سَٿَ جي سنڌي معنيٰ
مجلس ڪچهري سنگت. جماعت. سماج انجمن. انبار ڍڳ گُندُ ڍيرُ کوڙ، ڪيچ. جھاز جو تخت.
ذريعو:جامع سنڌي لغات
English Meaning
An assembly. adj. Stored, accumulated, hoarded. Pressed down. Exhausted from weakness etc. a caravan, society.
سَٿَ جا بيتن ۾ حوالا
جوڙي جوڙَ جَھانَ جِي، پاڻُ ڪِيائين پَرِوارُ ،
حامِي، ھادِي، ھاشمِي، سَرِدارين سَرِدارُ،
سُنھي صَحابَنِ سَٿَ ۾، مَنجِهہ مَسِجِدِ مڻيادارُ،
چارَئِي چَڱا چؤڌارُ، ھُئا ھيڪاندا حَبِيبَ سين.
[ سُر ڪلياڻ، يڪتائي، 25 ]

لَڙُ مَ لاڙائُو ٿِئو، ھَلِي ڪَرِ ھِمَٿَ،
سِڄُ سامُهُون مُنھَن ۾، ڪَھَ ۾ ڪِجِ مَ ڪَٿَ،
سُپيرِيان جي سَٿَ، ڳاڙهي سِڄَ ڳالِهہ مِڙِين.
[ سُر حسيني، لَڙُ مَ لاڙائُو، جِيءُ ۽ آتڻ، 1 ]

طالِبُ قَصَرُ سُونھَن سَرُ، اِيءَ رُومِيءَ جي راحَتَ،
جَنِي ڏِٺِي سَٿَ، تَنِ ڪُڇِئو ڪِينَڪِي.
[ سُر يمن ڪلياڻ، صوفي ۽ طالب، 12 ]
جَنِي ڏِٺِي سَٿَ، تَنِ ڪُڇِئو ڪِينَڪِي.
[ سُر يمن ڪلياڻ، صوفي ۽ طالب، 12 ]
مَيا مَڃُ مِنَٿَ، اَڄُ مُنھِنجِي ڪَرَھا،
جهاڳِيندي جَرَ پَٽِيُون، مَتان ڪَرِيين ڪَٿَ،
سُپيرِيان جي سَٿَ، مُون کي نيئِي ميڙِيين.
[ سُر کنڀات، ڪرھو، چانگو، اٺ، 6 ]

اُونِهي مان اُڪارِيين، ھادِي ڏيئِي ھَٿَ،
ڏي دِلاسو دوسَ مُون، ڪامِلَ ٿِيئيمِ قُوَتَ،
سَندِي ساھَڙَ سَٿَ ھَلِي پَسان حُضُورَ ۾.
[ سُر سھڻي، دھشت دام درياھَ، 17 ]

آءُ راڻا راحَتَ، ڌُوڻَ ڌَرَتيءَ جا ڌَڻِي،
سِڪَنِ ٿِيُون سُھاڳَڻِيُون، سوڍا تُنھِنجِيءَ سَٿَ،
مُون تان لاھِ مَ ھَٿَ، ڪامِلَ ڌَڻِي ڪاڪِ جا.
[ سُر راڻو، راڻو راحت، رُٺو ڪاڪ، 4 ]

جِيئَري زِيارَتَ، جي مُون پِرِيَنِ سين،
سَڌَرَ مُنھِنجا سُپِرِين، مُون تان لاھِ مَ ھَٿَ،
مَولا مُون کي ميڙِين، سُپريان جي سَٿَ،
ڇَنڊِيان کيھَ اَکِيُنِ سين، پيرين وِجهان ھَٿَ،
ڏُوران ڏِٺَمِ سُپِرِين، ھُيَمِ جَنِي جِي سِڪَ.
اَدِيُون عَبدِالْلَطِيفُ چئَي، مَڃِيائُون مِنٿَ،
[ سُر رِپ، وايون، 3 ]

نَہ وَڍي نَہ وِڪِڻي، نَہ کِکِيءَ لائي ھَٿَ،
ڪُرَنائِيو ڪيتِرِيُون، مِڙِئو ڪَنِ مِنَٿَ،
جا سَمي وِھارِي سَٿَ، تَنھِن سين رِيسَ نَہ ڪَندِيُون راڻِيُون.
[ سُر ڪاموڏ، مِڙيوئي معاف، 4 ]