سَمُو جي سنڌي معنيٰ
سنڌ ۾ ھڪ وڏي قبيلي جو نالو.
ذريعو:ڀٽائي پيڊيا
English Meaning
Name of a big tribe in Sindh.
سَمُو جا بيتن ۾ حوالا
سَمُو تَنِ سَڏَ ڪَري، جَنِ تي وَڏو ويرُ،
اُٿِي تَہ آجِي ٿِيان، پاءِ پاڳوڙي پيرُ،
تو ريءَ ٻِئو ڪيرُ، سَرَڻِنِ جا سوٺا سَھي.
[ سُر بلاول، سمو سلطان ۽ ابڙو، 5 ]
اُٿِي تَہ آجِي ٿِيان، پاءِ پاڳوڙي پيرُ،
تو ريءَ ٻِئو ڪيرُ، سَرَڻِنِ جا سوٺا سَھي.
[ سُر بلاول، سمو سلطان ۽ ابڙو، 5 ]
آروڙِجِي اُٿِئو، ديِمنِ پيَسِ دانھَن،
پاٻُوھِيو پيرُ کَڻي، سَمُو سَرَڻَنِ ڏانھَن،
مَٿِئان مَٿي ٻانھَن، اُڀو آڇي سُلطانَ کي.
[ سُر بلاول، سمو سلطان ۽ ابڙو، 9 ]
پاٻُوھِيو پيرُ کَڻي، سَمُو سَرَڻَنِ ڏانھَن،
مَٿِئان مَٿي ٻانھَن، اُڀو آڇي سُلطانَ کي.
[ سُر بلاول، سمو سلطان ۽ ابڙو، 9 ]
سِرُ تانسِيئنءَ نَہ ڏِيان، حَمِيراڻا ٻارَ،
مُون وَٽِ مَھائِي گَهڻا، تُون ڪَرِ مِيرَ ٿَھارَ،
اُڇَلي عِراقِيَنِ سين، ڌَڙُ ڪَندوسين ڌارَ،
رِڻمَلُ رَبَ اَھارَ، ٿو سَمُو سونَهرِي ھَڻي.
[ سُر بلاول، سمو سلطان ۽ ابڙو، 15 ]
مُون وَٽِ مَھائِي گَهڻا، تُون ڪَرِ مِيرَ ٿَھارَ،
اُڇَلي عِراقِيَنِ سين، ڌَڙُ ڪَندوسين ڌارَ،
رِڻمَلُ رَبَ اَھارَ، ٿو سَمُو سونَهرِي ھَڻي.
[ سُر بلاول، سمو سلطان ۽ ابڙو، 15 ]
اَبَڙو اَگامَنِ ۾، سَٻَڙُ جِيئَن ٻيلي،
سي پَٽَ ڪَنھِن نَہ پُورِئا، جي ٿو ڀَڙُ ڀيلي،
سَمُو سانوَڻَ مِينھَن جِيئَن، رِڃُون ٿو ريلي،
اَچَنِ جي ويلي، تَنِ بورَ بَخشي ڀِٽَ ڌَڻِي .
[ سُر بلاول، سمو سلطان ۽ ابڙو، 17 ]
سي پَٽَ ڪَنھِن نَہ پُورِئا، جي ٿو ڀَڙُ ڀيلي،
سَمُو سانوَڻَ مِينھَن جِيئَن، رِڃُون ٿو ريلي،
اَچَنِ جي ويلي، تَنِ بورَ بَخشي ڀِٽَ ڌَڻِي .
[ سُر بلاول، سمو سلطان ۽ ابڙو، 17 ]
اَبَڙو وَڏَ وَڙو سُوَڙو، سامُون جَهلي،
سوٺا سَھي، سَمُو سُونھَن سَڀَنِ،
تو مَنِ تُرِڪَ اَچَنِ، ڪِيئَن ڪَرِيندين ڪَڇَ ڌَڻِي.
[ سُر بلاول، سمو سلطان ۽ ابڙو، 19 ]
سوٺا سَھي، سَمُو سُونھَن سَڀَنِ،
تو مَنِ تُرِڪَ اَچَنِ، ڪِيئَن ڪَرِيندين ڪَڇَ ڌَڻِي.
[ سُر بلاول، سمو سلطان ۽ ابڙو، 19 ]
جکَري جِھو، نَڪو سَمُو سِنڌُ ۾،
وائِي جَنھِن جي واتَ ۾، ڏِئو ۽ ڏِئو،
اَلا اَچي ڪو، ڏَڏُ وَڏو ڏانُ گهُري.
[ سُر بلاول، جکرو جوان، 11 ]
وائِي جَنھِن جي واتَ ۾، ڏِئو ۽ ڏِئو،
اَلا اَچي ڪو، ڏَڏُ وَڏو ڏانُ گهُري.
[ سُر بلاول، جکرو جوان، 11 ]
ڪوھُ نَہ جُھارِيين جَکِرو، جَو ويلو ڪَنھِن نَہ وِجهي،
سَمُو تَنِ سَنَڃي، جٖي اَڻَ تِوڻِئا عالَمَ ۾.
[ سُر بلاول، جکرو جوان، 20 ]
سَمُو تَنِ سَنَڃي، جٖي اَڻَ تِوڻِئا عالَمَ ۾.
[ سُر بلاول، جکرو جوان، 20 ]
ڪوھُ نَہ جُھارِيين جَکِرو، سَمُو سُونھَن سَڀَنِ،
دائِمُ جَنھِن جي دَرَ تي، آسائو اَچَنِ،
پِيتو طَھُورا تَنِ، جَنِ گَنگا جَرُ گَڏِئو.
[ سُر بلاول، جکرو جوان، 22 ]
دائِمُ جَنھِن جي دَرَ تي، آسائو اَچَنِ،
پِيتو طَھُورا تَنِ، جَنِ گَنگا جَرُ گَڏِئو.
[ سُر بلاول، جکرو جوان، 22 ]
سَمُو سَوائِي، ٻَھُون ٻِئَنئان وِتَرو،
دانَهہ جي دَرٻارِ ۾، وَرَتي اِيءَ وائِي،
ڳَھڙَ ڳالَهائِي، مَھَڙَ سَڀَ مَلَهائِيا.
[ سُر بلاول، جکرو جوان، 25 ]
دانَهہ جي دَرٻارِ ۾، وَرَتي اِيءَ وائِي،
ڳَھڙَ ڳالَهائِي، مَھَڙَ سَڀَ مَلَهائِيا.
[ سُر بلاول، جکرو جوان، 25 ]
سَمُو سَخاوَتَ جِي، اُڀو پُڇي پَرِ،
ڪوٺي ڪَنگالَنِ کي، ڏي دِلاسو دَرِ،
مَٿي وِلَهنِ وَرِ، ڏِھاڙِي ڏاتارَ جِي.
[ سُر بلاول، مجوسِي، ڄام ۽ جادم، 14 ]
ڪوٺي ڪَنگالَنِ کي، ڏي دِلاسو دَرِ،
مَٿي وِلَهنِ وَرِ، ڏِھاڙِي ڏاتارَ جِي.
[ سُر بلاول، مجوسِي، ڄام ۽ جادم، 14 ]
English Meaning
Name of a big tribe in Sindh.