتائي، 1 ]

سَميعُ بَصِيرُ عَلِيمُ، حَيُ ھَميشه، سو شَيءُ سائِرُ سَدائِين،
ھيڏي ھوڏي ھَٿَڙا، ڇا کي ڇو پائِين،
وَ فِیۡ اَنۡفُسِڪُمۡ اَفَلَا تُبۡصِرُوۡنَ ، ڏَسَڙو ڏِنائِين،
جانۡ ڪو جِيين ڏِينھَڙو، تان ڏوري لَھُ مَنجهائِين.
[ سُر آسا، وايون، 10 ]
ھيڏي ھوڏي ھَٿَڙا، ڇا کي ڇو پائِين،
وَ فِیۡ اَنۡفُسِڪُمۡ اَفَلَا تُبۡصِرُوۡنَ ، ڏَسَڙو ڏِنائِين،
جانۡ ڪو جِيين ڏِينھَڙو، تان ڏوري لَھُ مَنجهائِين.
[ سُر آسا، وايون، 10 ]
English Meaning
Enlighten, well informed, having all knowledge, the most wise (the ultimate property of The God) etc
عَلِيمُ ٻول جا زمرا